30/04/2013

ٻوليءَ جو غلط استعمال - وحيد محسن (Waheed Mohsin)


ٻوليءَ جو غلط استعمال
وحيد محسن
ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ جي حوالي سان جڏهن تحقيق ۽ کوجنا ڪئي وڃي ٿي ته سڀ کان پهريائين ان قوم جي ٻوليءَ کي مرڪز بڻايو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه مان اهو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته ٻولي جي ڪيتري اهميت آهي! موجوده دؤر ۾ سنڌي ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪيتري قدر موزون رهيو آهي، ان حوالي سان جڏهن مون مختلف ڪتابن جو مطالعو پئي ڪيو ته آئون دنگ رهجي ويس! بهرحال جڏهن اسان جا جڳ مشهور ليکڪ ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن جو استعمال عام ڪندا ته نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي ڪهڙي ميار ڏيون.
”ٻولي فرد کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ٿي ۽ هُن ۾ پنهنجي ذاتي گڻ جي موجودگيءَ ۽ ان جي واڌ جو احساس پيدا ڪري ٿي. ٻولي فرد لاءِ ۽ قوم لاءِ، دنيا ۾ ۽ مشترڪ انساني زندگيءَ ۾ پنهنجي مخصوص جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام مڃيل ۽ ثابت ٿيل تمام وڏو ۽ سگهارو وسيلو آهي. جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي.“

اخلاق انصاريءَ جو ناول ”اڏوهي“ - رئوف نظاماڻي (Raouf Nizamani)


اخلاق انصاريءَ جو ناول ”اڏوهي“
رئوف نظاماڻي
هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اخلاق انصاريءَ جي هڪ مڃيل حيثيت آهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. اڏوهي سندس پهريون ناول آهي. ڪهاڻيءَ ۽ ناول هونئن ته هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن پر ڪهاڻي رڳو فرد/سماج جي ڪنهن مخصوص پاسي تي زور ڏيندي آهي جڏهن ته ناول جو ڪئنواس وسيع هوندو آهي، ان ۾ ليکڪ نه رڳو فرد ۽ ان جي ماحول جي سڀني سٺن ۽ خراب پاسن جو احاطو ڪندو آهي پر گڏوگڏ زندگيءَ ۽ ڪائنات ڏانهن پنهنجي نڪتهء نظر کي پڻ واضح ڪندو آهي.
ڊاڪٽر زواگو ماسڪو جي زندگيءَ جي گهماگهمي ۽ ڀڄ ڊُڪ وغيره کي ڏسندي اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اڄ جي جيئري ٻولي شهري ٻولي آهي. اهڙي ماحول ۾ فنڪار ڳوٺاڻي ٻولي ۽ تشبيهون ڪٿان آڻيندو. هو جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش به ڪندو ته اهڙي ٻولي زندگيءَ مان نه پر رڳو ڪتابن مان حاصل ڪيل ٻولي هوندي.

29/04/2013

يادن جا ورق ــ جديد سنڌ جي تاريخ - همسفر گاڏهي (Hamsafar Gadehi)


يادن جا ورق ـــــ جديد سنڌ جي تاريخ
همسفر گاڏهي
دادو جو سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي تاريخ ۾ پنهنجو رتبو آهي. هن ڌرتيءَ ڪيترن ئي دودن کي جنم ڏنو آهي، مخدوم بلاول کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ۽ استاد بخاري، تاج صحرائي کان وٺي سائين علي احمد قريشيءَ تائين هر ڪنهن ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي. هن بزرگ شخص سان منهنجي ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن آءٌ ڪراچي کان جڏهن به دادو ويندو هئس ته شوڪت سنڌي صاحب سان سندس مٺائيءَ جي دڪان تي وڃي ملبو هو، پوءِ ٻه ٽي ڀيرا شوڪت صاحب جي مهربانيءَ سان قريشي صاحب سان سندس آفيس ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون. نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو شخص، مون کي اڄ به چند اهڙن ماڻهن مان لڳندو آهي جن سان ملي اتساهه ۽ اميد پيدا ٿيندي آهي.

وطن واويلا ۽ سنڌ جا جعفر - ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي (Dr. Muneer Bhurgri)


وطن واويلا ۽ سنڌ جا جعفر
ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي
سنڌي شاهوڪار ادب ۾ سنڌي هندو اديبن کان پوءِ وڏو ”خال“ پيدا ٿيو هو. ان کي جن سنڌي اديبن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي ”ون يونٽ“ جي زماني جا اديب چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، ابراهيم جوئي، شمشير الحيدري، سراج، آغا سليم، رشيد ڀَٽي، امر جليل، قمر شهباز، رسول بخش پليجي ۽ طارق اشرف سميت سون جي تعداد ۾ هڪ وڏي کيپ هئي جن ”سنڌي ادب“ ۾ ڌاڪو ڄمايو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي اديبن جي لڏي ڪجهه عرصي لاءِ ”خاموشي“ اختيار ڪئي، ڪجهه سياست ۾ هليا ويا، ڪجهه نوڪرين ۾ ويا ۽ ڪجهه خاموش ٿي ويا، پر ضياءَ الحق جي آمريت سنڌي اديبن کي اها چرپر مهيا ڪئي ته هو ٻولي، جمهوريت ۽ آمريت خلاف ميدان ۾ اچن. ان دَور ۾ سينيئر اديبن کان سواءِ نون اديبن جي هڪ قطار سامهون آئي، نورالهندي، نثار حسيني، طارق عالم ابڙو، نصير مرزا، نثار حسيني، اياز گل، آڪاش انصاري، نياز پنهور، اخلاق انصاري، ادل سومرو ۽ ڪيترائي ٻيا ميدان ۾ آيا.

26/04/2013

راشد بروهيءَ جي شعري مجموعي ”گھڙين ٻَڌا گھنگھرو“ جو مهاڳ - علي زاهد (Ali Zahid)


نوجوان شاعر راشد بروهيءَ جي شعري مجموعي ”گھڙين ٻَڌا گھنگھرو“ جو مهاڳ
جذبن جي سنڌوءَ جل مان وهنتل فڪر
علي زاهد
راشد بروهيءَ جي شاعري اصل ۾ جذبن جي سنڌوءَ جل مان وهتل فڪر آهن، سندس بيان انهن ماڻهن لاءِ بنهه ناهي جيڪي ادب کي جاميٽري باڪس وسيلي ماپيندا آهن يا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر سندس تخيل جي تختي انهن پڙهندڙن لاءِ آهي جيڪي سمجهن ٿا ته شاعر جو ڪم امڪان جي ماڳ کي چمڻ آهي ۽ ان چميءَ مان ملندڙ لمس کي ۽ ان جي ذائقي کي لفظن وسيلي عام ڪرڻ آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعري راشد جي روحاني پورهيي جو ثمر آهي جيڪو سندس ذات سان سلهاڙيل آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس هن ڪتاب ”گهڙين ٻڌا گهنگهرو“ جو مطالعو ڪرڻ وقت اوهان کي ان ڳالھ جو احساس ضرور ٿيندو ته شاعر حق جي ڳولا واري پنڌ دوران پنهنجي ذات جو طواف ڪيو آهي. ايئن به ناهي ته زاشد جي شاعري صرف داخلي ڀڃ ڊاھ ۽ وجود جي وارتائن جون ڪٿائون آهي، راشد جي شاعريءَ ۾ موجود ڪيترا ئي خيال اهو سمجهائي ٿا وڃن ته  داخليت جي خارجيت کي سمجهڻ لاءِ روح جي ڪهڙين گهاٽين ۽ ڪنڊائين وادين مان گذرڻو پوي ٿو ۽ روح کي ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سندس تخيل جو رٿ ڪٿي ڪٿي انتهائي منطقي انداز سان هڪ ماڳ تي وڃي کن پل لاءِ وسرام ڪري ٿو جتي داخليت انهن سمورين وارتائن کي رد ٿي ڪري جيڪي وجود جي اندر لقائن جي عڪاسي نٿيون ڪن.
تنهنجي سڏ تي وري رهيو آهيان،
مان اجهي ۽ ٻري رهيو آهيان.

24/04/2013

سروپچندر شاد جي ادبي گوشه نشيني! - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


”سروپچندر شاد“ جي ادبي گوشه نشيني!
مشتاق گبول
مور- کنڀن جهڙا سُندر سُندر گيت، وايون، نظم ۽ دوها لکندڙ، سنڌي شاعريءَ جي وڏي نالي گُذريل ”ٽيهارو“ سالن کان ”ادبي گوشه نشيني“ اختيار ڪئي آهي! حيرت جي ڳالهه اِها به آهي ته ”مِٺي جي هن مور“ جو نالو ۽ ذڪر ڪنهن به اديب کان ڪرڻ نه پُڄيو! اسان پنهنجي ٻوليءَ جي هڪ وڏي شاعر کي ان جي جيئري ئي وساري ڇڏيو آهي! ۽ هڪڙو نسل (اڄ جو نسل) ان جي شاعريءَ کان واقف ناهي!

خمار، گيت، چاندني جي خوشبوءِ - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


خمار، گيت، چاندني جي خوشبوءِ
مبارڪ علي لاشاري
سنڌ ۾ روايتي شاعرن جي گهڻائي ۽ تڪ بندي واري شاعري جي ماروماري پنهنجي جاءِ تي هڪ چڀندڙ احساس آهي، جنهن جي انت ۾ ڪيئي سوال لکيل آهن. مون اسلام آباد ۾  ڪجهه سالن جي عرصي دوران ان تي ڪافي دفعا سوچيو ۽ لکڻ جو ارادو ڪيو هو، پر ڪن ڳالهين سبب نه لکي سگهيس يا لکڻ نه آيو يا مورڳو لکڻ جي جرئت نه ٿي هئي، جو آئون ڪير هوس؟ ڇا هوس/آهيان؟ پر سنڌ ۾ اچي مون کي احساس ٿيو ته انهي ڪثرتي سطح تي لکجندڙ ۽ ڇپجندڙ شاعري ۾ ڪافي حصو اصولِ عقيدت تي آهي، جنهن ۾ شاعري براءِ شاعري نه، شاعري براءِ جذبو ۽ حب ۽ شاعري سبب فهم پڻ آهي.

مبارڪ علي لاشاري ۽ سندس ڪتاب ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ - اياز لطيف دايو (Ayaz Latif Dayo)


زندگي جي حسناڪين جو ڪردار مبارڪ علي لاشاري
۽ سندس ڪتاب ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“
اياز لطيف دايو
ادب، شاعري ۽ فلسفي جي دنيا ڪائنات جيتري وسيع آهي، جهڙي طرح پوري ڪائنات جي ڦهلاءَ کي ڪنهن سوچ، فڪر ۽ فهم ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي اهڙي طرح انهيءَ دنيا جي اڻکٽ ڪتابن جا جيئن ورق ورائيندا وينداسين ته نوان مظهر، نيون ڌارائون ۽ نوان موضوع اسان جي سامهون ايندا ويندا.
اڄ کان لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جڏهن اسان جي ڪائنات وجود ۾ پئي آئي ته ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ته ڪائنات اهو فطري سفر اڄ جي جديد دنيا کي اهڙو جنم ڏيندو جنهن ۾ اسان جي ڪائنات هڪ عالمي ڳوٺڙي (Global Village) واري عالمي اصطلاح کان به اڳتي وڌي ڪري آڱر جي هڪ ڇهاءُ کان بعد ۾ اسان جي آڏو ذهن جي اسڪرين تي تري ايندڙ انيڪ سوالن جا جواب اهڙي طرح سامهون اچي وڃن ٿا جو اسان پنهنجي شعوري ڪوشش جي باوجود انهي نتيجي تي پهچي نٿا سگهون ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو. پر جڏهن اسان ادب، شاعري ۽ خاص ڪري فلسفي جي دنيا جي گهرائي ۾ وينداسين ته محسوس ٿيندو ته اهو عمل نه هڪ ڏينهن جو نتيجو آهي ۽ نه وري ڪائنات جو فطري سفر پنهنجو پاڻ منزل طئي ڪري موجوده ماڳ تي پهتو آهي پر اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته انهي سوچ جي ابتدا مسيح جي پيدائش کان اٽڪل ڇهه سَو سال اڳ يونان ۾ شروع ٿي.

22/04/2013

شعري مجموعي ”سفر زندگيءَ جو“ جو مُهاڳ - امر اقبال (Amar Iqbal)


غلام علي گوهر جي شعري مجموعي ”سفر زندگيءَ جو“ جو مُهاڳ
تو کان سواءِ دلبر! دل ۾ نه ڪا خوشي آ
امر اقبال
هِنَ کان اڳ ۾ مان سائين غلام علي ”گوهر“ جي شاعري تمام ٿوري مقدار ۾ مختلف جاين تي پڙهي ته چڪو هئس، ۽ ريڊيو خيرپور تان ڪڏهن ڪنهن سريلي آواز ۾ سندس ڪوئي غزل به ٻُڌي ورتو هوندم، پر پهريون دفعو مان ان وقت حيران ٿي ويس، جڏهن پياري غفور چانگَ، سائين غلام علي ”گوهر“ جي هيڪاندي شاعري مون اڳيان رکي ۽ ان تي پنجَ اکر لکڻ لاءِ چيو. مان اُنَ وقت، ان نتيجي تي پهتس ته ساميءَ وارا مَٽَ صرف شڪارپور ۾ ئي ڪونه هُئا، جن ۾ ڀائي چين راءِ بچو مل لُنڊ پنهنجا ”سلوڪ“ سانڍيندو ويندو هو، پر اهڙو هڪ اڌ مَٽُ ته حسين آباد جي هِن سادڙي ۽ سٻاجهڙي ماڻهوءَ وٽ به موجود هُيو، جنهن ۾ هُو پنهنجيون سهڻيون ۽ سادڙيون سٽون اڇلائيندو پئي ويو. شابس هُجي غفور کي جنهن انهن سمورين سٽن کي سهيڙي ”سفر زندگيءَ جو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾، اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي.

19/04/2013

سَعيد جي شاعري - امر اقبال (Amar Iqbal)


سَعيد جي شاعري سندس رُوحَ جو لباس آهي
امر اقبال
پنهنجي منفرد لهجي، احساسن جي شدت، جذبن جي سچائي، بنهه سلوڻي ۽ نيچرل انداز سبب، سعيد ميمڻ نوي واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان ئي سنڌي شاعريءَ جي اُڀَ تي هڪ سيليبريٽيڊ شاعِرَ جي حيثيت ۾ چَمڪيو ۽ سندس ڏيئا ڏيئا ڏات جي اها ڏِک اڃان تائين قائم آهي. هي اهو دؤر هيو جڏهن سعيدَ پنهنجي شاعريءَ جي سفر ۾ هڪ ٽَرننگ پوائنٽ ورتي، هُنَ ”سعيد عاقلي“ جو چوغو لاهي ڦِٽو ڪَيو ۽ ”سعيد ميمڻ“ جي نانءَ سان سنڌي شاعريءَ جي شهرَ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري هڪ عجيب بيپرواهيءَ سان گهمڻ لڳو. سعيدَ، شاعريءَ کي ڪجهه اهڙيءَ ريت پنهنجي مٿان طاري ڪيو، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاعري سندس روح جو لباس هجي. ايئن به محسوس ٿيندو ڄڻ سعيدَ جي شاعريءَ جي هر سٽ سندس دل جي وٿين مان اُڀري آئي هجي ۽ ايئن سعيد جون سٽون پڙهندڙن جي دلين جي وٿين ۾ لهڻ جي سگهه به رکين ٿيون:
شاعري  آ  اسان  لئه ڇُري ٿي پئي
۽ اوهان شعر مان فرحتون ٿا وٺو؟!

18/04/2013

ڪتاب سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


مختيار احمد ملاح جو لکيل ڪتاب
سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
سنڌي ناٽڪ/ڊرامي جي لکت ۾ تاريخ سئو سوا سئو سالن کان گهڻي نه ٿيندي پر ان جي جزن جي کوج اسان کي صدين تائين شايد پوئتي وٺي وڃي، جنهن بابت به سنڌ ۾ ڪا گهڻي تحقيق نظر نٿي اچي، ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ هڪ نهايت اهم دستاويز ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي اها ٿيسز آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر 1880 کان 1980 تائين“.
سنڌ ۾ به ڪي ڪتاب موجود آهن، خاص طور غلام حيدر صديقي صاحب جو ”ننڍي کنڊ ۾ ڊامي جي تاريخ“. تازو ئي ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان، مختيار احمد ملاح جو ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو هڪ اهم دستاويز جي صورت وٺي بيٺو آهي.

ڪتاب سنڌي ناول جي مختصر تاريخ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


مختيار احمد ملاح جو لکيل ڪتاب
سنڌي ناول جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
مختيار احمد ملاح سنڌ جي اڄ جي نوجوان لکندڙن مان اهڙو نوجوان آهي، جنهن پهريان چئي ڇڏيو آهي ته هو نقاد نه آهي ۽ ان کان اڳ ۾ به هن ڪنهن قسم جي نماءَ کان پاسو ڪيو آهي، پوءِ به هن جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال سندس ٽهيءَ ۾ وري ملي سگهندو. هن سنڌي ادب بابت اڪيڊمڪ مطالعو ڪيو آهي ۽ سنڌ جي وڏن چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ سنڌ جي ادبي تاريخ بابت ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا آهن، پر انهن سڀني ۾ هن جو اهم ڪتاب اهو ضخيم ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“. هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ موجود داخلائون پڙهي ۽ ڏسي مختيار جي پورهئي تي حيرت ٿئي ٿي. ساڳئي وقت هيءُ هڪ اهڙو ڪتاب ٿي سامهون آيو آهي، جنهن کي حوالي طور ڪنهن به وقت استعمال ڪرڻ مان فائدو ملندو.

17/04/2013

شعري مجموعي ”مان تنهنجو هان“ جو مُهاڳ - امر اقبال (Amar Iqbal)


سجاد ميراڻيءَ جي شعري مجموعي ”مان تنهنجو هان“ جو مُهاڳ
سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!
امر اقبال
گلابن جو شهر پريالوءِ، جيڪو اصل ۾ ”پريان لوءِ“ آهي، يعني ”پريُن جو شهر“، ۽ هن شهر جون وري ڪيتريون ئي سڃاڻپون آهن. مخدوم محمد اسماعيل رحه جي مزار تي ”سوالين“ جا ميڙَ، شهر جي چوڌاري ڦهليل گلابن جا مهڪندڙ کيت، سرمد سنڌيءَ جو سڏ ـ پڙاڏن جهڙو آواز... ۽ سڃاڻپ جي ان سفر ۾ اسان جي دوست سجاد ميراڻيءَ جو نالو به شامل ٿي ويو آهي، جنهن جي سهڻي ۽ سلوڻي شاعري وري سندس سڃاڻپ بڻجي وئي آهي.

پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جو مُهاڳ - امر اقبال (Amar Iqbal)


پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جو مُهاڳ
پيارُ ، جنهن جو ڪنهن به مندَ سان ٺاهه ناهي رهيو!
امر اقبال
جڏهن محبوبا ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، تڏهن سگريٽ پيئڻ شروع ڪبا آهن ۽ جڏهن شاعري ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، تڏهن ناول لکڻ شروع ڪبو آهي. ناول لکڻ ائين آهي جيئن سفيد ڪاغذ تي رنگين پينسلن سان بي ترتيب لڪيرون پائڻ. ڪاغذ تي پاتل لڪيرن کان وٺي اسان جي هٿن جي لڪيرن تائين، هڪ ڊگهو الجهاءُ پکڙيو پيو آهي. بي ترتيبي خاموشيءَ سان اسان جي اندر ۾ گهڙي آئي آهي ۽ اسان سڀني جا من ”ڪراچي“ بڻجي ويا آهن.

15/04/2013

اياز گل جو ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


اياز گل جو ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“
مشتاق گبول
منهنجي هٿن ۾ اياز گل جو ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ آهي. اياز گل جيئن ڏسڻ ۾ خوبصورت چهري جو مالڪ آهي، تيئن خوبصورت شاعريءَ جو خالق آهي. اياز گل جي شخصيت ۾ نازڪ مزاجي ۽ نازڪ پڻو تمام گهڻو آهي. هن جي شخصيت واري نازڪ مزاجي ۽ نازڪ پڻو، هن جي شاعريءَ ۾ به ڏسڻ جهڙي آهي. اياز گل جي شخصيت ۾ مون هيءَ ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته هُن وٽ ”ٽهيءَ- وڇوٽي“ وارو ليکو ناهي. هُو پاڻ کان بعد ۾ ايندڙ ٽهيءَ کي به عزتون ۽ محبتون ”ڀائرن“ وانگي ڏيندو رهندو آهي. اِها اياز گل جي وڏائي آهي ۽ اِها هن جي شخصيت جي اهم خوبين مان هڪڙي خوبي پڻ آهي.

ڪوتا ڪتاب ”اکين جي شهر ۾“ تي هڪ نهار - امر اقبال (Amar Iqbal)


جانب ناز غوريءَ جي ڪوتا
جانب ناز غوريءَ جي ڪوتا ڪتاب ”اکين جي شهر ۾“ تي هڪ نهار
موتئي جي مهڪار هوا ۾ وکري وئي
امر اقبال
”حسن جي تخليق خدا جي صفت آهي، جي شاعر اُها پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهي ته کيس ٻيو ڇا گهرجي“: شيخ اياز
ڪافي سال اڳ پرنس ڪمپليڪس جي لئبريري نما ڊرائنگ روم ۾ شيخ اياز جو ڏنل اِهو آٽوگراف جڏهن به کولي پڙهندو آهيان ته منهنجي لاءِ شاعريءَ جي اهميت اڃا به وڌي ويندي آهي. شعر لکڻ ڏاڍو معصوم ڪم آهي ۽ جيڪڏهن اهو واقعي شعر هجي ته! ۽ انهيءَ ڳالهه جي ريشمي ڏور کي پڪڙي مان جڏهن ”اکين جي شهر ۾“ پهچان ٿو ته اُتي مون کي هر ٻئي قدم تي معصوميت، سادگي، بي ساختگي ۽ هڪ طويل اُداسي ئي ملي ٿي. ”اکين جي شهر ۾“ جانب ناز غوريءَ جي شاعريءَ جي پهرين ڪليڪشن آهي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي اها شاعري آهي، جيڪا هن پنهنجي پڙهائيءَ واري عرصي ۾ لطيف يونيورسٽيءَ جي صبحن ۽ نوري هاسٽل جي شامن جي ساٿ ۾ ڪئي آهي.

13/04/2013

ساختيات (Structuralism) - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


ساختيات (Structuralism)
اڪبر لغاري
”ساختيات، انساني سماج جي مختلف رخن جهڙوڪ ادب، ٻولي، سماجي ادارن وغيره جو معائنو ڪري ٿي، جنهن مطابق جز جي الڳ ڪا بہ معنيٰ نـه آهي ۽ ان جي معنيٰ صرف ۽ صرف ڪل جي نسبت سان ئي آهي. سماج جي هر نظام ۾ گهرا بنيادي ڍانچا(Structures )  هوندا آهن، جن جي باهمي تعلق ۽ مطالعي کان سواءِ حقيقت ۽ معنيٰ تائين رسائي مشڪل آهي.“[i]
روماني تنقيد، حقيقت نگاري، مارڪسي ۽ نئين تنقيد جون پاڙون فلسفي جي مختلف فڪري مڪتبن جي پاتال ۾ کتل آهن. تنقيد جي انهن نظرين ۾ معنوي تفهيم کان وٺي  جمالياتي تسڪين تائين، جا سڀ معاملا بحث هيٺ اچن ٿا. جڏهن تـه نفسياتي تنقيد جو تعلق ادب جي صرف معنوي رخ سان ۽ ادبي جديديت جو سڄو زور جماليات تي آهي. ساختيات انهن سڀني کان مختلف آهي جيڪا لسانيات مان ڦٽي نڪتي آهي. هن جو تعلق نه ته ادب جي جماليات سان آهي ۽ نه ئي وري ان جو مقصد ادب جي معنوي تفهيم ۽ تعين سان آهي. ساختيات اهو ڏسڻ چاهي ٿي تـه ادب ۾ لفظن، جملن ۽ محاورن جي باهمي ميلاپ سان وجود ۾ آيل تحرير ۾ معنيٰ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي يعني ساختيات جو تعلق معنيٰ سان نـه، پر معنيٰ پيدا ٿيڻ جي عمل ۽ طريقيڪار سان آهي.

08/04/2013

زندگي سڀني وٽ ڇو نه ٿي اچي؟ - امر اقبال (Amar Iqbal)


زندگي سڀني وٽ ڇو نه ٿي اچي؟
امر اقبال
هُو پنهنجي پياري ڌيءَ ”بوسڪيءَ“ کي هر سال سندس جنمَ ڏينهن تي ٻه انتهائي خوبصورت ۽ منفرد تحفا ڏيندو آهي. هو کيس ڪوئي ڪتاب، ڪوئي رانديڪو يا خوشبوءِ جي ڪائي بوتل گفٽ ناهي ڪندو، اهي ته تمام روايتي تحفا آهن. هُو بوسڪيءَ کي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ سان گڏ هڪ نظم ۽ هڪ ڪهاڻي گفٽ ڪندو آهي.... بلڪل، مان انهيءَ فنڪار جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن کي اسان ”گلزار“ جي نالي سان سڃاڻون. تمام گهٽ ماڻهو پنهنجي نالن جهڙا هوندا آهن ۽ هي شخصَ پنهنجي نالي کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ خوبصورت آهي.
هڪ ٽيليويزن پروگرام ۾ کانئس پُڇيو ويو: ”تون گلزار ڪيئن بڻئين؟“

07/04/2013

ناول سگنيچر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان ڪهاڻيڪار حسيب ڪانهيو جو ناول
سگنيچر
رکيل مورائي 
حسيب ڪانهيو نوجوان ليکڪ آهي. سندس پهريون ڪتاب ”هُئا اڳهين گڏ“ ڇپجي چڪو آهي. هيءُ سندس ٻيو ناول آهي، جنهن کي هُن بنهه ننڍڙي عنوان ”سگنيچرجي نالي سان لکيو آهي. حسيب ڪهاڻيڪار آهي. ٿوري وقت ۾ هُن ٻه ناول لکي ورتا آهن، جن تي تنقيدي ۽ تعريفي اڀياس ته پيا ٿيندا پر اها خوشي ڏيندڙ ڳالهه ضرور آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ کي ٻه ناول ڏنا آهن.
لکڻ هڪ رياض آهي، جيڪو زندگيءَ سان لاڳيتو هلڻو آهي. ان ۾ جڏهن رڪاوٽ آئي ته ان جو سلسلو ٽٽي پوندو. حسيب پنهنجي لکڻ واري رياض کي جاري رکيو ٿو اچي، اها ڳالهه سنڌي ادب جي آئيندي لاءِ لاڀائتي ٿيندي، اهڙي پڪ آهي.

تاريخ جي خوني ڳلين مان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


اصغر تنها جو سهيڙيل هڪ شهيدنامو
تاريخ جي خوني ڳلين مان
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي مٿين سٽ جڏهن پڙهجي ٿي ته نه رڳو اهو دور اکين اڳيان اچي ٿو، جنهن دور ۾ اياز هيءُ نظم لکيو هو، پر اها جدوجهد به ياد اچي ٿي، جنهن ۾ اسين پنهنجي جوانيءَ ڏانهن ايندڙ ڏينهن ۾ روڊن تي نڪري، نعرا هڻندا هئاسين ۽ پوءِ پوليس پاران اڇلايل ڳوڙها آڻيندڙ گيس گولن کان بچڻ لاءِ قميص جا اڳيان پلاند پاڻيءَ ۾ پسائي جلوسن ۾ شامل ٿيندا هئاسين.
اڄ جڏهن انهن خوني ڳلين مان سفر ڪري ان ئي جدوجهد جي عيوض پنهنجي فتح طور آيل پ پ دور تي نظر وجهون ٿا ته وري اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون اچن ۽ وري جڏهن ان هلايل تحريڪ جنهن کي ايم آر ڊيءَ جو نالو ڏنو ويو هو، جنهن جي پليٽفارم تان اها تحريڪ هلي هئي، ان ۾ شهيد ٿيندڙن جا چهرا ٿا اکين اڳيان اچن ته هڪ طرف اندر ۾ فخر محسوس ٿو ٿئي ته اسين ان ويڙهه ۾ شامل هئاسين، ٻئي طرف ان ويڙهه جي نتيجي ۾ مليل اقتداري شخصن ڏي ڏسجي ٿو ته هڪ ندامت جو احساس جاڳي ٿو ته انهن اقتدار جي مسند تي سالن جا سال رهي به انهن شهيدن جي پونئيرن جي ڪا سنڀال نه ڪئي، جن جي وارثي ان نوجوان ڪئي آهي، جيڪو ان ئي خطي توڙي طبقي جو آهي، جنهن جو نالو آهي اصغر تنها، جنهن 29 سيپٽمبر تي ٿيل انهن سڀني شهيدن تي هڪ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن کي هُن نالو ڏنو آهي، ”تاريخ جي خوني ڳلين مان“.

نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


خادم حسين چانڊئي جي لکيل هڪ صدي جي تاريخ
نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هيءُ ڪتاب ضلعي نوابشاهه جي هڪ سَو سالن جي تاريخ آهي، جنهن تاريخ کي اسان جي نوجوان دوست خادم حسين چانڊئي لکيو آهي، ضلعو نوابشاهه ساهتي پرڳڻي جو اهم ضلعو رهيو آهي، جنهن مختلف حوالن ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 1912ع کان 2012ع تائين هڪ سَو سال جي سفر جي هيءَ تاريخ لکي، خادم حسين چانڊئي، هڪ صديءَ کي محفوظ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ليکڪ پاسخاطري به ڏيکاري آهي، جيڪا هڪ تاريخ نويس کي نه ڏيکارڻ کپي، پوءِ به هي تاريخي ڪتاب، نهايت اهم ان ڪري آهي ته ان ۾ هڪ صديءَ جو سفر بند آهي، جيڪو اڳتي هلي، ايندڙ محقق لاءِ وڌيڪ اهم ثابت ٿيندو.

06/04/2013

اڪٽر اعجاز سمون جي ڪتاب جو پيش لفظ - امر اقبال (Amar Iqbal)


اسان جي دل جي هر ڪهاڻي عجيب آهي!
ڊاڪٽر اعجاز سمون جي ڪهاڻي ڪتاب
”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ جو پيش لفظ
امر اقبال (Amar Iqbal)
    اڪيلائيءَ  ۾  روئڻ  کان  سُٺو  آهي  ته
سُڏڪن مان هڪ  نظم  ٺاهي  وٺجي
      يا هڪ اڌوري ڪهاڻي.........
(رولاڪ شاعر جي هڪ نظم مان)

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪجهه سال اڳ خيرپور ۾ ڪرايل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌي ڪهاڻيءَ (اصل ۾ عظيم سنڌي ڪهاڻي)کي گولي لڳڻ واري ڪيل ڳالهه کي بنياد بڻائي شروع ڪيل بحثا بحثيون ته پُراڻيون به ٿي چڪيون، پر ڪهاڻي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيڻي. ”ڪهاڻي“ ته هر ايندڙ پل، هڪ نئون جنم وٺي ٿي ۽ انهيءَ ئي ”ڪهاڻيءَ“ کي لفطن جا خوبصورت اسٽروڪس ڏئي ڪاغذ جي ڪئنواس تي محفوظ ڪري ڇڏيندڙن جي قافلي ۾ اسان جو دوست ڊاڪٽر اعجاز سمون پڻ شامل آهي.

حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ امر اقبال (Amar Iqbal)


حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ
امر اقبال
اِها حقيقت آهي ته حبيب ساجد جو ذڪر منهنجي اڪثر لکڻين ۾ اڪثر جاين تي ته ملندو ئي، پَر حبيب جي مُتعلق مون ڪڏهن سيڙجي ويهي ڪو مضمون ناهي لکيو. جڏهن ته حبيبَ مُنهنجي پهرئين (غزلن جي) مجموعي ”سمنڊ اڪيلو آهي“ جي مُهاڳَ سميت منهنجي شاعري ۽ مُنهنجي ذات متعلق هڪ کان وڌيڪَ لکڻيون لکيون آهن. انهيءَ حوالي سان مون کي پنهنجو پاڻ کي حبيبَ جو قرضي قرضي محسوس ٿيڻ فطري آهي. پندرنهن سال اڳ (اِهو قرض چُڪائڻ جي خيالَ کان) مون حبيبَ کي چيو: ”اَڄُ ويههُ تُنهنجو تفصيلي انٽرويو ڪرڻو آهي.“ حبيبَ جي پندرنهن سالَ اڳ ڪيل نهڪر اڃا قائم آهي. انهيءَ وچ ۾ الائي ڇا ڇا ٿي وَيو، الائي ڪهڙا ڪهڙا طوفانَ آيا ۽ پُلين جي هيٺان الائي ڪيترو پاڻي گذري وَيو. ماڻهو الائي ڇا مان ڇا ٿي وَيا پَر نه بدليو ته حبيب نه بدليو. اُهي ئي ٽهڪَ، بيپرواهه ٽهڪ ۽ ٽهڪن کان پوءِ هڪ طويل خاموشي...

05/04/2013

ڪتاب ”گلشڪر“ جو پيش لفظ - ناز سنائي (Naz Sanai)


ڪتاب ”گلشڪر“ جو پيش لفظ
ناز سنائي
سنڌي ٻولي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاهوڪار ٻولي آهي. علم، ادب، ڏاهپَ جا ڪيترائي پهلو منجهس موجود آهن. شاعريءَ کي ڏسجي ته هزارين ڪتابَ موجود آهن ۽ اسان جي ادب ۾ اُن جو مقام به ڪنهن درجي تي پهتل آهي. جي نثر کي ٿو ڏسجي، تڏهن به اسان جو ڪنڌ اوچو ٿيو ٿو وڃي. ڪهاڻيون، مضمون توڙي ٻين صنفن ۾ به اسان پنهنجي اُن سرمايي جو ذڪر فخر سان ڪري سگهون ٿا. اڃا به جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ سان ٻيائيءَ وارا ڪرتب نه ٿيندا هُجن ته اسان سان ڪو برميچي نه سگهي. هاٿيءَ ۽ ڪُئي جي ٻچن جي گڏ بيهڻ واري ڪَٿا ٻڌل هوندوَ، ته هاٿيءَ جي ٻچي کان ڪنهن پڇيو ته: ”عمر گهڻي اٿئي؟“ چي ”ڇهه مهينا“. وري ڪُئي جي ٻَچي کان پڇيئين ته ”ڀلا تنهنجي؟“ ان ويچاري پهرين هاٿيءَ جي ٻچي کي ڏٺو. وري وري ڏٺو ته پهرين لنوائڻ لڳو. سوال جي ورجاءَ تي جواب ڏيندي چيائين: ”آهي ته منهنجي به عمر ڇهه مهينا، پر لاڳيتين بيمارين هڻي ضعيف ڪري وڌو آهي.“

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي پهرئين ڀاڱي جو جائزو - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي
پهرئين ڀاڱي جو جائزو
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن موضوعن تي تحقيقي نُڪتي نظر کان لکيو، تن مان هڪ ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ٻيو ”اصطلاحسازي“ پڻ آهن. انهن ٻنهي موضوعن تي هن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي لحاظ کان پنهنجا خيال ۽ خواب ۽ تعبير جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي. ٻنهي موضوعن تي ڊاڪٽر محبت مختلف وقتن تي ننڍا وڏا مقالا ۽ مضمون لکيا جيڪي سندس وفات جي هڪ سال کان پوءِ اپريل 1998ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران ڇپرايل پهرين ڪتاب طور ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي نالي سان، هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڇپيا. اهي مضمون مون پنهنجي ترتيب ۽ سهيڙ سان پيش ڪيا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جو تعارف ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ/مرتب ڪرڻ بابت طريقيڪار واضح ڪيل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي گھڙتِ ۽ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازيءَ تي بحث ڪيل ۽ هڪ واٽَ ڏسيل آهي، جنهن تي هَلي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ لاءِ سائنسي ۽ فني توڙي ٻِي ضروري اصطلاحسازي ڪري سگھجي ٿي.
پهرين ڀاڱي جو مکيه مضمون ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ــــــ ٿوري ڄاڻ سڃاڻ“ آهي جيڪو هنن 12- ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي:
(1) انساني سمجھه،
(2) ٻولي،
(3) لکيت،
(4) انسائيڪلوپيڊيا،
(5) انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ،
(6) سنڌ جو ماضي،
(7) سِنڌ جو حال،
(8) اسان جو فرض،
(9) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مها ٻولَسُڌ،
(10) هڪ اداري جي گھرج،
(11) سنڌي مها ٻولَسُڌ جو ابتدائي ڪم، ۽
(12) ايڪيهين صديءَ جي آجيان.

ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙَ“ جا ٻه اکر - عبدالڪريم سنديلو (Abdul Kareem Sandilo)

ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙَ“ جا ٻه اکر
عبدالڪريم سنديلو

 وينجهار“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ ”تحقيق لغات سنڌي“ لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کان سواءِ ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪٺن ڪم!
اها ڪا اهڙي سولي ۽ سُٿري ڳالهه نه هئي، جا کِنَ ۾ کڻي وٺجي. هِت ته رُڪُ ٿو ريھون ڪري! جَرَ مان گڏون ڳولڻو هو يا ائين کڻي چئجي ته لَٽِيلَ لوڙهَه پَٽڻا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جي زبان تي هڪ ٻوليءَ جو اثر هجي ته ان جي پويان پئجي ۽ خيالن کي به اوستائين ڇڏجي، پر هِت ته ”پَنجَ ڪَڻي، مِھر گهڻي“ لڳي پيئي آهي.

نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار

رکيل مورائي

نصير سومرو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت شاعر آهي، سندس باري ۾ اهو لکندي ذاتي طور مون کي خوشي ٿيندي ته نصير شاعر ته آهي ئي، پر هو هڪ ذهين پڙهندڙ ۽ ادب بابت پنهنجا نجا ويچار رکندڙ تنقيد نگار به آهي. بنيادي طور هو انجنيئر آهي، ان ڪري هن جي هر لکڻي منطق ۽ سائنسي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ مڪمل ٿيندي آهي. نصير سنڌي ادب ۽ عالمي ادب، نظرين توڻي ڌارائن بابت هڪ سوچيندڙ ۽ پوءِ لکندڙ نوجوان آهي، جنهنڪري ڪنهن به شخص کي هن کي پنهنجو دوست سڏيندي خوشي ٿيندي آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب اچي چڪا آهن. هو شاعريءَ جي سڀني باريڪين کان واقف آهي، جنهن جو مثال هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ آيل ڇهه اڀياس آهن جن کي هن شاعريءَ جي فني ۽ فڪري ڌارائن جي سائنسي اوک ڊوک ڪوٺيو آهي. نصير نثر ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، پر هن ڪتاب ۾ سندس اهي لکڻيون شامل آهن، جيڪي نج ادب سان تعلق رکن ٿيون، ٻيءَ طرح نصير نظرين، سياست ۽ صحافت جي حوالي ۾ به نهايت اعتماد سان ۽ سچائيءَ سان پنهنجي حصي جون لکڻيون سنڌ کي ڏنيون آهن.

امر سنڌوءَ جي هڪ نظم جو مطالعو - ادل سومرو (Adal Soomro)


موهن جي دڙي جي آخري رڙ
امر سنڌوءَ جي هڪ نظم جو مطالعو
ادل سومرو
ادبي دنيا ۾ مختلف دورن ۾ حالتن جي اثر هيٺ، فڪري تضاد اُڀرندا رهيا آهن ۽ اُنهن تضادن مان مختلف سوالن جنم پئي ورتو اهي. اهڙن سوالن مان اَديبَ جي وابستگيءَ وارو سوالُ به گهڻو بحث هيٺ رهيو آهي. سنڌي ادب جي معروضي حالتن ۾، کاٻي ۽ ساڄي ڌُر وارو سوالُ يا ترقي پسندي ۽ رجعت پسندي/پرستيءَ وارا تضاد، ون يونٽ واري دؤر جيان ٽڪراءَ ۽ شدت وارا نه رهيا آهن. پر پوءِ به اُهي ذهنن ۾ اُڀرن ضرور ٿا. اهڙا فڪري بحث، تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿين يا نه ٿين، پر سنڌي ادبُ مجموعي طور تي فڪري حاصلات جي نسبت سان ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جو پاسدار رهيو آهي.

04/04/2013

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي غزل - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي غزل
بخشل باغي (Bakhshal Baghi)
ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ”سمر قند“ جي علائقي پنج رودڪ ۾ جنم وٺندڙ اُستاد الشعرا ۽ ايراني شاعريءَ جي جڳ مشهرو شاعر ”رودڪي“ (941-880ع) اهو تصور به نه ڪيو هو ته ڪو کائُونس تخليق ٿيل ۽ سندس نالي سان منسوبُ صنف ”غزل“ اڳتي هلي ڏيهان ڏيهه، ڪاميابيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي. ”رودڪي“ فارسي زبان ۾ مثنوي، رُباعي، قصيدي وغيره جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر هُن قصيدي جي شروعاتي حصي يعني ”تشبيب“ کي ڌار ڪري اُنَ جو نالو غزل رکيو. جنهن ڪري (910ع جي آس پاس ڏهين صديءَ ۾) هڪ نئين صِنفَ تيار ٿي وئي. جنهن کان پوءِ غزل گوئيءَ جو هڪ اُڻ کُٽ سِلسلو شُروع ٿي ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ جاري آهي.

شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


ڌارِ دل جون اکيون
(شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري)
احسان دانش
 مان جڏهن به ’آنند‘ فلم ڏٺي آهي ته اکيون آليون ٿي ويون آهن. مناڊي جي آواز ۾ ”زندگي ڪيسي هي پهيلي هاءِ، ڪبهي تو هنسائي، ڪبهي يه رُلائي“ روئاري وجھندو آهي. پر اها مووي وڏي همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي. جيون کان بيزاري واري ڪيفيت ۾ هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جو ولولو پيدا ڪري ٿي. مان زندگيءَ ۾ جڏهن به اداس ۽ مايوس ٿيندو آهيان ته ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ان خوبصورت نوجوان مريض کي ياد ڪندو آهيان، جيڪو ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ باوجود ڪنهن ڪنڊ ۾ روئڻ بدران سڀني کي کلائيندو هيو. هو کلائي کلائي سڀني کي روئاري ويو هو...

امر پيرزادي جي شاعري - حبيب ساجد (Habib Sajid)


تون ستل آن چنڊ هيٺان
(امر پيرزادي جي شاعري)
حبيب ساجد
سچي ڳالهه اگر ڪجي ته شاعري هن حسين دنيا جي چند حسين رهواسين جي سڀ کان حسين حرڪت آهي. اسان قرآن مجيد ۾ ته اهو ئي پڙهيو آهي ته پهريون عشق ڏاڏا آدمَ ڏاڏي حوا سان ڪيو هو. ڏاڏا سائينءَ اسان جي ڏاڏي سائنڻ کي پيار جو پهريون جملو ڪهڙو چيو هو، ان تي تحقيق جي بي انتها ضرورت آهي. آسمانن مان تڙجي اچڻ ۽ وري هڪ ٻئي کي ديوانن جيان ڳولڻ ۽ سري لنڪا جي هڪ پهاڙ ڀرسان وري ملڻ، ڪنهن به رومانٽڪ اسٽوريءَ کان گهٽ ڪونهي. ڏاڏا آدم ڏاڏي حوا کي ڏسي پهريون جيڪو به جملو چيو هوندو، اهو جملو شاعريءَ جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان حسين سٽ هوندي.