07/04/2013

تاريخ جي خوني ڳلين مان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


اصغر تنها جو سهيڙيل هڪ شهيدنامو
تاريخ جي خوني ڳلين مان
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي مٿين سٽ جڏهن پڙهجي ٿي ته نه رڳو اهو دور اکين اڳيان اچي ٿو، جنهن دور ۾ اياز هيءُ نظم لکيو هو، پر اها جدوجهد به ياد اچي ٿي، جنهن ۾ اسين پنهنجي جوانيءَ ڏانهن ايندڙ ڏينهن ۾ روڊن تي نڪري، نعرا هڻندا هئاسين ۽ پوءِ پوليس پاران اڇلايل ڳوڙها آڻيندڙ گيس گولن کان بچڻ لاءِ قميص جا اڳيان پلاند پاڻيءَ ۾ پسائي جلوسن ۾ شامل ٿيندا هئاسين.
اڄ جڏهن انهن خوني ڳلين مان سفر ڪري ان ئي جدوجهد جي عيوض پنهنجي فتح طور آيل پ پ دور تي نظر وجهون ٿا ته وري اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون اچن ۽ وري جڏهن ان هلايل تحريڪ جنهن کي ايم آر ڊيءَ جو نالو ڏنو ويو هو، جنهن جي پليٽفارم تان اها تحريڪ هلي هئي، ان ۾ شهيد ٿيندڙن جا چهرا ٿا اکين اڳيان اچن ته هڪ طرف اندر ۾ فخر محسوس ٿو ٿئي ته اسين ان ويڙهه ۾ شامل هئاسين، ٻئي طرف ان ويڙهه جي نتيجي ۾ مليل اقتداري شخصن ڏي ڏسجي ٿو ته هڪ ندامت جو احساس جاڳي ٿو ته انهن اقتدار جي مسند تي سالن جا سال رهي به انهن شهيدن جي پونئيرن جي ڪا سنڀال نه ڪئي، جن جي وارثي ان نوجوان ڪئي آهي، جيڪو ان ئي خطي توڙي طبقي جو آهي، جنهن جو نالو آهي اصغر تنها، جنهن 29 سيپٽمبر تي ٿيل انهن سڀني شهيدن تي هڪ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن کي هُن نالو ڏنو آهي، ”تاريخ جي خوني ڳلين مان“.

اصغر تنها هيءُ ڪتاب مرتب ڪري ، انهن گمنام شهيدن کي تاريخ جو نه وسرندڙ حصو بڻايو آهي. ٻيءَ طرح هيءُ شهيد اسان جي اکين ۽ دلين توڙي دماغن ۾ سدائين رهندا ۽ جڏهن به وطن لاءِ ان جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي ڪا ويڙهه وڙهي وئي ته هنن شهيدن جي ويڙهه اسان جي رهنمائي ڪندي.
 ڪتاب ۾ ڪيترائي اهم مضمون، تاثر ۽ بيان آهن جيڪي هن واقعي ۽ ان ۾ شهيد ٿيندڙن بابت آهن. لکندڙن ۾ اديبن، شاعرن، عالمن کان وٺي سياستدانن ۽ سماج سڌارڪن جا نالا شامل آهن. شهيدن جي تصويرن سان ڇاپيل ٽائيٽل واري هن ڪتاب کي شهيدنامو ڪوٺي سگهجي ٿو، جيڪو ڳوٺ پنهل کان چانڊيو سڪرنڊ لڳ ٿيل معرڪي جي وقت شهيدن بابت آهي. هن ڪتاب جو ملهه 180 رپيا آهي. هيءُ ڳوڙها آڻيندڙ ڪتاب سنڌ جو هڪ دور جو ڪيڏارو آهي.

No comments:

Post a Comment