07/01/2025

ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي آتم ڪٿا ”هِتِ حياتيءَ ڏينھڙا“ - ستار سروهي (Sattar Sarohi)

 ستار سروهي

زندگي؛ جا سدا محنت، محبت ۽ سفر ۾ رهي

(ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي آتم ڪٿا ”هِتِ حياتيءَ ڏينھڙا“ جو مختصر تعارف)

غير افسانوي ادب ۾ آتم ڪٿائن جي پنهنجي هڪ منفرد اهميت رهي آهي، جو اهي آتم ڪٿائون دراصل انساني زندگيءَ جي تلخ ۽ خوشگوار تجربن جي يادگيرين، درد ڪٿائن ۽ وارتائن جو دستاويزي اظھار هونديون آهن. انهن ۾ زندگيءَ جون حقيقيتون ۽ سبق شامل هوندا آهن، اهي سبق، جيڪي انسان جياپي جي جنگ وڙهڻ دوران پوري حياتي پيو سِکندو رهندو آهي. مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا ”سائو پن يا ڪارو پنو“ کان ويندي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي زيرِ اڀياس آتم ڪٿا ”هِتِ حياتيءَ ڏينھڙا“ تائين، سنڌي ادب ۾ بيشمار آتم ڪٿائون ڇپجي چڪيون آهن ۽ انهن آتم ڪٿائن جا باقاعدي پڙهندڙ موجود آهن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي آتم ڪٿا ”هِتِ حياتيءَ ڏينهڙا“360  صفحن تي مشتمل آهي. هيءَ آتم ڪٿا ”ڪاوش دنيا مئگزين“ ۾ قسطوار ڇپجي چڪي آهي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي.

شاد صاحب پنھنجيءَ هن آتم ڪٿا جي ارپنا پنھنجي ادبي ۽ علمي رهنمائن پروفيسر غلام الله شيخ ۽ پروفيسر عبدالمنان چانڊيي کي ڪئي آهي، جن لاءِ لکيو اٿن ته انهن ٻنهي شخصيتن نه رڳو کين پڙهايو پر زندگيءَ جي ابتدائي ڏينھن ۾سندس شخصيت جي تعمير ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪتاب جي مھاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي هن آتم ڪٿا کي پڙهڻ کان پوءِ مان اها معصوماڻي راءِ قائم ڪيان ٿو ته هِن اها آتم ڪٿا سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکي آهي.“

هن آتم ڪٿا جي ابتدا ۾ ڊاڪٽر صاحب جو مختصر تعارفي خاڪو ڏنو ويو آهي.، خاص ڳالهه اها آهي ته هن جي شروع، وچ ۽ آخر ۾ هڪ فوٽو گئلري پڻ شايع ڪئي وئي آهي، جيڪا ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي زندگيءَ جي ڪجهه حسين يادگيرين کي تصويري صورت ۾ سربستو بيان ڪري ٿي. ليکڪ جي ٻن اکرن کان پوءِ ڊاڪٽر احسان دانش  ”منھنجي سپنن جي ساڀيان“ ۽ رضوان گل ”منھنجو بابا منھنجو آئيڊيل“ جي عنوان سان لکيو آهي. جڏهن ته انور ابڙي لکيو آهي” هڪ دور جو شانائتو قصو“.

”هِت حياتيءَ ڏينھڙا“ جي ابتدائي صفحن تي ئي ”مون جهوليءَ پائي جهليا“ جي نالي سان اديبن جا هن آتم ڪٿا ۽ ڊاڪٽر شاد صاحب جي شخصيت جي حوالي سان ڪارائتا رايا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. سوشل ميڊيا تي هن آتم ڪٿا جي هر قسط رکڻ سان مختلف علمي ۽ ادبي شخصيتن رايا پئي ڏنا، سي به نھايت ڪارائتا هئا. هن آتم ڪٿا جي خاص ڳالهه اها پڻ آهي ته فيس بڪ تان اهي رايا گڏ ڪري ”ذرو ٿئي م ضاءِ“ جي عنوان سان آخر ۾ شايع ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب پنهنجي جيون جي ڪٿا جي بيان کي مختلف دورن ۽ عنوانن ۾ ورهايو آهي. هن ڪٿا جي شروعات پنھنجي جنم ڀومي شڪارپور کان ڪئي آهي. پنھنجو خانداني پسمنظر بيان ڪيو اٿس. زندگيءَ جي ابتدائي داستان کي شاد صاحب دلچسپ ۽ انوکا عنوان ڏنا آهن. جھڙوڪ؛ بابا تي ننڍي عمر ۾ بارَ، والدين جو پيار، ابتدائي تعليم ۽ ٻال پڻي جون دلچسپ يادون، ڏُک سُک جي اُسَ ڇانوَ، شڪارپور جون مشھور چوڻيون، شڪارپور جي شوقينن جو لباس ۽ خوراڪ وغيره وغيره.

ڏک سُک جي اُس ڇانوَ“ ۾ ابتدائي تڪليفن کي ڪجهه هيئن ٿو ياد ڪري: ” مون کي بابا ڊکاڻڪي ڪم تي مَڏيءَ تي وٺي وڃڻ لڳو، جتي رندو ڇڪائڻ، رندي جي تيغ تکي ڪرڻ، ڪارائي جا ڏندا تکا ڪرڻ ۽ گهران ماني کڻي اچڻ جھڙن ڪمن تي لڳايو. شام جو ٻارڻ لاءِ ڇوڏا ۽ ڪاٺيون کڻي ايندو هوس، هڪ ڏينھن بابي چيو ته ’بابا! ڍَڪ بازار ۾ ڪپڙي جي دڪان جي مالڪ کي ڪم لاءِ ڇوڪرو کپندو آهي، سو تون سڀاڻي کان اوڏانھن وڃ، ۽ دوڪان تي ڪم ڪار وڃي ڪر، توکان هي مون وارو ڌنڌو زور آهي.‘“ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي زندگيءَ جي پورهين جو ذڪر وڏي فخر ۽ سچائيءَ سان ڪيو آهي، جو کيس پتو آهي ته زندگيءَ جا تلخ تجربا بيان ڪرڻ سان اڄ جي نوجوان کي اتساهه ملندو ته جيئن اهي به مايوس ٿيڻ بدران حوصلي سان اڳتي وڌندا ۽ رڙهندا رهن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد 1955ع ۾ پنھنجي جنم ڀوميءَ کان ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي تائين ڪيئن آيو؟ اها سموري ڪھاڻي هُو آتم ڪٿا جي صفحي 86 کان بيان ڪري ٿو. لکي ٿو ته ” اها 1955ع جي ڳالهه آهي، امڙ کي اعتماد ۾ وٺي گهران نڪري پيس، مون کي ياد آهي ته منھنجي کيسي ۾ رڳو 15 رپيا هئا.“

هِن آتم ڪٿا ۾ سندس اسلوب بيان نھايت دلچسپ ۽ مصنوعيت کان آجو آهي. ابتدا ۾ هُو پنھنجي لاڙڪاڻي جي دور جي انهن پاڙيسرين ۽ واقفڪارن جي ڳالهه ڪري ٿو، جن سندس زندگيءَ ۾ اهم بدلاءُ آندو.

شاد صاحب لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي ماسڙ جي گهر اچي رهي ٿو ۽ پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پھرين درجي جي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ ائين سندس زندگي هتان هڪ نئين رخ سان شروع ٿئي ٿي ۽ اهڙيءَ ريت هو آتم ڪٿا لکڻ تائين پنھنجي زندگيءَ جا 66 سال لاڙڪاڻي ۾ گذاري چڪو آهي ۽ هاڻي لاڙڪاڻو ئي سندس سڃاڻپ جو مضبوط حوالو آهي. پنھنجيءَ جيون ڪٿا ۾ شاد صاحب لاڙڪاڻي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ان وقت جي لاڙڪاڻي جي حسن جو عڪس چٽڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. سندس عنوان ڪجهه هن ريت آهن: ”لاڙڪاڻو، جيئن مون ڏٺو“، ”لاڙڪاڻي جا چند منفرد ۽ دلچسپ ڪردار“، ”ميونسپل اسڪول ۽ منھنجا مھاجر استاد“.

”نوجواني جو پيار“ جي عنوان هيٺ جيون ڪٿا ۾ پنھنجي الهڙ وهيءَ جي عشق جو بيان به ڏاڍو دلچسپ ڪيو اٿائين، لکي ٿو ته ”1962ع ۾ اچانڪ منھنجي چوليءَ ۾ عشق جي چڻنگ دُکي پئي. ان وقت منھنجي عمر 20 سال هئي، ساڳي ئي سال مون مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنھن نازنين سان نينھن جو ناتو جُڙيو، اها حسن ۽ سادگيءَ جو مجسم هئي، غريب خاندان سان تعلق هئس، بھترين ڀرت ڀريندي هئي، مون کي پنھنجي هٿ سان ڀريل ريشمي رومال گفٽ ڪندي هئي، جيڪي مان پنھنجي ساهه سان سانڍي رکندو هئس.“

عشق، شادي ۽ اولاد “ جي عنوان سان هو پنھنجي ناڪام عشق جي پڄاڻيءَ جو داستان ته رقم ڪري ٿو، پر لاڙڪاڻي جي ديدڙ خاندان مان پنھنجي شاديءَ ۽ پوءِ اولاد جي ڪٿا ڏاڍي سادي پر سھڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. شاد صاحب هن آتم ڪٿا ۾ پنھنجي ڪاليج جي زندگيءَ ۽ انهن استادن کي به ڏاڍي سھڻي نموني ياد رکيو آهي.

هِن آتم ڪٿا جي صفحي 237 کان ادبي سفر جو داستان بيان ڪيو اٿس. گڏوگڏ پنھنجي تعليمي اهليت وڌائڻ لاءِ جيڪا جستجو ڪيائين، تنھن جو ذڪر به هن ڀاڱي ۾ ئي آهي. سندس ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو سفر تمام گهڻين سبق آميز ڪھاڻين کي بيان ڪري ٿو، جنھن مان اڄ جو نوجوان اتساهه حاصل ڪري سگهي ٿو ته ڪيئن هڪ انسان هڪ پورهيت کان سفر شروع ڪري ادب ۽ علم جو ڊاڪٽر بڻجي ٿو ۽ راهه ۾ ڪيئن نه رڪاوٽن، مصيبتن ۽ خطرن سان وڙهندو اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ هڪ ڪامياب انسان بڻجي ٻين لاءِ به مشعل راهه بڻجي وڃي ٿو.آتم ڪٿا جي وچين حصي ۾ تنظيم سازي ۽ ادارن سان وابستگي، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ سان ملاقاتن، ادبي سونھنِ، دوستن ۽ ساٿين جو تفصيل سان ذڪر ڪري ٿو.

هن آتم ڪٿا ۾ مون کي منفرديت اها پڻ لڳي جو هن ۾ شاد صاحب پنھنجي خوابن جو به ذڪر ڪيو آهي. اهي خواب جيڪي هن کُليل اکين ۽ بند اکين سان پئي ڏٺا آهن. انهن ۾ ڪي ڊيڄاريندڙ خواب پڻ آهن، جيڪي هن جيئن جو تئين بيان ڪيا آهن. هڪ خواب ۾ هُو ننڊ ۾ ڏسي ٿو ته ڪنھن ڪنھن بلند عمارت تان هيٺ ڌڪو ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي خواب ۾ ڏسي ٿو ته ڪُتن جو ولر سندس ڪَڍَ پيو آهي ۽ ٽئين خواب ۾ رڳو نانگن ۾ گهيريل ئي پاڻ کي محسوس ڪري ٿو. کليل اکين سان جيڪي خواب ڏسي ٿو، تن ۾ سندس معصوم خواهشون ۽ تمنائون آهن.

ڪتاب جي آخري حصي ۾ ”ننڍين وڏين خوشين جا لمحا“ جي عنوان سان ڪي ساروڻيون ساريون اٿس.” ننڍيون وڏيون حسرتون، ڏک ۽ تڪليفون“ جي عنوان سان آتم ڪٿا جي آخر ۾ سندس معصوماڻه اظھار پڻ پڙهڻ وٽان آهي.

No comments:

Post a Comment