08/01/2025

ناول ”عاشق عورت“ جو جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

 اڪبر لغاري

ناول ”عاشق عورتجو جائزو

اهي فلمون يا ناول، ڏسندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان يڪدم ڇڪائي وٺندا آهن جن جي شروعات ۾ ائڪشن يا ٿرل هوندو آهي. هن ناول جي شروعات به هڪ فلمي سين سان ٿئي ٿي. سڪندر صحافي آهي ۽ سمنڊ تي ويٺو آهي ته هڪ پريمي جوڙو ڏسي ٿو جنھن کي پوليس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته مرد ڀڄي وڃي ٿو ۽ عورت روئڻ لڳي ٿي جيڪا هڪ مٿئين وچولي طبقي جي نظر ٿي اچي. پوليس اها ذميداري سڪندر کي ٿي ڏي، ته هو کيس عزت سان گهر پھچائي پر عورت چالاڪيءَ سان سڪندر کي ريسٽورنٽ تي ڇڏي گم ٿي وڃي ٿي. ڪافي وقت کان پوءِ اها عورت سڪندر سان رابطو ڪري ٿي ۽ ائين انهن ٻنهي جي وچ ۾ دوستي ٿئي ٿي. فون تي رومانوي ۽ جنسي گفتگو ڪندي آخرڪار سندن دوستي جنسي تعلق ۾ بدلجي وڃي ٿي.سڪينا عرف سيم جو تعلق غريب گهراڻي سان هو پر مائٽن سندس شادي، سندس مرضيءَ کان بغير، هڪ طاقتور شخص سان ڪرائي، جيڪو هڪ خفيه اداري ۾ آفيسر هجڻ سان گڏ زميندار ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. شاديءَ کان پوءِ هن سڪينا کي بي اي ۽ ايم اي ڪرائي ۽ نوڪري به وٺي ڏني. سيم کي هر طرح جو سک حاصل هو پر کيس پنھنجي ”مرضي“ ۽ ”آزادي“  نه هئي. هوءَ هر وقت نظرن ۽ پھري ۾ هوندي هئي. انهيءَ دوران سندس واسطو هڪ اهڙي قومي ڪارڪن سان ٿيو جيڪو روپوش هو. موقعو ڏسي ۽ لڪي لڪي هن سان ملندي رهندي هئي. ٻيئي هڪٻئي تي فدا هوندا هئا. هيءُ اهو ئي همراهه هو جيڪو سمنڊ تي پوليس کان ڀڄي نڪتو ۽ جنھن واقعي کان پوءِ، سيم ۽ سڪندر جو افيئر شروع ٿيو. نيٺ قومي ڪارڪن، ايجنسين هٿان پڪڙجي پوي ٿو ۽ تفتيش ڪندي ادارا، سيم جي مڙس تائين به پھچن ٿا جنھن کي پوءِ سڄي قصي جي خبر ٿي پوي. پھرين ته هو سخت ڪاوڙ ۾ ٿو اچي وڃي ۽ سيم تي سختي وڌائي ڇڏي ٿو ليڪن پوءِ، هن جي خيال مطابق، سندس نوجوان گهر واريءَ کي جنسي ضرورت وڌيڪ آهي تنھنڪري هو اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ، وحشي انداز سان ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو جنھن سبب سيم وڌيڪ تڪليف ۽ ذهني اذيت مان گذري ٿي. هو سيم تي جسماني تشدد ته نٿو ڪري پر طنز ۽ طعنا ڏيئي نفسياتي تشدد ڪري ٿو. هڪ ته سيم کي اهو الڪو ته، سندس مڙس، قومي ڪارڪن کي مارائي ڇڏيندو، ٻيو سندس طعنن، هن کي ذهني مريض ٺاهي ڇڏيو ۽ خود ڪشيءَ جي ڪوشش به ڪيائين. سڪندر سان سيم جي دوستي گھري ٿيندي وئي. جنسي ڇڪ ۽ محبت جي پياس ٻنهي کي سک سان ويھڻ نٿي ڏنو. سڪندر پاڻ ٻارن ٻچن وارو هو ليڪن هن تي، سيم جي چاهت وڌيڪ شدت سان حملو ڪيو ۽ هي بيچين عاشق بنجي پيو. سڪندر اخبار ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت ڪالم لکيا هئا جنھن سبب کيس نامعلوم فون اچڻ لڳا جن کيس مستقل دهشت (Paranoia) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سيم هڪ دفعو ٻيھر پڪڙجي پيئي. سندس مڙس کي اها سم هٿ اچي ويئي جنھن تان هوءَ سڪندر سان ڳالهائيندي هئي. سندس مڙس مٿس سختي وڌائي ڇڏي جنھن سبب هو نفسياتي مريض بنجي ويئي. ٻئي طرف سڪندر کي نامعلوم ميسيج اچڻ لڳا جنھن ۾ سيم ۽ سندس ملاقاتن جو ذڪر هو، جنھن سبب سڪندر جي پريشاني شدت اختيار ڪري ويئي ۽ سندس پئرانويا وڌي نيوروسس (Neurosis) ۾ تبديل ٿي ويئي. هڪ ڏينھن خبر آئي ته سيم ۽ سندس مڙس ڪمري ۾ مرده حالت ۾ مليا. شايد سيم مڙس کي ماري پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اها خبر پڙهي سڪندر ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ ائين هيءُ قصو سڀني جي برباديءَ کان پوءِ اختتام پذير ٿيو.

پڙهندڙ جڏهن هيءُ ناول شروع ڪري ٿو ته مسلسل پڙهندو ئي رهي ٿو. مصنف هن ۾ ڪمال مھارت سان رواني ۽ دلچسپي برقرار رکي آهي. ٿورڙي بوريت صرف ان وقت ٿئي ٿي جڏهن ٻنهي جا طويل جنسي ميسيجز ورجاءُ جو شڪار ٿين ٿا. اسلوب ۾ برجستگي ۽ بي تڪلف رواجي ٻولي، قاريءَ جي لطف کي دوبالا ڪن ٿا. هن ناول جا مک ڪردار ٻه ئي آهن، هڪ سڪينا عرف سيم ۽ ٻيو سڪندر عرف سڪو. هي ٻيئي نفسياتي ڪردار آهن جيڪي بظاهر ته عام رواجي عاشق معشوق لڳن ٿا ليڪن غور سان ڏٺو وڃي ته اهي ڪافي پيچيده ڪردار آهن. ضروري آهي ته سندن نفسياتي جائزو ورتو وڃي. سيم جي گفتگوءَ کي غور سان پڙهڻ سان، اهو واضع ٿي ويندو ته هوءَ پنھنجي مزاج ۾ رومانوي هئي ۽ سندس شادي سندس رومانوي خيالن جي ابتڙ هئي. رومانويت ۽ حقيقت پسنديءَ جو ٽڪراءُ ته ضرور ٿيندو آهي. حقيقت تلخ هوندي آهي ۽ رومانويت هڪ خواب جيان حسين. ٽڪراءُ جي صورت ۾ فرد کي ٻنهي مان ڪنھن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. اهو، ” چونڊ“ (Choice)  جو عمل ڪافي مشڪل هوندو آهي ڇو ته ان جي نتيجن جي ذميداري به انهيءَ فرد کي کڻڻي پوي ٿي. تلخ حقيقت جي چونڊ ڪرڻ سان فرد جا خواب ۽ ان جي مرضي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ فرد جي حيثيت، خاندان ۽ معاشري جي مقابلي م ثانوي رهجي وڃي ٿي. ٻئي پاسي، رومانويت جي چونڊ سان فرد پنھنجي ذاتي آزادي ۽ خواب ته ماڻي وٺي ٿو پر اها چونڊ اڪثر فرد ۽ خاندان جي تباهيءَ جو باعث بنجي ٿي. سيم، حقيقت کي تسليم ڪري نه سگهي ۽ ان جي جاءِ تي رومانويت جي چونڊ ڪئي. ان سان گڏ، سيم جي دل ۾ پنھنجي مڙس لاءِ نفرت ۽ پنھنجي مرضيءَ جي خلاف شادي ٿيڻ سبب بغاوت به اندر ئي اندر ڪنھن لاوا وانگر ٻري رهيا هئا. رومانويت، بغاوت ۽ نفرت جھڙن پُر زور جذبن پاڻ ۾ ملي هڪ خطرناڪ ڪاڪ ٽيل جوڙي جنھن سيم کي انتھائي لاپرواه ۽ بي خوف بنائي ڇڏيو. سيم جو ايگو(EGO)  ۽ سندس لبيڊو (Libido)  ٻيئي ملي هڪ ٿي ويا جنھن سبب سندس سپر ايگو (Super Ego)  کي خاموش رهڻو پئجي ويو.

هن ناول جي بنيادي تضاد يا قضيي (Conflict) جو تعين ڪيو وڃي ته اهو به فرد بمقابلا سماج، رومانويت بمقابلا حقيقت پسندي ئي آهي. سيم شادي شده هوندي، نه صرف ٻن ڄڻن سان جسماني تعلق قائم ڪري ٿي پر سندس ڳالهين مان ظاهر آهي ته ضرورت پوڻ تي هوءَ وڌيڪ ماڻهن سان به تعلق قائم ڪري ٿي سگهي. کيس گهر ۾ هر قسم جو سک ميسر آهي. گهر گهاٽ، نوڪر چاڪر، گاڏي، نوڪري وغيره پر پوءِ به سندس شخصيت ۾ اهڙو خال آهي جنھن کي ڀرڻ لاءِ هوءَ گهر کان ٻاهر واجهائي ٿي. سندس مڙس سمجهي ٿو ته شايد سيم کي جنسي بک آهي ۽ هو اها بک ختم ڪرڻ لاءِ جنسي عمل ۾ واڌارو آڻي ٿو جيڪو عمل سيم کي مطمئن ڪرڻ جي بجاءِ ، الٽو ڪراهت پيدا ڪري ٿو. سرسري جائزي وٺڻ سان ائين لڳندو ته، جيئن ته سيم جي شادي، سندس مرضيءَ جي خلاف ۽ وڏيءَ عمر جي شادي شده مرد سان ٿي هئي تنھنڪري هوءَ ائين ڪري رهي هئي. جزوي طور اها ڳالهه درست ٿي سگهي ٿي پر منھنجي خيال ۾ هڪ سبب سندس سڃاڻپ جو بحران (Identity Crisis)  پڻ هو. هو پنھنجي خارجي صورتحال ۽ داخلي ۽ لاشعوري قوتن جي وچ ۾ هلندر رساڪشي ۽ تضادن سبب پرزا پرزا ٿي رهي هئي. منجهس يقينن ايتري شعوري سگهه نه هئي جو انهن ٻنهي متضاد قوتن جي مفاهمت ڪرائي، پنھنجي شخصيت جي تڪميل ڪري. اهڙي صورت ۾ کيس وقتي فرار ئي واحد حل نظر آيو، جيڪو نه صرف، سندس تباهي، سندس خاندان جي تباهي ۽ سڪندر جي خاندان جي تباهي پڻ ثابت ٿيو. سڪندر ، جيڪو نامعلوم فون ڪالز سبب شديد خوف جي حالت ۾ رهڻ سبب اڳ ئي نيروسس ۾ ورتل هو، اهو سائڪوسس (Psychosis)  جو شڪار ٿي چرين جي اسپتال ۾ تڏهن ٿو پھچي جڏهن هُو سيم جي موت جي خبر ٿو پڙهي جنھن لاءِ هو پنھنجي پاڻ کي به ذميدار ٿو سمجهي ۽ سندس، ”احساسِ جرم“(Guilty Feeling)  ناقابلِ برداشت ٿيو وڃي. سيم کي قومي ڪارڪن ۽ سڪندر وٽان ، ”جذباتي تسڪين ملي ٿي. هنن سان محبت، ڪا افلاطوني محبت نه هئي پراها جنسي تلذذ سان ڀرپور فرائڊين محبت هئي جنھن مطابق، ” محبت جو اصل محرڪ جنسي ميلاپ ئي هوندو آهي“، تنھنڪري هتي، سيم کي شاهه لطيف جي سورمي سھڻيءَ سان هرگز تشبيھه نٿي ڏيئي سگهجي. (جيئن ڪجهه پڙهندڙن ۽ خود مصنف به اها ڳالهه ڪئي آهي.)

هن ناول ۾ ڪجهه ننڍڙيون فني غلطيون ۽ جنس متعلق ڪي غير منطقي خيال پڻ آهن. سيم ايتري چالاڪ هوندي به هر مرتبه پڪڙجي پوي ٿي، مڙس ايترو طاقتور هوندي به زال کي رڳو مھڻا ئي ڏي ٿو، هو سڪندر تائين پھچڻ کان پوءِ به ڪو خاص ردِ عمل نٿو ڪري. سڪندر جو چريو ٿيڻ به ڪجهه غير منطقي لڳو. هن ۾ ڪجهه ذيلي موضوع، کنڀي گم ڪيل ماڻهو، خفيه ايجنسيون، قومي ڪارڪنن وغيره تي به سٺي انداز ۾ لکيل آهي. هيءُ ناول، بي جوڙ شادين تي سماج مٿان مھذب انداز ۾ سڌي تنقيد آهي. ادب جو سماجي ڪارج اهو به آهي ته اهو سماج جي فرسوده بيانين (Narratives) ۽ رسمن رواجن کي نشانو بڻائي. معمولي فني خامين جي باوجود، رزاق سھتي جو هيءُ ناول، سنڌي ادب ۾ خوبصورت واڌارو آهي.

No comments:

Post a Comment