28/09/2014

شيخ اياز - انجنيئر اوڀايو خشڪ (Engr. Obhayo Khushk)

شيخ اياز
ھڪ مزاحمتي شاعر
انجنيئر اوڀايو خشڪ
شيخ اياز جنهن سنڌ جي نالي واري شهر شڪارپور ۾ اڄ کان ذري گهٽ هڪ صدي اڳ ۾ جنم ورتو ته ان وقت سندس آسپاس هڪ پُر امن گلشن هيو ۽ ان شڪار پور شهر ڪيترائي ناليوارا شاعر، اديب، استاد ۽ سياستدان پيدا ڪيا. اياز کي ننڍپڻ ۾ سٺا استاد مليا جن نه رڳو سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، پر تعليم کان سواءِ ٻين صنفن جهڙوڪ ادب، شعر و شاعري ڏانهن پڻ سندس ڌيان ڇڪايو ۽ سندس تربيت ڪئي. انهن استادن جي تربيت جو نتيجو ئي هيو جو اياز اسڪول جي زماني ۾ اسڪول جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ وقت سان گڏ اهو پوکيل ٻوٽو وڌندو ويجهندو رهيو. اياز اڃا جواني کي مس پهتو ته سنڌ ۾ هڪ سياسي هلچل ڏٺائين، اها هئي سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ. سنڌ جيڪا صدين کان هڪ خود مختيار ۽ آزاد حيثيت ۾ رهي هئي، انهي کي انگريزن ۱۸۴۷ع ۾ انتظامي سهولتن خاطر بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ جي تاريخدان ۽ عظيم قوم پرست اڳواڻ محترم جي-ايم سيد طرفان لکيل ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ ۾ ان تحريڪ جو تفصيلي ذڪر آهي، سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان آخر ۲۳ جنوري ۱۹۳۶ع تي سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هڪ رياست جي حيثيت ماڻي.

21/09/2014

سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه - سعيد چانڊيو (Saeed Chandio)

سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه
 سعيد چانڊيو
سال جا اڪثر ڏينهن ڪن مخصوص واقعن جي ڪري اهميت ڏئي ملهايا ويندا آهن جيئن چوڏهن فيبروري پيار ۽ محبت جو ڏينهن ۽ پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري 21 فيبروريءَ جو ڏينهن مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، جنهن جي سفر جي شروعات 2008ع کان ٿي. هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ٻين ٻولين جي قلم ڌڻين جيان سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ محقق پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ، وڌاءُ ۽ بقا لاءِ پنهنجون لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻائيندا آهن. وري ڪي ته انهن جي جواب ۾ ڪالم/ بحث لکندا آهن منهنجي خيال ۾ اها ڪوشش رڳو اخبارن ۽ رسالن تائين محدود رهجي ويندي آهي. حقيقت ۾ اهي لکڻيون فقط وقتي بحث طور لکيون وينديون آهن ۽ ڪوبه عملي تحرڪ پيدا ناهن ڪري سگھيون ۽ وري نئين سال اچڻ تي ساڳيو نئون رينگٽ شروع ڪيو ويندو آهي.

20/09/2014

ڪچهريءَ جو ڪَنورُ - سرمد چانڊيو (Sarmad Chandio)


ڪچهريءَ جو ڪَنورُ
سرمد چانڊيو
                                                
                    
                 استاد  پيرل قنبر سان پهرين ملاقات  محبوب شاهه بخاريءَ  جي ميلي تي ٿي. جو ادي پناهه خاتون ميراثيءَ سائينءَ جو ڪلام ڳايوڪلام ڇا جهڙو ڪر سڄي ميلي تي ادي پناهه خاتونءَ منڊُ مُنڊي ڇڏيو هو.
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي!
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي!
تنهنجي گهر گهر ۾ آ وائي.
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي
واهه واهه جا واڪا هئا، مٿس نوٽن جي برسات هئي! سِرائي محمد نواز ناز ته تختين جون تختيون کولي پئي اُڏايون. ٻئي پاسي کان علي حسن خان گُراماڻي منهنجي دوست غلام  رسول ظفر جو والد صاحب هو، اُن جو به جواب ناهي. منهنجي ماما سائين جي زبان تي اهي لفظ ها ته واهه ڙي پيرل واهه ! اها ملاقات چئجي يا نه چئجي! پر استاد پيرل قنبر جو نالو سڀني ماڻهن جي زبان تي واهه واهه سان گڏ پئي هليو. ڪنهن چيو پيرل ماستر آهي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ احترام اڃا به وڌي ويو، ڇو ته منهنجو استاد عبدالرحمان مَهِجُورُ به ته شاعر هو. اها منهنجي ٻاراڻي عمر هئي، سياري جي موسم هئي، ميلي جو موقعو هو. 1960ع جو دؤر هو. هاڻي ٽئين درجي کي الوداع چوڻ وارو هئس.

پيرل قنبر لافاني شاعر - احمد علي ”صابر“ چانڊيو (Ahmed Ali Sabir Chandio)


پيرل قنبر لافاني شاعر
احمد علي ”صابر“ چانڊيو

دکيءَ دل جو نه منزل تي گهڙي  پل ڪاروان پهتو،
چمن ۾ مس بهار آئي ته پيغامِ خزان پهتو.

                هن ڌرتيءَ ڪيترائي خليل جبران، غالب، سقراط، بقراط گوئٽي، شيڪسپيئر، شيلي، شيرازي، ملٽن ۽ اقبال ڏنا آهن، پر اسان جي سنڌڙي اتي لطيف، سچل، سامي، استاد، اياز، تارڪ، بيدل، بيڪس، دادن، بيوس، شيرل ۽ پيرل جهڙا ڏاتيار شاعر پڻ عطا ڪيا آهن. سرتاج الشعراء حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڳالهه نرالي آ، سندن جي ڀونءِ تي جيڪي به شاعر، شاعريءَ جي ڏات کڻي آيا تن ۾ هر هڪ جي پنهنجي خوشبوءِ آهي. احمد ملاح جي پنهنجي، استاد بخاريءَ جي پنهنجي، بيوس جي پنهنجي ته اياز جي پنهنجي، پيرل قنبر جي ڏات ۾ جيڪي رمزون اسان کي ملن ٿيون تن جي بيان ڪرڻ جي سگهه شايد ڪنهن وٽ هجي.
الفت جو دَمُ اي پيرل انسان کان پڇيم،
 مقداد کان بلال کان سليمان کان پڇيم،
اويس کان دين، مذهب کان، ايمان کان پڇيم،
 ڪعبي کان طور کان قرآن کان پڇيم،
سڀ ڪنهن چيو آ افضل محبت رسول جي،
 آدم جي حد کان زور آ عزت رسول جي.

غزل گو شاعر پيرل قنبر - ڪوڙل قربدار (Koral Qurbdar)


غزل گو شاعر پيرل قنبر
ڪوڙل قربدار
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترائي عالم، فاضل، شاعر اديب، سگهڙ ۽ فنڪار نظر ايندا جن پنهنجي علم ۽ قلم ذريعي انسان کي انسانيت ۽ ماڻهپي جا درس ڏنا آهن انهن پنهنجي پيار محبت جا پيغام عام ڪيا. انهن پنهنجي لفظن سٽن، جذبن ۽ خيالن کي سهيڙي شاعراڻي گلدستي جي صورت ۾ پيش ڪيو جيڪي انهن جي نقش قدم ۽ تخليقي سفر جا پانڌيئڙا آهن انهن جي دنيا الڳ ٿلڳ هوندي آهي اهي پهنجي دنيا ۾ مست مگن رهندا آهن انهن جي ڪا معمولي دنيا نه هوندي آهي هو تخيل جي پرواز جي بلند مقام تي نظر ايندا آهن اهڙي دنيا جو رهاڪو هڪ پيرل قنبر شاعر به هو. جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات 1956ع کان باقائده ڪئي. پهريون ”تخلص“ پيرل نالي مولود، قصيده نعت ۽ حمد ججها لکيائين سندس هڪ حمد باري تعاليٰ جو هيٺ ڏجي ٿو
الله ته اهــڙو ڏيندڙ آ، نــڪي دان کٽي نڪي نان کٽي،
سـؤ سال حياتي انسان جي پر ان جو نٿو احسان کٽي،
هٿ آه شفا ڀي شافيءَ جي لوچڻ ۾ ائين لقمان کـٽــي،
هن نفس نڀاڳي گندي جو نٿو گوڙ کٽي گمسان کٽــي.
جڏهن عشق مجازي جي چوٽ لڳس تڏهن پيرل نالي مان پيرل قنبر لکيائين.

15/09/2014

سنڌي ڪھاڻي ۽ غلام رباني آگرو - مدد علي سنڌي (Madad Ali Sindhi)

سنڌي ڪھاڻي ۽ غلام رباني آگرو
مدد علي سنڌي
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڇيڙ ۽ رسائي هڪ ناسور هوندو هو. جاگيرداري سماج ۾ ۱۹ صدي جي سنڌ ڪهڙي هئي؛ ان جو چٽو پٽو عڪس، اوهان کي پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ موجود ملندو. جيتوڻيڪ سال ۱۹۱۷ع ۾، سنڌ جي مشهور سياسي رهبر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، بمبئي ڪائونسل ۾ وڏيون تقريرون ۽ دانهون ڪري، ڇيڙ ۽ رسائي خلاف هلچل هلائي. نتيجي ۾ اها عملي طور ته بند ٿي وئي هئي، پر سنڌ جو زميندار، جيئن اڄ آهي، انهيءَ زماني ۾ پڻ ساڳئي مزاج جو هو؛ اڀرندڙ سج جو سلامي ۽ پنهنجي غريب ڪڙمين کي غلام رکڻ سندن طبعيت ۾ شامل، اهڙي وڏيرڪي وايو منڊل ۾ ساھه کڻندڙ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي مظلوميت اوهان کي ربانيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ نظر ايندي. مئي ۱۹۵۵ع جي نئين زندگي‘ مخزن ڪراچي ۾ هن ڪهاڻيءَ ”ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا“، ڊسمبر ۱۹۵۵ع ۾ ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ جون ۱۹۵۶ع ۾ ”هوندا سي حيات“ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۱۹۵۶ع ۾ ”الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،“ آگسٽ ۱۹۵۷ع نيئن زندگيءَ ۾ ”نيٺ بهار ايندو“ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع جي ’نئين زندگي‘ ۾”اکڙيون اڃايون،“ مارچ ۱۹۵۸ع جي ’نئين زندگي‘ ۾ ”ڪوئڪ“ ۽ نئين زندگيءَ جون ۱۹۵۸ع ۾ ”آب حيات“ شايع ٿيون.

14/09/2014

پنو عاقل: ماضي حال - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ننڍي علائقي جو وڏو دستاويز
پنو عاقل: ماضي حال
رکيل مورائي
سنڌي ادب توڻي علم جي کيتر ۾ سائين سرور سيف جون خدمتون سدائين ياد رکڻ جهڙيون آهن. سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جڏهن سهيڙجي ڪتابي شڪل اختيار ڪندو ته ڏسڻ ۾ ايندو، هو اهڙو شخص توڻي ليکڪ آهي، جنهن هڪ تخليقڪار طور جڏهن کان ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو اڄ تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي هو هاڻ تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيئي رهيو آهي. شايد هن محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جي علم ۽ ادب، توڻي تاريخ کي سهيڙڻ وارو ڪم اهم آهي، جنهن ڏانهن لکندڙن جو وڏو تعداد ڌيان نه ڏيئي رهيو آهي، جنهنڪري سائين سرور سيف پنهنجو سمورو وقت تحقيق کي ڏيئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ئي هن جو محور رهي آهي. پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”کير جهڙي ڪاري“ کان وٺي پنهنجي تازي آيل ڪتاب ”پنو عاقل ماضي حال“ تائين، سررو سيف صاحب جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، اهو تعريف جوڳو ته آهي ئي پر کيس جهڙي وطن دوست ۽ پورهيت دوست ليکڪ کان اڃا گهڻو ملڻو آهي، اهڙي خواهش اسان کي سدائين رهندي.

امر جليل بابت ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سنڌ جي سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل بابت ڪتاب
هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر
رکيل مورائي 
سائين امر جليل بابت ڪجهه به لکڻ هاڻ جيترو سهنجو آهي، اوتروئي ڏکيو پڻ، پر ڪجهه به نه لکجي تڏهن به هن بابت هيءُ ڪتاب، جنهن جو نالو آهي، ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“ گهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هُن ڪتاب ۾ سندس ادب ۽ شخصيت بابت گهڻو ئي لکيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ جهڙو ۽ پروڙڻ جهڙو آهي.
دراصل هيءُ ڪتاب انهن ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي جيڪي امر جليل صاحب بابت اسان جي دوست ۽ نوجوان مختيار احمد ملاح بيحد گهڻي جاکوڙ ڪري سيهڙيا آهن. هن سلسلي جو پهريون جلد ساڳئي نالي سان ۱۹۵۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين جي مواد سان سال پهرئين ڇپجي چڪو آهي. ۽ هي ٻيو جلد آهي جنهن ۾ امر جليل صاحب بابت ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين لکيل مواد آهي ۽ ايندڙ جلد ۾ اڄ تائين لکيل مواد اچڻو آهي. اهو سچ آهي ته هنن ڪتابن تي جيڪا محنت اسان جي دوست مختيار احمد ملاح ڪئي آهي اها ساراهڻ جوڳي آهي. ڪتاب ۾ چاليهه مضمون، تيرهن مختصر رايا، ۽ سندس پنجن ڪتابن تي تبصرا شامل آهن ۽ مٿين ٽنهي بابن کي الڳ ترتيب ڏني وئي آهي. امر جليل صاحب بابت هيءُ ڪتاب الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. هونئن به ڪنهن ليکڪ کي سمجهڻ لاءِ اول سندس تخليقون اهم آهن ۽ پوءِ انهن بابت لکيل اڀياس. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ آيل سمورا ليک، اڀياسن جو پوراءُ نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪن سندس لکڻين بابت ڪي عڪس قلمبند ڪيا آهن، ڪي شخصي ليک آهن، ڪي پيار جو اظهار آهن، ڪي عقيدت جو ۽ ڪي ننڍا ننڍا تاثراتي مضمون آهن، پر جيئن ته اهي سڀ سندس حوالي ۾ آهن، ان ڪري انهن مان سندس ادب ۽ شخص جا ڪي عڪس جهٽي سگهجن ٿا، جن ۾ پڻ گهڻي عقيدت شامل آهي ۽ علمي ڇنڊڇاڻ پڻ.

13/09/2014

پرين ياد پيام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ڪهاڻي ڪتاب
پرين ياد پيام
 رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيءَ لکجي رهي آهي ساندهه!
ان جو معيار وقت طئي ڪندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي تنقيدي اڀياسن جي کوٽ واري حالت ۾ پاڻ کي ائين ئي آٿت ڏيئي سگهجي ٿو. اسان جي نوجوان دوست رئوف عباسيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”پرين ياد پيام“ تي پڻ ڪنهن تنقيدي اڀياس جي اميد رکي سگهجي ٿي جيڪو نقادن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هو نوجوان آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جا نقاد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جي ڪتاب کي ڪاٿي بيهاريندا، اهو ايندڙ وقت ڏسيندو!
”پرين ياد پيام“ جي نالي سان رئوف عباسيءَ جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي. سچ آهي ته هيءَ سندس پهرين سڃاڻپ آهي. هو زندگيءَ ۾ ادب جي حوالي سان هن ڪتاب جي نالي سان ئي پنهنجي سڃاڻپ بڻائيندو، باقي جيڪو لکندو اهو سندس ادب ۾ ڪيل سفر جي حاصلات هوندي.

سترهن اصلوڪين ڪهاڻين ۽ ٻين ترجمن واري هن بنهه معصوم ڪتاب جو مواد ئي اصل ۾ اهم شيءِ آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جڳائي. سنڌي اديب پنهنجي سنساري گهرجن کي پاسيرو رکي جيڪا ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي، اها ته ڪنهن به صورت ۾ ساراهڻ جوڳي ئي آهي، ائين رئوف عباسي پڻ ادب ۾ ۽ اهو به ڪهاڻي جهڙي ننڍي کنڊ جي اهم صنف ۾ لکڻ جي شروعات ڪري ۽ هاڻ هڪ ڪتاب ڏيڻ جي شروعات ڪري، جيڪا پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي، اها ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندي، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن ڪتاب بابت جيڪا راءِ جڙندي اها يقينن سندس لاءِ اهم هوندي. اڳتي هلي هو ان سڀ مان گهڻو ئي حاصل ڪندو، جيڪڏهن هن پنهنجي شعور حاصل ڪرڻ واري دري کولي رکي ته! هو اهو ڄاڻي ئي ٿو ته سندس دَور ۾ لکندڙن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، محنت ڪري هن کي پنهنجي جڳهه ٺاهڻي آهي، جنهن لاءِ هن جي پهرئين وک آهي هيءُ ڪتاب نالي ”پرين ياد پيام“، جنهن لاءِ کيس کوڙ مبارڪون. پيپر بيڪ تي بنهه سادگيءَ سان ڇپيل هن ڪتاب جي پنهنجي خوبصورتي آهي. 112 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 120 رپيا آهي. ڪتاب ادب لطيف پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپيو آهي. ڪتاب محترم شيخ اياز، محترم جمال ابڙي، محترم اشفاق احمد ۽ محترم قدرت الله شهاب جي نالي ٿيل آهي.

چنڊ چوانءِ سچ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ادبي ۽ سماجي ڪالمن جو ڪتاب
چنڊ چوانءِ سچ
رکيل مورائي
تمام گهٽ شخص اهڙا هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجي اهميت هڪ کان وڌيڪ ذريعن معرفت مڃرائي سگهندا آهن. ڀايان ٿو ته اسان جو دوست ستار ڀَٽي انهن ماڻهن مان آهي، جنهن الڳ الڳ حوالن ۾ سنڌي سماج اندر پنهنجي حصي ڪم ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت سماج سڌارڪ به آهي، سنڌي ڪلچر جي وارثي ڪندڙ به. ادب سان به جڙيل آهي. ته صحافي طور ڪالم به لکندو رهيو آهي، هن لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن جا پروفائيل به لکيا آهن، ته تازو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب به آيو آهي، ۽ ان کان پوءِ سندس ڪالمن جو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن جا اهي چونڊ ڪالم آهن، جيڪي هو الڳ الڳ وقتن تي، الڳ الڳ مسئلن بابت لکندو رهيو آهي.

مري شال ملهائيان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

قومي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب
مري شال ملهائيان
رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعري اڃا تائين، لڳاتار ٿيندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڃا قومي غلاميءَ ۾ ورتل آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ اسان جا قومي ڪارڪن اديب، شاعر ۽ عالم سانده لکندا رهيا آهن، جن ۾ اڄ جي لکاري/شاعر آزاد بخاريءَ جو نالو به شامل آهي، ته سندس شعرن جو مجموعو ”مري شال ملهائيان“ به شامل آهي.
هي شعرن جو ڪتاب سنڌ جي شهيدن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ۽ ڪتاب جو هر  شعر سنڌ جي قومي تحريڪ جو نعرو آهي، جيڪو ايستائين گونجندو رهندو جيستائين سنڌ پنهنجو اصل مانُ ۽ مرتبو نه حاصل ڪيو آهي.
آزاد بخاري صاحب الڳ الڳ شاعراڻين صنفن ۾ قومي شعر لکندو رهيو آهي. سندس سڃاڻپ هڪ ذهن ڀرئي ليکڪ واري آهي. هو سنڌ سان هر پل جڙيل شاعر ۽ اديب آهي. اڄ جي سنڌ جي سياسي حالتن تي هن جي نظر آهي ۽ حالتن جو اولڙو سندس شاعريءَ ۾ توڻي ٻين لکڻين ۾ موجود آهي.

ائين سندس هن ڪتاب ”مري شال ملهائيان“ ۾ به سندس سياسي ۽ قومي شعور چٽو ٿي بيٺو آهي. ٻيءَ طرح ڪتاب جو نالو پڻ اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. جيئن چهرو انسان جي اندر جو آئينو هوندو آهي، تيئن ڪتاب جو نالو به ڪتاب جي اندر جو آئينو هوندو آهي. 224 صفحن جو هيءُ شاعراڻو ڪتاب اين اي جان فائونڊيشن حيدرآباد پاران ڇپيل آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 200 رپيا آهي.

هاڻ جوڳي کڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ نج شاعراڻو ڪتاب
هاڻ جوڳي کڻي
رکيل مورائي

اسان جي پياري شاعر گلزار تبسم جو پهريون شاعراڻو ڪتاب پنهنجي نالي مان ئي پنهنجو پيغام ٻڌائي ٿو، هاڻ جاڳو کڻي، ان سڏ جو پڙاڏو آهي جيڪو صديون اڳ اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيل آهي ته سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

شايد اهو سڏ گلزار تبسم پنهنجي روح ۾ رچي ڇڏيو آهي ۽ ائين هيءُ شاعراڻو ڪتاب سرجيو آهي. هن لاءِ محبوب ۽ مٽي ٻئي برابر آهن. ائين جيئن سنڌي شاعريءَ جي صدين جي سفر ۾ رهيو آهي. ها! هر شاعر جو آواز علحدو هوندو آهي، لهجو الڳ هوندو آهي، پر درد اسان سڀني جي ميراث آهي. اهو سڀني لاءِ ساڳيو آهي. ائين گلزار تبسم لاءِ به، پر هڪ ڳالهه جيڪا اميد ڏياري ٿي، ته گلزار جو هيءُ ڪتاب پهريون آهي، جنهن مان اڳتي وڌڻ جي آس ليئا پائي ٿي. هن الڳ الڳ صفحن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار بنهه چٽي نموني ڪيو آهي ۽ شاعريءَ کي شاعري سمجهيو آهي، جيڪا ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي. گهڻي تشريح جي گهرج نه هوندي به، ڪتاب جو نالو سموري تشريح ڪري وڃي ٿو، جيڪا رهجي وڃي ٿي اها ڪتاب پڙهڻ سان سامهون اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته 128 صفحن ۾ گهڻو ئي ڪجهه موجود آهي. وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي.

چڪ جا چندن هار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ياد رکڻ جهڙو ڪتاب
چڪ جا چندن هار
رکيل مورائي 
پنهنجن دوستن، همسفرن، استادن ۽ عالمن اديبن کي ياد ڪري هڪ هنڌ محفوظ ڪيو آهي، اسان جي محترم ليکڪ سائين آزاد بخاريءَ ۽ ان داستان کي هن نالو ڏنو آهي ”چڪ جا چندن هار“. نالي مان ظاهر آهي ته ڪتاب ۾ شامل سڀني شخصن جو تعلق چَڪ سان آهي. ٻيءَ طرح چڪُ شڪارپور ضلعي جو هڪ ادبي ۽ علمي شهر رهيو آهي، جيڪو سائين آزاد بخاريءَ جو شهر به آهي.
ڪتاب ۾ شامل شخصيتون زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ ساڳي وقت سڌي توڻي اڻ سڌي طرح ليکڪ سان به واسطو رکندڙ آهن، پر سندن ڪا نه ڪا خاص سڃاڻپ ضرور آهي، جنهن جو بنياد سندن هن ڪتاب ۾ شامل هجڻ جو سبب بڻيو آهي.

بنهه مختصر سوانحي خاڪن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب حوالي طور استعمال ۾ آڻڻ جهڙو آهي، جنهن کي آزاد بخاري صاحب گهڻي محنت سان لکيو آهي. ممڪن حد تائين تصويرن سان سينگاريل هيءُ ڪتاب 228 صفحن جو آهي ۽ پڪي جلد سان پوپٽ پبليشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 180 رپيا آهي. سانڍڻ جهڙو ۽ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي ”چڪ جا چندن هار“.

12/09/2014

نينهن ڪيو نروار- رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ صوفياڻي شاعريءَ جو ڪتاب
نينهن ڪيو نروار
رکيل مورائي

سنڌ ۾ صوفياڻي شاعري سدائين ٿيندي رهي آهي. ائين سنڌ ۾ صوفي شاعرن جو هڪ ڊگهو تسلسل آهي، جنهن جي شايد اڄ جي ڪڙي، فقير الهه وڌايو سومرو آهي، جيڪو پڻ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو سرجڻهار آهي. سندس تخليقون ممڪن آهي ڳايون به وينديون هجن، ڇاڪاڻ ته صوفياڻي شاعريءَ جو معراج راڳداري آهي. ساڳئي وقت فقير الهه وڌائي سومري جي شاعري سهيڙي، اسان جي دوست شاعر گوهر سنڌيءَ هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن جو هن عنوان رکيو آهي ”نيهن ڪيو نروار“.

هن صوفياڻي سٽ وارو ڪتاب ڪٿي ڪٿي سنڌ جي تصوف وارو ويڙهاڪ پڻو به کڻي اچي ٿو، جنهن جو سنڌ ۾ سرواڻ شاهه عنايت صوفي آهي. ڇا به هجي هيءُ صوفياڻي شاعريءَ جو ڪتاب سهيڙي گوهر سنڌيءَ، سنڌ واسين کي پنهنجو اصل پيغام ڏنو آهي، جنهن لاءِ هو جس لهڻي، خاص طور گوهر سنڌيءَ جو مقدمو پڻ ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. سونهن پبليڪيشن خيرپورپاران ڇپيل هن سهڻي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي ۽ ڪتاب ۾ 224 صفحا آهن.

چنڊ روئي ڏنو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

عورتن بابت شاعريءَ جو ڪتاب
چنڊ روئي ڏنو
رکيل مورائي
مان سمجهان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به شاعر جو هيءُ پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيڪو سمورو عورتن بابت آهي ۽ جنهن ۾ عورتن جا ڏک سور انهن کي ايندڙ تڪليفون ۽ انهن جي سماج ۾ لڳاتار هيٺ ڌڪجندڙ ڪردار بابت نظم، گيت، غزل ۽ وايون آهن. هيءُ ڪتاب اسان جي قومي ڪارڪن ۽ شاعر گوهر سنڌيءَ جي شعرن جو مجموعو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”چنڊ روئي ڏنو“.
گوهر سنڌي سنڌ جو اهڙو  شاعر آهي جيڪو نه رڳو علمي ۽ ادبي طور سنڌ لاءِ وڙهي رهيو آهي پر عملي طور به هو ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي. هيءُ ڪتاب سندس سنڌي عورت ۽ دنيا جي مظلوم عورتن ڏانهن سندس رويو ظاهر ڪري ٿو. ساڳي وقت انساني قدرن جي ٽٽڻ تي هڪ دانهن به آهي، جيڪا شايد دنيا جي مظلوم عورت وڌيڪ ڌيان سان ٻڌي سگهي ٿي ۽ انهن عورتن ۾ سنڌي عورت به شامل آهي.

گوهر سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌ جي مڙني عورتن کي پڙهڻ گهرجي. پڪي جلد سان هن 121 صفحن جي ڪتاب جو ملهه 150رپيا آهي. ڪتاب سونهن پبلڪيشن خيرپورپاران ڇپايو ويو آهي.

11/09/2014

گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس - احسان دانش (Ahsan Danish)

”اميدن شور آندو آ، جمودن کي مان ٽوڙيندس“
گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس

احسان دانش
شاعري ڪو جادوئي نغمو آهي جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ هلچل مچائي ٿو. شاعري ڪو اهڙو پُر لطف آهنگ آهي جنهن کي احساس جي ڌن تي گنگنائي سگھجي ٿو. شاعري ڪا اهڙي ندي آهي جنهن جا پنهنجا گس ۽ گھيڙ آهن، شاعري اهڙي پياس جو پنڌ آهي، جنهن جي آس هر اُن من ۾ جاڳي ٿي جنهن ۾ بي چينيءَ جا رُباب وڄن ٿا. شاعري هڪ اهڙو سرور آهي جنهن جي ڪيف کي اهڙا متارا ئي سمجھي سگھن ٿا جن موکيءَ واري مئي جو مزو ماڻيو هجي. شاعريءَ جو اهو غمزو ۽ غنا، ترنم ۽ آهنگ، پياس ۽ سرور ان کي گھڻ رخو، گھڻ معنوي ۽ گھڻ احساسي چيز بڻائين ٿا. سمورن لطيف فنن منجھان شاعريءَ کي مٿاهون ۽ معتبر فن ڄاتو ويو آهي.

10/09/2014

جلاوطن ننڊون - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)

جلاوطن ننڊون
مٺل جسڪاڻي 
شاعري وڌ ۾ وڌ ٻُڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي، شايد ان ڪري ئي شاعر به گهڻا آهن ۽ شاعري به ججهي ٿي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ گهڻي مڃتا، وڌيڪ اهميت ۽ ججهي عمر به معياري شاعري ۽ ان جي شاعر کي نصيب ٿيڻي آهي، تنهنڪري هر شاعر کي شاعري سرجڻ کان اڳ توڙي قلمبند ڪرڻ دوران، وقت جي تقاضا کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي. لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندڙ شاعر نه مڃتا ماڻي سگهيا آهن، نه ئي کين اهڙي اميد رکڻ گهرجي.
شاعريءَ جي معيار جو ججهو دارومدار مطالعي، مشاهدي ۽ مشق تي آهي. گهڻو فائدو انهن شاعرن کي ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي عمر سارو تجربو رکندڙ آهن. البت، جيڪي شاعر ته آهن، پر شاعري ڪرڻ وقت سنجيده نه هوندا آهن، انهن جي شاعريءَ ۾ اهو بحر، وزن ۽ سرور نه هوندو آهي، جنهن جي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي ضرورت هوندي آهي. نتيجي طور سندن تجربو، عمر ۽ شاعريءَ جو مقدار بي مقصد رهجيو وڃي.
مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو.

09/09/2014

شاعر گلزار جي غزل جو تنقيدي جائزو - سيما گل (Seema Gul)

سيما گل
وڇوڙو شاعري آهي
فيس بڪ تي پوسٽ ڪيل خوبصورت شاعر گلزار جي غزل جو تنقيدي جائزو

گلزار جو غزل
وڇوڙو شاعري آهي ته ميڙو هڪ ڪهاڻي آ،
پرينءَ ڏي پنڌ ڪاهيندي سفر جي سڪ ڪهاڻي آ.
هوا جي هنج ۾ نچڻي ڏسي ٿي ناچ هٿڙن جو، 
منڊيءَ جو منڊ ڪوتا ۽ ڇلي جي ڇڪ ڪهاڻي آ.
وکن جي راڳڻي رستن جي دل تي وجد آڻي ٿي،
لڏڻ جي لوڏ ڳلين ۾ منڊيءَ تي ٽڪ ڪهاڻي آ.
ڪهاڻيءَ جي ڪٿا سنبري پڇان ڪنهن پير کان ڪهڙي،
مٽيءَ جي مقبري هيٺان دفن هڪ چڪ ــ ڪهاڻي آ.
سنواري وار پارائن گڏي کي ٻار ٻاهونٽو،
لڳي ٿو بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ ڪهاڻي آ.
پتڻ جي پيهه ۾ ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي،
پرين ــ ڀر جا ڪهاڻي آ سا اورين ــ ڀڪ ڪهاڻي آ.
گلزار سنڌي شاعريءَ جو هڪڙو سيبتو ڪوي آهي جنهن جي شاعريءَ جا رنگ جيڪي به ۽ جهڙا به آهن، پنهنجا تخليق ڪيل آهن، جيڪي وڻندڙ، دل ڇهندڙ ۽ ذهن کي جنجهوڙيندڙ آهن، ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ بهترين اضافو پڻ آهن. هو نئين عهد جو نئون نڪور شاعر آهي، هن جي شاعري ۾ نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ ترڪيبون به آهن ته اها شعري رنگت به آهي جنهن سان رڱجي هن جي خيالن جي خوشبوءِ جو ڦهلاءُ اسان جي دلين کي تازگيءَ ڀريو واس ۽ احساس بخشي ٿو.

07/09/2014

نياز همايونيءَ جي ياد ۾ - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي!
(نياز همايونيءَ جي ياد ۾)

پَلَ پهر ته ڇا، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو هليا ويا! وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي، سنڌ جي نامور شاعر، نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس، ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ، اچي در کڙڪايو.
“خير ته آهي؟” اوچتو اچڻ جو سبب پڇيومانس.
“مون کي ڪهڙي خبر! سائينءَ (ذوالفقار راشديءَ) تو کي سڏڻو آ، تو کي ڄُلڻو آ، سو تون مون سان ڄُل.” هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو، “مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟ توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.”
زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.

06/09/2014

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم

صُوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جو غير جانبدار نموني سان تجزيو ڪبو، ته هي شهر سياسي توڙي مذهبي، ادبي توڙي ثقافتي ۽ تهذيبي خواهه تمدني طور، حسين ۽ سھڻن رنگا رنگي گلن جو اهو خوبصورت چمن آهي جنهن جي هر گل جو رنگ نرالو ۽ جداگاڻو، موهيندڙ ۽ خوشبودار آهي. هيءُ شهر، سياسي ۽ مذهبي، ادبي ۽ قديم روايتي تهذيب ۽ ثقافت جي ڪري اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ واري ٽٻ روشنيءَ سان دنيا جي اکين ۾ اجالو ڀري ٿو. گذريل ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، لاڙڪاڻو برصغير جي حدن کان ٻاهر، موهن جي دڙي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. جڏھن ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ ۾، هڪ خوبصورت شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، اهڙو اضافو ڪيو جو لاڙڪاڻي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو.

01/09/2014

سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو


سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي

 هن پرنٽ، پبليڪيشن ۽ اليڪٽرانڪ جهڙي جديد دَور ۾، سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ مختلف، پر ڌاريا ۽ پراوا مؤرخ ميدان ۾ لهي آيا آهن، جيڪي پنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر، سنڌ جي تاريخ کي مروڙي سروڙي لکي رهيا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾، وقت روان واري سنڌ جي اصلي ۽ صحيح تاريخ اڻ ڌريو بڻجي ڪير لکندو؟ ڪنهن کي لکڻي آهي؟ جيڪڏهن سنڌ جي اصلي حقيقتن سان ڀريل تاريخ، هاڻي به نه لکي وئي، ته پوءِ ڪڏهن به نه لکي ويندي؟ اهڙي تاريخ نيٺ ڪير لکندو؟ لڳي ائين ٿو ته اسان جي ايندڙ نسل کي، پراون/ڌارين جي جڙتو ۽ جڳاڙي، غلط ۽  ڪوڙي لکيل تاريخ تي ڀاڙڻو پوندو!