19/01/2013

عبدالخالق عبد جي شاعري - منور ملاح




عبدالخالق عبد جي شاعري
سوچن جو سنسار


منور ملاح
سينئر شاعرن جي احساسن کي ڇهندي ڪيئن سوال جاڳي پوندا آهن، شايد پهاڙن کي سمجهڻ جي لاءِ چنڊ ٿيڻو پوندو آهي. سينئر ليکڪ پنهنجي تجربي ۽ مطالعي جا امين هوندا آهن، ڇو ته اهي ادبي هاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جي علم ۽ روشني جا حوالا هوندا آهن، جنهن جي آدرشن ۽ ڪاوشن تي ايندڙ قومون ترقي ۽ رهبري وٺنديون آهن. سنڌ جي ادبي قداور نالن ۾ ”سائين عبدالخالق عبد“ به هڪڙو تاريخ جو اهم باب آهي. سندس شاعري جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”سوچن جو سنسار“ منهنجي سامهون آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم ۽ ڪافيون شامل آهن.

سندس لکڻ جو انداز سادو ۽ نرالو آهي، عام فهم ۾ به سگهارا دليل الڳ ادبي سڃاڻپ آهن. سندس شاعري ۾ رواني ۽ موسيقي غضب جي آهي. سندس شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي محاورا، تشبيهون ۽ استعارا لاجواب ڪري ٿا ڇڏين. سندس شاعري جي ڪتاب کي پڙهڻ سان لڳندو، محبوب جي ادائن ۽ وفائن جي سحر ۾ آهيون. بلوچ هوندي به سنڌي تلفظن کي ڏاڍي مٺڙي ۽ خالص لهجي ۾ رکيو اٿس. هر عاشق سنڌ ۽ محبوب جي ڳالهه پنهنجي انداز ۾ ڪندو آهي، پر ان جو آواز ساڳيو ئي مٺڙو هوندو آهي، آرزوءَ ۾ سندس سنڌ ۽ محبوبيت جو احساس هنن سٽن ۾ ڪمال جو آهي.
گڏ هجان بس سونهن جي سرهاڻ سان,
سِر لڳي محبوب سان مهراڻ سان.
ڪراچي هجي يا سنڌ جو ڪوبه شهر ۽ ڳوٺ، اڄڪلهه امن جو پکي ڏاڍو اداس آهي. زندگي خوف جي سائي ۾ گذارڻ ڪيڏي نه سزا آهي. ملڪيتن، عزتن، جان وَ مال، عبادتگاهون، درس گاهون سڀ غير محفوظ آهن. شاعر جي معصوميت ۾ ڪيڏي نه سهڻي تمنا ۽ ڀاوَنا آهي! هو آزاد ماحول ۾ هنن سٽن جيان رهڻ چاهي ٿو:
امن ۾ روشني آهي، امن ۾ زندگي آهي
لڙائي موت جو سڏ آ، امن ۾ دلڪشي آهي
امن، محبت ۽ جياپي جي سڪون جو نالو آهي، شاعر ان نياپي جا ڪبوتر هوندا آهن.
سندس ڪافي جو رنگ ۽ اسلوب به پنهنجي الڳ ورائٽي ۾ آهي، ڪافي جي گهٽجندڙ لاڙي کي نئين روح وجهڻ جي ڀلوڙ ۽ ڪامياب ڪوشش آهي. مان چوندس ته ان ڪافي جي معيار ۾ سندس نالو به نمايان لڳي ٿو. تجرباتي ۽ مشاهدي عڪس جلواگر آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪافي کي ڪافي پسند ڪيو ويو آهي. اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل لکيل ذهنن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي!
دولت ۽ شهرت جي پويان جيون ارپي ڇڏڻ ڪيڏي نه انسانيت ۽ رشتن جي نفي آهي، اولاد دل تي پٿر رکي پرديس ۾ ڌارائپ جي احساس ۾ رهندي به عجيب ناهن. حيرت ۽ غصو آهي، اهو ڪيڏو نه جهوريندڙ ۽ ماريندڙ درد آهي، جيڪي جيئري ماءُ ۽ پيءُ کي وساري پنهنجي زندگي جي آسائش ٿا ڳولين. پرديس ۾ والدين کي اکين ۾ بيقراري پل پل ٻاٻرا ڪنڊا ٿي لڳي ۽ انتظاري اکين جو نوحو ناهي ته ٻيو ڇا هي. ”رشتن کي چين ڪونهي“ ڪيڏي نه ڏاهپ ۽ آفاقي سٽ آهي، جنهن جو سارو وجود پوڙهن هڏن ۾ ٽٽندڙ احساس جهڙو آهي. اولاد جي سنگدلي جو عڪس هنن سٽن ۾ ممتا جي عڪاسي آهي!
پيءَ ماءُ کي ڇڏي هو پرديس ۾ رهي ٿو
رشتا عظيم آهن، رشتن کي چين ڪونهي
مون سندس آٽوگراف اڄ به ٿوهر جيان محسوس ڪيو آهي، جنهن ۾ سج ۽ روشني جو درد آهي، ”سيج گلڙن جي نه آهي شاعري، درد جو هڪ گهر پراڻو آهي“ شاعري سان وابستگيءَ کان پوءِ ”درد جو گهر پراڻو“ وارو اصطلاحي استعارو سمجهه ۾ اچي ويو آهي.
دل واري تي پير ناهي جيڪو واءُ جي ضرب ۾ ڀڪن جيان ڊهندو رهي. دل واسطن جي اميد آهي، جنهن جو سج ڪڏهن به اڀري سگهي ٿو. دل مايوس ۽ بزدل ارادن کان ڏور رهي ٿي. دل عشق جي ارڏائي ۽ نهٺائي جو ڀرم آهي. عشق جا واسطا ڪتبن جيان ڪڏهن به ڪَر موڙي لاجواب ڪري سگهن ٿا. واسطا عشق جي ضمير جا امين هوندا آهن! ڇو ته هي سٽون به اهڙي واسطي جي اميد جو ڀرم آهن!
هن وساريو مون وساريو پر زباني ڳالهه هئي
اڄ اسان جا واسطا، ڪر ڀڄي جاڳي پيا
ائين جيئن برسات کان پوءِ ٿر جي مٽي مان خوشبو ۽ کنڀيون نڪري نروار ٿينديون آهن، ائين ئي واسطا جوڀن جي آر جون آرسون آهن، جنهن جو جلوو ۽ حسن بي معنيٰ ناهي.
سائين عبد گهڻي قدر مون ڏٺو آهي، ڏاڍو نماڻو ۽ حساس رهيو آهي. سندس لهجي ۽ اقرار ۾ محبت جو درياهه ڇوليون هڻي ٿو، جنهن مان ڪئين ڏات جا اڃارا پنهنجي حصي جي اڃ کي اجهائي رهيا آهن، پاڻ هر نسل کي پنهنجي ڏات جي غيرت ٿو سمجهي، سندس تڪليف برداشت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته سندس اندر ۾ احساساتي روح آهي، سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ ۾ کيس سنڌ ٿي نظر اچي، اهو اعتماد ۽ پيار جو ثبوت آهي.
”نفرت ڪرڻ حرام آهي“ خودڪشي کي حرام ٻڌندا اچون پيا پر نفرت کي حرام سان تشبيهه نئين ۽ غضب جي آهي. سندس مطالعي جي سگهه آهي، جيڪا ڪارائتي ۽ حسناڪ آهي.
نفرت ڪرڻ حرام آ، نفرت جي آهي نفرت
محبوب منهنجا مون کي مرڪن سان دوستي آ
تڏهن ته کار جي اکين کي به گلاب ٿو ارپي، اهو صبر ۽ وڏائي کيس عظيم ڪري رکيو آهي، سندس ڪردار ۽ شاعري کي.
اسان جي ڌرتي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، اسان تاريخ تي ويساهه ڪندڙ ماڻهو آهيون، اسان جي عشق اسان جي احساس هر دؤر ۾ گلاب پوکيا آهن، تڏهن ته ڀٽائي جي رسالي کي پڙهون ٿا.
ان جي صحن تي خوشيون ۽ محبوبيت جا معجزا ماڻيون ٿا.
ڀٽائي ڦلن، چوڙين، مٺائي، ملاکڙن، تحفن جو نالو ناهي، ڀٽائي انسانيت ۽ محبت جو اڱڻ آهي، سائين عبد به ان جي گواهي ڏئي ٿو.
ڀٽائي جو ميلو اجهو ڄاڻ آ
محبت مقالا سڏن ٿا پيا.

No comments:

Post a Comment