29/06/2026

انور ڪاڪا جي نثري نظمن جو ڪتاب: ”پيشانيءَ سان لکيل نظم“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

 ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

انور ڪاڪا جي نثري نظمن جو ڪتاب:

”پيشانيءَ سان لکيل نظم“

مان ڊِي جِي ڪاليجز ۾ واقع پنھنجيءَ آفيس ۾ ئي هيس ته خوبصورت شاعر ۽ ڪھاڻيڪار انور ڪاڪا، قرب ڪري، ملڻ لاءِ ڪَھي آيو. اهو يادگار ڏينھن، آگسٽ مھيني جي ويھين تاريخ جو هو ۽ سال هو گذريل يعني 2025ع. پھرين ڪچھريءَ ۾، انور ڪاڪا نفاست ڀريو، گهٽ ڳالهائو ۽ سنجيده شخص لڳو. ملاقات جي ياد طور اسان هڪٻئي کي ڪتابن جا تحفا ڏنا. سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”پيشانيءَ سان لکيل نظم“ مارچ 2025ع ۾ مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپجي آيو هو، جيڪو هِنن سھڻين سِٽن سان لکي ڏنائين:

”احترام مان محترم ڀاءُ رياضت ٻرڙي صاحب لاءِ“

انور ڪاڪا جي ان ڪتاب ۾، ننڍا وڏا، 359 نثري نظم شامل آهن، جيڪي 35-هين صفحي کان شروع ٿين ٿا، جڏهن ته ڪتاب جي ضخامت، جُملي 432 صفحن تي مشتمل آهي. منفرد ٽائيٽل، پَڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪوَر سان ڇپيل ان ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي سنڌي ۽ اردو ٻولين جي بھترين شاعر مصطفى ارباب جو رايو ڏنل آهي. ڪتاب اندر سيد امداد جعفري صاحب جو ٽن صفحن تي پُر اثر مھاڳ لکيل آهي، جنھن ۾ هُن هڪ نظم بابت تُز صلاح به ڏني آهي، جيڪا مون کي وڻي. مھاڳ کان پوءِ آدرش، انور ابڙي، غوث پيرزادي ۽ درگاهي گبول جا تاثر ’ٻن اکرن‘ جي صورت ۾ شامل آهن، جنھن کان پوءِ مختلف نامور اديبن: ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ، ساحر راھوءَ، آس ٻٻر، مصطفى ارباب، حبيب ساجد، محمد دين راڄڙيءَ، آصف احمد جمالي، شاهد حنائيءَ ۽ رحيمداد جوڳيءَ جا مختصر رايا ڏنل آهن. جن مان ڪي چونڊ سٽون ٻنهي فليپن تي پڻ ڏنيون ويون آهن. 14-هن صفحن تي مشتمل فھرست ۾ هر هڪ نثري نظم جو عنوان ڏنل آهي، ته جيئن گهربل نظم کي سھولت سان ڳولي سگهجي. ڪيترن ئي صفحن تي ٻه ٻه نثري نظم پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ ڪي نثري نظم بيحد طويل گهڻن ئي صفحن تي پکڙيل پڻ آهن.

لاشڪ ته انور ڪاڪا جي نثري نظمن ۾ ڪيترائي سڄي جا سڄا نثري نظم بيحد پُر اثر، ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ خوبصورت آهن، جھڙوڪ: ٻيو آپشن، خودغرضي، تنھا شخص جي ڪٿا، منھنجي سگنيچر، وڙ، ڇانوَ، يقين، رُٺل شخص، مان هڪ ٺُڪرايل شخص آهيان، ائين هن کي ننڊ نه ايندي، تنھنجي ڪال جو ذائقو، نئون شناختي ڪارڊ، پنھنجي محبوب کان ڪڏهن به ڪوئي بازي کٽي نٿو، ڳجهون ڍونڍ تي لامارا نه ڏئي رهيون آهن، بند ڪٻٽن ۾، هي جيڪو خودڪشي ڪرڻ پئي ويو، تنھنجي دل ۾ جاءِ نه گهرجي، مان توکي ٻڌائي سگهان ٿو، ولين، آٽوگراف، ٻُڌو آهي توکي پنھنجي ٻوليءَ سان ڏاڍي محبت آهي، گرلس هاسٽل، سال جو سڀ کان وڌيڪ اداسيءَ وارو ڏينھن، مان اڄڪلهه هر ڪنھن لاءِ پريشان ڇو رهان ٿو؟، اڙي هي ڇا پيو ڪرين؟، اهي ٻي ڳالهه آهي، ۽ Biopsy.

اها ظاهر آهي ته منھنجي چونڊ منجهان چونڊ آهي. ايئن هر پڙهندڙ جي پنھنجي پنھنجي چونڊ ٿي سگهي ٿي، جنھن سان پسند هيٺ آيل نثري نظمن جو ڳاڻيٽو وڌي ويندو.

ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي نثري نظمن ۾ ڪي سٽون، ڪي ٽُڪڙا، ڪي جملا پڻ مون کي وڻيا، جن مان ڪجهه هيٺ ڏيان ٿو:

* هن کي ته هاڻي ائين به لڳي ٿو

دنيا جي هر شخص جيان

خدا به کانئس شايد نفرت ڪري ٿو! (ص 57-58)

* مان تنھنجي عقيدي جي

بواسير جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان! (ص 104)

* جنھن روڊ کي پار ڪرڻ دوران ڪو خطرو ناهي

اهڙي روڊ کي پار ڪرڻ ۾ ڪھڙو مزو!

حياتيءَ جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ

هڪ حادثي جو ذائقو چکڻ به نھايت ضروري آهي! (ص 131)

* مان سڀ ڪجهه ڳولي ويندو آهيان

سواءِ پنھنجي هِن نابين اکين ۾ نور جي... (ص 262)

* مان موت کان پھريائين رڳو هڪ پل لاءِ

پھريون ڀيرو پينسل پڪڙيندڙ ٻارڙي جي هٿ جو پھريون ليڪو ٿيڻ ٿو چاهيان! (ص 288)

* هر اداس چھري جي وکريل ڦڪي مرڪ ۾

ڪو نه ڪو ڏک ضرور هوندو آهي!

۽ ان ڏک ۾ به هوندو آهي سمايل هڪ اداس منظر! (ص 380)

اهڙيءَ طرح مٿي جن سڄن سارن نثري نظمن جا عنوان ڏنا اٿم، تن مان هڪڙو ”آٽوگراف“ جي عنوان وارو نثري نظم هتي ڏيان ٿو:

* مان ڪيڏو خوش

۽ ڪيڏو مُرڪان پيو

بريئل ۾ ڏنل

هڪ نابين ڇوڪريءَ جي آٽوگراف ۾

مون هن کان

تنھنجو ئي نالو لکرايو آهي! (ص 328)

(بريئل: نابين ماڻهن جي الفابيٽ)

مون چاھيو پئي ته سڄو ڪتاب پڙھي، پوءِ ان تي لکان. ھن ڪتاب جي ھزارين سٽن ۾ لاتعداد منفرد احساسَ، لفظن جي بھترين ترتيب سان پيش ڪيل آھن، جن جو حق ھو ته کين پڙھيو وڃي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته مون انهن کي دل سان پڙھيو آھي.

مان دل جي خوشيءَ سان، پياري شاعر دوست انور ڪاڪا کي، سندس سرجيل خوبصورت نثري نظمن تي مشتمل بھترين ڪتاب جي اشاعت تي دل جي گھرائين سان واڌايون ڏيان ٿو ۽ ساڻس خوشيءَ جو اظھار ڪريان ٿو.

No comments:

Post a Comment