08/01/2025

”اندر جنين رڻ“ ناول جو جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

 اڪبر لغاري

”اندر جنين رڻناول جو جائزو

هيءُ ناول، لاڙ ۾ برساتن ۽ سمنڊ ۾ چاڙھ سبب ٿيندڙ تباهي جي پس منظر ۾ لکيل آهي جنھن ۾ نه صرف، ڪيئي ٻنيون، گهر۽ فصل لڙهي ويا پر هزارين ماڻهن جون حياتيون به ويون. جيڪي بچيا، اهي اهڙو دربدر ۽ برباد ٿيا جو سالن تائين آباد نه ٿي سگهيا. ناول ۾ گھرن ۽ ماڻهن جي لڙهڻ جا دلخراش منظر اهڙي طريقي سان بيان ڪيل آهن جو پڙهندڙ جي دل کي جهٻو اچيو وڃي. ڪٿي ڪٿي ته قيامتِ صغريٰ آهي. برسات جو پاڻي ايترو هو جو مري ويل ماڻهن جي لاشن دفن ڪرڻ لاءِ ڪا خشڪ زمين نه بچي هئي. جن ماڻهن وڻن تي چڙهي، پاڻي کان بچاءُ ڪيو، اهي بکن وگهي مري ويا.

ناول جو مک ڪردار هڪ اڳوڻو استاد ۽ انسومنيا جو مريض آهي جنھن کي جڏهن ننڊ نٿي اچي ته هو لکڻ لڳي ٿو. هو فلسفي سان گڏ، اوشو کي پڙهڻ جو به شوقين آهي. سندس ڀاءَ، سانول 1999 واري طوفان ۽ برسات ۾ گم ٿي ويو هو جيڪو وري ڪڏهن به ظاهر نه ٿيو. سانول، رڻ جو عاشق هجڻ سان گڏ، فطرت سان به بيپناهه محبت ڪندو هو. هن ۾ ڪجهه سوداءُ جون نشانيون هيون جنھن کي ڏسي ماڻهو چوندا هئا ته هي پنھنجي ڏاڏي موسي تي ويو آهي.

مک ڪردار جي ڏاڏي موسي جي ڪھاڻي دلچسپ آهي. هو به رڻ ۽ فطرت جو عاشق هو ۽ هو به آخري عمر ۾ گم ٿي ويو هو. ورهاڱي کان پھرين ڏاڏو موسو، ڪنواٺي تي پاڻي ڀري، گهرن ۾ پڄائيندو هو. کيس راڌا سان عشق ٿي ويو جيڪا ورهاڱي مھل انڊيا هلي ويئي. ڏاڏي موسي هن کي ڳولي هٿ ڪيو ۽ سندس گهر ٻاهران باغ پوکي موٽي آيو. ڏاڏي موسي جي عشق جو داستان ڏاڍي خوبصورت ۽ پراثر طريقي سان چٽيل آهي. سانول کي به راڌا نالي هڪ دراوڙي سان عشق ٿيو هو. راڌا جو پٽ گورڌن شڪل ۾ ڪجهه سانول سان مليو ٿي ان ڪري، سندس ڀاءُ، گورڌن جي مدد ڪندو آهي.

هن ناول جو سٺ کان ستر سيڪڙو حصو، ناول آهي ئي ڪونه. اهو مصنف جي ريسرچ ٿيسز جو حصو آهي جنھن ۾ پاڻيءَ بابت انگ اکر وغيره ضرورت کان تمام گهڻا ڄاڻايل آهن. فڪشن صرف ٽيھه کان چاليھه سيڪڙو آهي جيڪو دلچسپ، مزيدار۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنھن کي پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مصنف ۾ فڪشن لکڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي ليڪن سندس محققانه شخصيت، سندس اندر جي فنڪار کي گهٽو ڏئي ويٺي آهي. ٻنهي شخصيتن کي الڳ الڳ ڪم ڪرڻ ڏجي ته بهتر.

پنھنجي ڀاءُ سانول کي ڳولڻ جي چڪر ۾ هو مختلف ماڻهن سان ملي ٿو ۽ مختلف ماڳن تي وڃي ٿو. ان دوران کيس تمام گهڻي معلومات ملي ٿي. ڍنڍن، آئوٽ فال ڊرين، پراڻ ندي، سمنڊ، پکين، رڻ ۽ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقن بابت ڄاڻ ضرورت کان وڌيڪ ۽ منجهس ايترو ورجاءُ آهي جو ناول پڙهندڙ شديد بور ٿو ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ڄاڻ، پاڻي ماهرن ۽ ماحوليات جي ماهرن لاءِ ڪارآمد هجي، باقي هن کي ناول سمجهي پڙهندڙ کي ڏينھن جا تارا نظر اچي وڃن ٿا.

هن طويل تحقيقي مقالي جي وچ وچ ۾ جيڪي الڳ الڳ ڪھاڻيون اچي وڃن ٿيون، اهي ڏاڍيون دلچسپ آهن.

سانول جي دوست ۽ رڻ تي تحقيق ڪندڙ جاذب جو ڪردار ۽ هن جي وحشت کي سٺي نموني بيان ڪيل آهي. سانول جو دوست هجڻ سبب، جاذب، مک ڪردار جو به دوست بنجي وڃي ٿو ۽ کيس پنھنجي عشق جو داستان خطن ۾ لکي موڪلي ٿو. کيس پنھنجي اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان ڇوڪري سورٺ سان عشق ٿي وڃي ٿو جنھن تي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ٻيو نوجوان شوڪت به عاشق آهي. سورٺ، جاذب کان پندرهن سال ننڍي آهي. جاذب نوڪري ڇڏي هليو وڃي ٿو ته جيئن سورٺ کان پري ٿي وڃي. اصل ۾ کيس اهڙي بيماري هئي جنھن ۾ سندس مرڻ يقيني هو. اهڙيءَ صورت ۾ سورٺ، شوڪت جي وڌيڪ ويجهو اچي وڃي ٿي ليڪن شوڪت، سورٺ سان شادي نه ڪئي، ان ڪري جو سندس مڱڻو اڳ ئي ٿيل هو. مجبورن سورٺ جي ڪنھن شادي شده واپاريءَ سان شادي ٿي وڃي ٿي.

جاذب کي ڪي غلط فھميون، ڪجهه فيصلي ڪرڻ جي گهٽ صلاحيت، وقت تي فيصلو نه ڪري سگهڻ (Indecissiveness) جي خامي ۽ منجهس جذباتيت ۽ خود رحميءَ جھڙن جذبن جي پر اثر عڪاسي ڪيل آهي.

مُک ڪردار جي ڳوٺ کي وهمين جو ڳوٺ به سڏيندا هئا. موسي جي پٽ شھمير کي وهم ٿي پيو هو ته سندس ڪلهو ڪري پيو آهي، جنھن سبب گهران نه نڪرندو هو. ڳوٺ وارا بنا ڪنھن مرض جي سڄو ڏينھن ڊاڪٽرن جي پويان هوندا هئا ته هو بيمار آهن.

چاچو نبنو، گاڏيءَ ۾ نه چڙهندو هو. کيس خوف هو ته گاڏي ۾ چڙهندو ته مري ويندو. هن ئي ڳوٺ مان هڪڙو ڄڻو ويھين گريڊ جو آفيسر ٿيو. کيس سرڪاري گاڏي ملي، پر هو هميشه بس ۾ سفر ڪندو هو، کيس وهم هو ته سرڪاري گاڏي گم ٿي ويندي.

ڪولر واري جو قصو به مزيدار آهي. هنن جي ڳوٺ مان هڪڙي ڄڻي کي وهم ٿي پيو ته جيڪڏهن کيس اڃ لڳي ۽ پاڻي نه مليو ته هو مري ويندو، تنھنڪري هو جيڏانھن به ويندو هو، پاڻيءَ جو ڪولر سندس هٿ ۾ هوندو هو پر پاڻي وري به نلڪي مان پيئندو هو، ته جيئن ڪولر وارو پاڻي ختم نه ٿي وڃي.

جوسب دلن وارو“، هي قصو به دل کي ڇھندڙ آهي. يوسف کي ورهاڱي کان پوءِ ڪلارڪي ملي هئي جيڪا انهن ڏينھن ۾ وڏي ڳالهه هئي. ٿوري گهڻي رشوت به وٺندو هو ۽ پئسا لڪائڻ لاءِ، هڪ دلي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هڪ رات هِن اهو دلو، گهر جي اڱڻ ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيو. دلو پوريندي کيس پاڙي وارن ڏسي ورتو. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ، هن اهو دلو اتان ڪڍي، وري ٻي هنڌ پوريو. کيس وهم ٿي پيو ته متان ڪير دلو ڪڍي نه وڃي. هو بار بار دلو ڪڍندو ۽ پوريندو رهيو. پاڙي وارن وري اهو سمجهيو ته، هن پئسن سان ڀريل کوڙ دلا زمين ۾ پوريا آهن. ائين ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ ڦھلجي وئي. يوسف جي مرڻ کان پوءِ، مائٽن گڏجي کوٽائي ڪئي ته کين صرف هڪ دلو مليو جيڪو نوٽن سان ڀريل هو. ليڪن اهي نوٽ ڪنھن به ڪم جا نه هئا، ڇو ته ڪرنسي بدلجي چڪي هئي.

نظرياتي سياسي ورڪر پنهل جو الميو به سٺو بيان ڪيل آهي جنھن کي احساسِ رائگان ستائي رهيو هو. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو سڀ ڪجهه هارائي چڪو آهي. هاڻي نه نظريو رهيو آهي نه سياست. نه مزاحمتي ادب رهيو آهي نه ئي مزاحمت.

هن ناول جي مُک ڪھاڻي اها ئي آهي ته، مک ڪردار ڊائريون لکي ٿو جنھن مان هي ناول بنجي ويو، ليڪن جتي مک ڪردار هڪ ڪمزور ۽ بي عمل ڪردار آهي، اتي مک ڪھاڻي هِن کان به وڌيڪ ڪمزور آهي. ها البته، ذيلي ڪھاڻيون دلچسپ آهن.

جيڪڏهن جاذب جي ڪھاڻي کي مرڪزي ڪھاڻي ۽ ٻين ڪھاڻين کي ذيلي ڪھاڻين جي طور استعمال ڪجي ها ته ڳالهه ڪجهه نڀجي وڃي ها. وهمين جون ذيلي ڪھاڻيون توڙي جو زبردست دلچسپ آهن پر اهي ناول ۾ صرف هڪ پُر لطف تماشي جو ڪم ڏين ٿيون، انهن ڪھاڻين سان ڪنھن خاص ٿيم جو مربوط خاڪو نٿو جڙي ۽ اهي ناول جي مجموعي سيٽ اپ کان بلڪل ڌار بيٺيون آهن. پرمجموعي سيٽ اپ ڇا آهي هن ناول جو؟ برساتن، طوفان ۽ سمنڊ جي تباهڪارين جو تفصيل! جيڪو ڊاڪيومينٽري جو مواد آهي ناول جو نه.

اها ڳالهه هضم ڪرڻ به ٿوري ڏکي ٿي لڳي ته ايترا وهمي يا مت جا موڙهل سڀ اچي هڪڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا!

برساتون، طوفان ۽ مصيبتون ته واقعا هئا پر صرف واقعات نگاري کي به ناول نٿو چئي سگهجي. هنن مصيبتن کي پڙهندي ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ انهن تباهڪارين تي ڪنھن صحافي ڪنھن وڏي اداري لاءِ اسٽوريز ڪيون آهن. فڪشن ۽ اخباري رپورٽن يا اسٽوريز ۾ فرق هوندو آهي.

جيڪڏهن ٽي سئو صفحن جي هن ناول مان غيرضروري ريسرچ پيپرز واري مواد جا ڏيڍ سئو صفحا ڪڍي ڇڏجن ها ۽ ڪھاڻين جو ڪو منطقي نتيجو ڪڍجي ها ته هيءُ هڪ بھتر ناول ٿي سگهيو ٿي.

No comments:

Post a Comment