03/01/2025

ناول ”آراڌني“ جو جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

 اڪبر لغاري

 ناول ”آراڌني“ جو جائزو

 ”آراڌني“ جو تعلق گهاتو نگر يا لياري جي هڪ سُٺي خاندان سان آهي. جتي هُوءَ مائٽن جي ۽ ڀائرن جي دادلي آهي. کيس مسلسل هڪ خُواب اچي ٿو، جنھن ۾ هُوءَ ڏسي ٿي ته ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، جنھن جي ناکُئي کي ڪارا ڪپڙا پھريل آهن ۽ سندس چھري تي نقاب پيل آهي. هُو کيس درياءُ جي ٻي پار پُڄائي، پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو ۽ هڪ وڻ طرف اِشارو ڪري ٿو. هُوءَ ڏسي ٿي ته ان وڻ هيٺان هڪ خُوبصرت ڇوڪري ويٺل آهي، جنھن جي هَنج ۾ هڪ سُھڻو نوجوان ليٽيل آهي. غور سان ڏسي ٿي ته وڻ هيٺان ويٺل ڇوڪري هُوءَ پاڻ آهي. کيس اجنبي ٻُڌائي ٿو ته، اهو سندس ماضي آهي. پوءِ ڪي ڌرمي ماڻهو ڀالا کڻي اچن ٿا ۽ ان نوجوان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. ساڳيو ڀالو کڻي، جڏهن اها ڇوڪري خودڪشي ڪري ٿي، تڏهن آراڌني نِنڊ مان جاڳي پوي ٿي. هِي خواب سندس زندگيءَ ۾ ايستائين اچي ٿو، جيستائين هن جي ملاقات منصور سان نٿي ٿئي.

هڪ ڏينھن آراڌني شاهه لطيف جي روضي تي وڃي ٿي ته کيس ساڳيو نقاب پوش نظر اچي ٿو. هِيءَ نقاب پوش جو پِيڇو ڪري ٿي ته هُو ڌمال واري پاسي وڃي ٿو ۽ اُتي پھچي، آڱر سان هڪ طرف اِشارو ڪري ٿو. آراڌني، هن جي اِشاري طرف ڏسي ٿي ته هن کي اُهو خُواب وارو نوجوان نظر اچي ٿو جيڪو منصور آهي. اڳتي هلي، آراڌني جي، منصور سان دوستي ٿئي ٿي، جيڪو هڪ تحريڪ جو آغاز ڪري چڪو هو، جنھن جو نالو هو، ”‌همه اوست تحريڪ.“ هن هڪ ادارو به کوليو، جتي هُو ليڪچر ڏيندو هو. شبلي ڪبير نالي نوجوان سندس ٻانھن ٻيلي هو.

ڪراچي جي هڪ مدرسي جو مھتمم حامد عباس، ماضيءَ ۾ منصور جو ڪلاس فيلو رهي چڪو هو. کيس همه اوست تحريڪ تي زبردست اعتراض هو ۽ کيس يقينن سَگهارين ڌُرين جي پشت پناهي به حاصل هئي. حامد عباس، مدرسي تي ڪوڙو حملو ڪرائي، منصور کي بلاسفيمي جي ڪُوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏي ٿو. آراڌني، مولانا رومي جي مزار تي، قونيه هلي وڃي ٿي، جتي منصور ۽ آراڌني جو اُستاد، شمس جلال، اڳ ئي موجود هو. اُتي به آراڌني کي نقاب پوش نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ، هِيءَ واپس اچي ٿي ۽ منصور سان جيل ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر کيس ملاقات جي اجازت نٿي ملي. جيل سپرنٽينڊنٽ، مسعود حسن، منصور جي فڪر کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سندس خيال تبديل ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي مسعود حسن، همه اوست تحريڪ جو حامي ٿي وڃي ٿو.

آراڌني ۽ شبلي، منصور جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪن ٿا پر سڀ بي سود ٿي ٿو وڃي. آخر ۾ منصور کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو وڃي ٿو ته مٿس نامعلوم ماڻهو قاتلاڻو حملو ڪن ٿا ۽ هُو ان ۾ مارجي وڃي ٿو. آراڌني، منصور جو جسدِ خاڪي کڻي، مڪلي رواني ٿئي ٿي ۽ اُتي ئي تدفين ڪئي وڃي ٿي. اُتي وري ساڳيو ئي نقاب پوش نمودار ٿئي ٿو، جنھن جي چھري تان جڏهن نقاب لھي ٿو ته هُو به منصور ئي هوندو آهي، جيڪو چوي ٿو ته آئون حق آهيان، آئون سچ آهيان، آئون منصور، سرمد، شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جو تسلسل آهيان ۽ هاڻي آئون آراڌني آهيان.

هِي ناول حسين ابن منصور الحلاج جي زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ جو جديد رُوپ آهي. جنھن کي انگريزيءَ ۾ (Retelling) چئبو آهي. هن ۾ اڪثر ڪردار ساڳيا اُهي رکيا ويا آهن، جيڪي حسين ابن منصور الحلاج واري سچي واقعي سان تعلق رکن ٿا، يعني منصور، حامد، شبلي وغيره. بظاهر ته حسين بن منصور تي بلاسفيمي جو ڪوڙو الزام هڻي کيس رستي تان هٽايو ويو هو، ليڪن اصل ۾ اهو هڪ سياسي ۽ رياستي قتل به هو، ڇو جو حسين حلاج جي وجود کي عباسي خليفن پنھنجي حڪومت لاءِ خطرو ٿي سمجهيو.

هن ڪھاڻيءَ ۾ به منصور تي بلاسفيميءَ جو ڪُوڙو الزام هڻي انهيءَ ڪري هٽايو ويو جو سندس همه اوست تحريڪ، وقت جي حُڪمرانن لاءِ خطري جي گهنٽي هئي. نه صرف حڪمرانن لاءِ، پر سچن صوفين جو فڪر ۽ طرزِ عمل، انتھاپسندن ۽ ڪوڙن مسند نشينن لاءِ پڻ هڪ للڪار هوندو آهي. کين پنھنجو اقتدار خطري ۾ نظر ايندو آهي. هن ناول جي شروعات خوبصورت منظرڪشيءَ سان ٿئي ٿي، جڏهن آراڌني شام جي تاري جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿي. ان کان پوءِ گهاتو نگر جا منظر به جمالياتي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا. ٻوليءَ جي رواني ۽ ڪھاڻي ٻُڌائڻ جي انداز ۾ پڙهندڙ کي قصه گوئي وارو لطف اچي ٿو. هن کي علامتي ناول به چئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ سڀ نالا علامتي طور استعمال ڪيا ويا آهن. منصور حق جو استعارو آهي، للڪار آهي ۽ بغاوت جي علامت آهي. شمس جلال ۾ ٻن نالن يا علامتن کي گڏائي استعمال ڪيو ويو آهي. جلال الدين رومي، عشق ۽ علم جو استعارو آهي ته شمس تبريز عشق ۽ وجدان جي علامت آهي. شبلي وري عشق ۽ دانائيءَ جي علامت آهي.

آراڌني، لفظ آراڌ مان نڪتو آهي. جنھن جي معنيٰ آهي عاشق يا جوڳي. مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي سرحد تي بيٺل آراڌني يعني جوڳڻ، پنھنجي محبوب ۽ ان جي نظريي تي فنا ٿيڻ لاءِ تيار آهي. کيس پنھنجي وجود جي ڪا پرواھ، ڪا ڳڻتي ڪانهي. انهيءَ جوڳ ۾ هُوءَ سڀ ڪُجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، سڀ ڪجهه سَھڻ لاءِ تيار آهي ۽ اها ئي آهي رسمِ منصوري. لڳي ٿو ته مصنفه هِي ڪردار، پنھنجو اندر چِيري لکيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته، ڪيئي منصور ايندا رهندا ۽ حق جي راھ ۾ ماربا به رهندا پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته، انهيءَ رسمِ منصوري کي نڀائڻ لاءِ ڪيئي آراڌنيون به پيدا ٿين. مصنفه انهن علامتن، استعارن ۽ ڪھاڻيءَ جي پيچن کي استعمال ڪندي ڪمال مھارت سان انتھاپسنديءَ کي ننديو آهي ۽ تڪثيريت، رواداري ۽ سھپ جي حمايت ڪئي آهي.

هن ناول ۾ ڪجهه فني خاميون به نظر اچن ٿيون. مثلن، مافوق الفطرت عنصرن جي گهڻائي، جا بجا اتفاقات ۽ معجزا پڙهي هن جديد ناول تي ڏند ڪٿائي داستان جو گمان ٿئي ٿو. ناول ورجاءُ جو پڻ شڪار آهي. ڪردار، ساڳيون ساڳيون ڳالهيون بار بار ورجائيندا رهن ٿا. تصوف تي ڊِگها ليڪچر ۽ طويل ڪچھريون، ناول جي بجاءِ، تصوف تي لکيل ڪو مقالو لڳن ٿيون. ناول ۾ اهميت ٻُڌائڻ کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻ جي هوندي آهي. رک کي مقدس قرار ڏيڻ توهم پرستي آهي، ناول ۾ اهڙيون شيون سُٺيون نٿيون لڳن. منصور جي ڪردار ۾ ڪا ارتقائي تبديلي نٿي اچي. پراڻن داستانن جي هيروز وانگر هُو ڄمندي ئي ڄام آهي، يعني پرفيڪٽ آهي. جڏهن ته ناول جي ڪردارن کي ارتقا پذير هجڻ گهرجي. ڪردارن جي مقدر جو تعين اڳ ئي ڪيل آهي. هُو پنھنجي ڪردار جي چونڊ پاڻ نٿا ڪن. هِي ڳالهه ناول کي علت ۽ معلول جي قانون جي بجاءِ، تقدير پرستي ڏانهن ڇِڪي وڃي ٿي. اتي اهو به سوال پيدا ٿو ٿئي ته، عشق مقدر آهي يا انتخاب؟

آراڌني، جيڪو ناول جو مک ڪردار آهي، اها منصور جي خيالن کان متاثر ٿيڻ کان پھريان ئي، خُوابن جي ذريعي، منصور جي عشق ۾ مبتلا آهي. منصور ۽ آراڌني جڏهن پھريون دفعو ملن ٿا ته هُو هڪٻئي سُڃاڻي وٺن ٿا، جنھن مان تاثر اهو ٿو ملي ته ڪا غيبي قُوت هنن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ناول ۾ غيبي قوت ۽ عقل کان ماورا قصا، جديد ذهن کي متاثر نٿا ڪري سگهن. اهي صرف سرريئلزم يا جادوئي حقيقت نگاري جھڙي شعبدي بازي ۾ قابلِ قبول آهن.

تصوف تي مبني هِي ناول حق جي تلاش جي هڪ خُوبصورت جھت آهي. جنھن ۾ ڪنھن قسم جو ڪو تياڳ ڪونهي. مسلسل جستجو، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان بغاوت ۽ پنهنجي مقصد سان سچائي آهي. مٿين ڪُجهه خامين جي باوجود، زبيده برواڻي جو هِي ناول، سنڌي ادب ۾ خُوبصورت اضافو آهي.

1 comment: