سردار خاتون
پرينءَ جو شهر- ڪتاب تي تَبصرو
سردار خاتون
پرينءَ جو شهر- ڪتاب تي تَبصرو
ڊاڪٽر
رياضت ٻرڙو
شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار
(مختصر جائزو)
دادن ’ثقلين’ لاشاري
نور جوڻيجي جي ناول
”خالي پڻي جو کاڄ“ جو تنقيدي اڀياس
ناول جي صنف سنڌي ادب ۾ اوتري پروان نه چڙھي آھي جيتري واڌ ويجهه سنڌي شاعريءَ ۽ سنڌي افساني/ ڪھاڻي ڪئي آھي. سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات 1870ع ۾ ڊاڪٽر جانسن جي ناو ”راسيلاس“ جي سنڌيءَ ۾ ترجمي سان ٿي جنھن جو سھرو مرزا قليچ بيگ جي سر تي آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي اصلوڪي ناول لکڻ جو تاج به قليچ بيگ جي ئي مٿي تي آھي جنھن 1881ع ۾ ”دلارام“ ۽ 1885 ۾ ”زينت“ لکي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ٻه ناول جا موتي وڌا.
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
نوجوان ۽ لائق محقق دوست
ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
(ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جي ڪتاب ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ تي محبت منجهان لکيل تاثراتي لفظ)
علي جان جو نالو به پيارو ۽ دل وارو، ته پاڻ به پيارو ۽ دلبر دوست آهي. سُٺي نموني، شانَ ۽ مانَ سان ڳالهائيندڙ به، ته ورتاءُ ڪندڙ به. سندس ڳالهائڻ ۾ پنھنجائپ ڀرپوريت سان سمايل هوندي آهي، ته ساڻُ هوندي، سندس اُٿا ويٺيءَ ۽ قرب-ڪچھريءَ مان سِڪ ۽ ساٿ به پيو پاڻ پَسائيندو آهي. پاڻ، سنگت ۾ هر طرح ميٺ محبت سان هلندڙ ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس دل ۽ زبان جي ٻوليءَ ۾، انڪار جي ٻوليءَ بدران اقرار جي ٻولي لفظ لفظ منجهان اڀري ايندي آهي. هن جي ورتاءَ ۾ شامل آهي ته جتي به، جيترو به، سندس وَس ۽ اختيار هلندڙ هوندو، اوترو وس ۽ اختيار هلائيندو، جتي ۽ جيتري به ڪوشش سندس وس ۽ اختيار ۾ هوندي، اوتري ڪوشش ضرور ڪندو، ته جيئن دوست، يار، سنگت، ساٿيءَ، مِٽ، مائٽ، اوڙي پاڙي ۽ واسطي واري جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ واسطي رُڪيل يا اٽڪيل ڪم، روڪَ ۽ اَٽڪ مان نڪري، اڳتي وڌي ۽ نبري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو اوپرو ۽ اڻڄاڻ ماڻهو به هن جي مدد جو گهرجائو هوندو، ته هو ضرور سندس ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو سندس سڀاءَ ۾ شامل آهي. مون ڏٺو آهي ته هو پنھنجي سِر تي ڏکيائي سھڻ ته برداشت ڪري ويندو آهي، پر دوست جي سِر تي ڏکيائي سَھي نه سگهندو آهي.
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
روشني ته زندگي آهي!
(محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ تي لکيل پيش لفظ)
”زندگي نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آهي، نه وِسامي وڃڻ جو. زندگي نالو آهي، دُکيل
رهڻ جو.“
ٿَڏي تي ئي، مون کي خيال آيو ته ”واهه! شروعات ملي وئي.“
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
وِيھين ۽ ايڪوِيھين صديءَ جي سنگم جو
نمائنده شاعر آڪاش انصاري
جنوري 1990ع ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڏاڍي خوبصورتيءَ سان
۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ تي پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ته سنڌي ادبي دنيا ۾ بيحد
سھڻو ڪتاب ڇپجڻ تي وهه واهه ٿي وئي هئي. حقيقت ۾ اهو ڪتاب صرف پنھنجي ظاهري سونھن
سبب ئي پسند نه پئي ڪيو ويو، پر ان جي سچي سونھن ۽ حقيقي حسناڪي، ان جي نظمن ۽ غزلن
۾ ئي سمايل، سموهيل ۽ سينگاريل جذبن، احساسن، اُڌمن ۽ اُمنگن ڪارڻ هئي، جيڪي جيءَ
اندر ٿانيڪين لھرن کي اوچا اُڀار ڏئي رھيا ھئا. اهو ڪتابُ ڪو ٻيو نه، پر ”ڪيئن
رهان جلاوطن“ هو، جنھن جو شاعر آڪاش انصاري هو.
ڀٽڪي پنھنجو دڳ
وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجهه گگن،
نه جنھن جو ڪوئي
آهيرو، نه آشيانو ۽ چمن،
مان به پنھنجي
ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن. (نظم ”جلاوطن“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/39)
گل ڪٽوهر
رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي هڪ نظر
رشيد ڀٽيءَ جو ناوليٽ ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ان کي پڙهي بهتر سمجھيم ته ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيان. اهو ان ڪري به مناسب سمجھيم ڇوته جنهن قسم جي ماحول جي عڪاسي ڀَٽِي صاحب پنهنجي ناول ۾ ڪئي آهي بلڪل ان قسم جي زندگي مان به گذاري چڪو آهيان. ها فرق صرف ڪجھ سالن جو آهي. رشيد ڀٽيءَ جي ناول جا ڪردار اوڻيهه سؤ سٺ جا ٿا لڳن جڏهن ته اوڻيهه سؤ ستر جي آخري سالن کان مان پاڻ پڻ اهڙي ئي ماحول جو حصو رهيو آهيان.
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
شاعراڻي ڏندڪٿا
[دادن ”ثقلين“
لاشاريءَ جي ڪتاب ”مٽيءَ جو مڪتب“ جو مھاڳ]
سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر
شيخ اياز ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته
شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.
”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو“ (ڇاپو 3: 1995، ص 83) ۾ شامل غزل جي ان مطلع ۾، شاعريءَ جي ڪارج، فڪر ۽ فن جو طلوع جنھن طرح سمايل آهي، اهو شيخ اياز جو ئي ڪمال آهي! اهو شعر شاعريءَ جي معيار بابت به چٽيءَ طرح آگاهي ڏي ٿو. ’روح گرمائڻ‘ لاءِ جيڪي جذبا، اڌما، احساس، ارمان، اُمنگون ۽ ڪيفيتون گهرجن، اُهي موجود ته انيڪ ماڻهن ۾ ٿي سگهن ٿيون، پر انهن جو اظھار شاعريءَ ۾ ان ريت ڪري سگهڻ، جو اها ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود‘ کي ماڻي، سا هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته جذبن، اُڌمن ۽ احساسن، ارمانن، اُمنگن ۽ ڪيفيتن جي پس منظر ۾ محبتن جي مھڪ به هوندي آهن ته نفرتن جا ڏنگَ به، پيار جي پڪارَ به هوندي آهي ته دُوريءَ جي ڌڪارَ به، من جي خوشي به هوندي آهي ته دلڙيءَ جو درد به، امن جي اڏار به هوندي آهي ته ويڙهه جي والار به، داخليت جي گھرائيءَ به هوندي آهي ته خارجيت جي وسعت به، خواب جي ساڀيان به هوندي آهي ته جاڳ جا ڀاڳ به، اکڙين جي اميد به هوندي آهي ته هينئين جا کُٽڪا به، اڪيلائيءَ جا وَڍ به هوندا آهن ته ساٿ جا مرهم به... سڀ ڪجهه ته هوندو آهي انهن جذبن، اڌمن، احساسن، ارمانن، امنگن ۽ ڪيفيتن ۾! شاعريءَ ۾ اهڙو ئي ته ڪو نه ڪو عڪس، تصور ۽ خيال هوندو آهي. هاڻ اهو شاعر جي سوچ، سمجهه ۽ سگهه تي مدار رکي ٿو ته اهو ڪيتري قدر پنھنجن عڪسن، تصورن ۽ خيالن ذريعي ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود کي پائي‘ سگهي ٿو يا ان اتم معيار جي ويجهو وڃي سگهي ٿو.
دادن ’ثقلين‘ لاشاري
منظور ڪوهيار جي ناول ”ڊيناڪ 109“ جو تجزيو
سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي ڪتاب وڌ کان وڌ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ سوانح عمريون ۽ آتم ڪٿائون سڀ کان مٿي آھن. انھن ٻنھي صنفن کان پوءِ جيڪي ڪتاب وڌيڪ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ ناول سڀني کان مٿانھون بيٺوآھي. سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ جيڪا صنف ڪافي پٺتي پيل ھئي انھي ۾ ناول ڪافي عرصي تائين مٿي رھيو آھي. تمام گهٽ معياري ناول پئي لکيا ويا. پر پوئين ڏھاڪي کان وٺي سنڌي ادب ۾ ناول ڪافي لکجي رھيا آھن. ان جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جي ذريعي ملندڙ پذيرائي ۽ موٽ بہ آھي تہ ساڳيي وقت انھن ۾ ٻہ مکيہ سبب ھي بہ آھن تہ ھڪ: شرح خواندگي پوين ويھن سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت وڌيڪ آھي ۽ ٻيو: سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجن ڪروڙن جي آبادي مان تقريبن 33سيڪڙو آباديءَ جوحصو نوجوان آبادي تي مشتمل آھي جيڪي عمومي طور ڪتابن طرف مائل ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ناول جو جهجي تعداد ۾ لکجڻ ھڪ خوش آئندہ ڳالهه آھي پر اڪثر ڪري ناولن جا موضوع گهڻي ڀاڱي روايتي ڏٺا ويا آھن. اسان وٽ ناول جي صنف ۾ تجربا ڪافي حد تائين گهٽ ڪيا ويا آھن. ڪنھن بہ صنف، خاص ڪري نثري صنف، جي جيئندان ۽ ترقيءَ لاءِ اھو انتھائي ضروري آھي تہ ان ۾ مختلف تجربا ٿيندا رھن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ان ۾ نہ رڳو نواڻ آندي وڃي پر نيون تبديليون، نوان گهاڙيٽا، نوان اسٽائل پنھنجايا وڃن. انگريزي زبان ۾ ناول لکڻ جا ڪي ويھہ کان مٿي قسم ٻڌايا ويا آھن جن ۾ ھيٺيان ڏنل قسم ڪجهه وڌيڪ مشھور آھن:
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!