ٻوليءَ جو غلط استعمال
وحيد محسن
ڪنهن
به قوم جي سڃاڻپ جي حوالي سان جڏهن تحقيق ۽ کوجنا ڪئي وڃي ٿي ته سڀ کان پهريائين
ان قوم جي ٻوليءَ کي مرڪز بڻايو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه مان اهو اندازو بخوبي لڳائي
سگهجي ٿو ته ٻولي جي ڪيتري اهميت آهي! موجوده دؤر ۾ سنڌي ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو
استعمال ڪيتري قدر موزون رهيو آهي، ان حوالي سان جڏهن مون مختلف ڪتابن جو مطالعو
پئي ڪيو ته آئون دنگ رهجي ويس! بهرحال جڏهن اسان جا جڳ مشهور ليکڪ ٻوليءَ ۾ ڌارين
لفظن جو استعمال عام ڪندا ته نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي ڪهڙي ميار ڏيون.
”ٻولي
فرد کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ٿي ۽ هُن ۾ پنهنجي ذاتي گڻ جي موجودگيءَ ۽ ان جي واڌ
جو احساس پيدا ڪري ٿي. ٻولي فرد لاءِ ۽ قوم لاءِ، دنيا ۾ ۽ مشترڪ انساني زندگيءَ ۾
پنهنجي مخصوص جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام مڃيل ۽ ثابت ٿيل تمام وڏو ۽ سگهارو وسيلو
آهي. جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان
پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي.“