شيخ اياز
ھڪ مزاحمتي شاعر
انجنيئر اوڀايو خشڪ
شيخ اياز جنهن سنڌ جي نالي واري شهر شڪارپور ۾ اڄ کان ذري گهٽ هڪ صدي
اڳ ۾ جنم ورتو ته ان وقت سندس آسپاس هڪ پُر امن گلشن هيو ۽ ان شڪار پور شهر ڪيترائي
ناليوارا شاعر، اديب، استاد ۽ سياستدان پيدا ڪيا. اياز کي ننڍپڻ ۾ سٺا استاد مليا جن
نه رڳو سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، پر تعليم کان سواءِ ٻين صنفن جهڙوڪ ادب، شعر و شاعري
ڏانهن پڻ سندس ڌيان ڇڪايو ۽ سندس تربيت ڪئي. انهن استادن جي تربيت جو نتيجو ئي هيو
جو اياز اسڪول جي زماني ۾ اسڪول جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ وقت سان گڏ اهو پوکيل ٻوٽو
وڌندو ويجهندو رهيو. اياز اڃا جواني کي مس پهتو ته سنڌ ۾ هڪ سياسي هلچل ڏٺائين، اها
هئي سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ. سنڌ جيڪا صدين کان هڪ خود مختيار ۽ آزاد حيثيت
۾ رهي هئي، انهي کي انگريزن ۱۸۴۷ع
۾ انتظامي سهولتن خاطر بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ جي تاريخدان ۽ عظيم قوم
پرست اڳواڻ محترم جي-ايم سيد طرفان لکيل ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ ۾ ان تحريڪ جو تفصيلي ذڪر آهي، سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان آخر ۲۳ جنوري ۱۹۳۶ع تي سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هڪ رياست جي حيثيت ماڻي.