اڪبر لغاري
ناول ”عاشق عورت“ جو جائزو
اهي فلمون يا ناول، ڏسندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان يڪدم ڇڪائي وٺندا آهن جن جي شروعات ۾ ائڪشن يا ٿرل هوندو آهي. هن ناول جي شروعات به هڪ فلمي سين سان ٿئي ٿي. سڪندر صحافي آهي ۽ سمنڊ تي ويٺو آهي ته هڪ پريمي جوڙو ڏسي ٿو جنھن کي پوليس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته مرد ڀڄي وڃي ٿو ۽ عورت روئڻ لڳي ٿي جيڪا هڪ مٿئين وچولي طبقي جي نظر ٿي اچي. پوليس اها ذميداري سڪندر کي ٿي ڏي، ته هو کيس عزت سان گهر پھچائي پر عورت چالاڪيءَ سان سڪندر کي ريسٽورنٽ تي ڇڏي گم ٿي وڃي ٿي. ڪافي وقت کان پوءِ اها عورت سڪندر سان رابطو ڪري ٿي ۽ ائين انهن ٻنهي جي وچ ۾ دوستي ٿئي ٿي. فون تي رومانوي ۽ جنسي گفتگو ڪندي آخرڪار سندن دوستي جنسي تعلق ۾ بدلجي وڃي ٿي.سڪينا عرف سيم جو تعلق غريب گهراڻي سان هو پر مائٽن سندس شادي، سندس مرضيءَ کان بغير، هڪ طاقتور شخص سان ڪرائي، جيڪو هڪ خفيه اداري ۾ آفيسر هجڻ سان گڏ زميندار ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. شاديءَ کان پوءِ هن سڪينا کي بي اي ۽ ايم اي ڪرائي ۽ نوڪري به وٺي ڏني. سيم کي هر طرح جو سک حاصل هو پر کيس پنھنجي ”مرضي“ ۽ ”آزادي“ نه هئي. هوءَ هر وقت نظرن ۽ پھري ۾ هوندي هئي. انهيءَ دوران سندس واسطو هڪ اهڙي قومي ڪارڪن سان ٿيو جيڪو روپوش هو. موقعو ڏسي ۽ لڪي لڪي هن سان ملندي رهندي هئي. ٻيئي هڪٻئي تي فدا هوندا هئا. هيءُ اهو ئي همراهه هو جيڪو سمنڊ تي پوليس کان ڀڄي نڪتو ۽ جنھن واقعي کان پوءِ، سيم ۽ سڪندر جو افيئر شروع ٿيو. نيٺ قومي ڪارڪن، ايجنسين هٿان پڪڙجي پوي ٿو ۽ تفتيش ڪندي ادارا، سيم جي مڙس تائين به پھچن ٿا جنھن کي پوءِ سڄي قصي جي خبر ٿي پوي. پھرين ته هو سخت ڪاوڙ ۾ ٿو اچي وڃي ۽ سيم تي سختي وڌائي ڇڏي ٿو ليڪن پوءِ، هن جي خيال مطابق، سندس نوجوان گهر واريءَ کي جنسي ضرورت وڌيڪ آهي تنھنڪري هو اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ، وحشي انداز سان ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو جنھن سبب سيم وڌيڪ تڪليف ۽ ذهني اذيت مان گذري ٿي. هو سيم تي جسماني تشدد ته نٿو ڪري پر طنز ۽ طعنا ڏيئي نفسياتي تشدد ڪري ٿو. هڪ ته سيم کي اهو الڪو ته، سندس مڙس، قومي ڪارڪن کي مارائي ڇڏيندو، ٻيو سندس طعنن، هن کي ذهني مريض ٺاهي ڇڏيو ۽ خود ڪشيءَ جي ڪوشش به ڪيائين. سڪندر سان سيم جي دوستي گھري ٿيندي وئي. جنسي ڇڪ ۽ محبت جي پياس ٻنهي کي سک سان ويھڻ نٿي ڏنو. سڪندر پاڻ ٻارن ٻچن وارو هو ليڪن هن تي، سيم جي چاهت وڌيڪ شدت سان حملو ڪيو ۽ هي بيچين عاشق بنجي پيو. سڪندر اخبار ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت ڪالم لکيا هئا جنھن سبب کيس نامعلوم فون اچڻ لڳا جن کيس مستقل دهشت (Paranoia) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سيم هڪ دفعو ٻيھر پڪڙجي پيئي. سندس مڙس کي اها سم هٿ اچي ويئي جنھن تان هوءَ سڪندر سان ڳالهائيندي هئي. سندس مڙس مٿس سختي وڌائي ڇڏي جنھن سبب هو نفسياتي مريض بنجي ويئي. ٻئي طرف سڪندر کي نامعلوم ميسيج اچڻ لڳا جنھن ۾ سيم ۽ سندس ملاقاتن جو ذڪر هو، جنھن سبب سڪندر جي پريشاني شدت اختيار ڪري ويئي ۽ سندس پئرانويا وڌي نيوروسس (Neurosis) ۾ تبديل ٿي ويئي. هڪ ڏينھن خبر آئي ته سيم ۽ سندس مڙس ڪمري ۾ مرده حالت ۾ مليا. شايد سيم مڙس کي ماري پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اها خبر پڙهي سڪندر ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ ائين هيءُ قصو سڀني جي برباديءَ کان پوءِ اختتام پذير ٿيو.