29/06/2026

سه ماهي ’ادبيات‘ اسلام آباد جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

 تبصرو: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

سه ماهي ’ادبيات‘ اسلام آباد جو خاص شمارو:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر

سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت ۽ علمي-ادبي ڪم بابت، اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد پاران ’ادبيات‘ جي نالي سان ڇپجندڙ ٽماهي ادبي رسالي جو خاص نمبر آڪٽوبر 2017ع-مارچ 2018ع، شمارو نمبر 114-115، هڪ بھترين نمبر طور پڌرو ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر بلوچ کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپجندڙ اهو خاص نمبر 512 اردو صفحن ۽ 83 انگريزي صفحن جي مواد تي مشتمل آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ جي رنگين تصويرن جا ڇپيل 10 صفحا الڳ آهن. رسالي جي پھرئين صفحي تي نگران طور سيد جنيد اخلاق، مدير منتظم طور ڊاڪٽر راشد حميد ۽ مدير طور اختر رضا سليميءَ جا نالا ڇپيل آهن.

’ادبيات‘ جو هيءُ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر“ جو اردو ڀاڱو ’اداريه‘ کان پوءِ ’حيات نامه‘، ’مضامين‘،  ’تراجم‘، ’انٽرويو‘، ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معاصرين ڪِي نظر ۾‘، ’منظوم خراج‘، ’انتخاب‘، ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪِي ڊائري سي‘، ۽ ’منتخب خطوط‘ تي مشتمل آهي، جڏهن ته انگريزي ڀاڱو بلوچ صاحب کي مليل اعلى اعزازن ۽ سندس ڪتابن جي فھرست کان پوءِ مختلف مضمونن تي مشتمل آهي. ان طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اِن خاص نمبر ۾ مختلف نوعيتن جو ۽ اهم مواد سھيڙيو ويو آهي.

’حيات نامه‘ ۾ بلوچ صاحب جي مختصر ڊيٽا/ڄاڻوڪي ڏني وئي آهي، جيڪا انتھائي مختصر ۽ ناڪافي آهي.

’مضامين‘ جو ڀاڱو سگهارو آهي. ان ڀاڱي ۾ جن معتبر اديبن جا مضمون ڏنل آهن، تن ۾ پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر سليم اختر، امداد حسيني، ڊاڪٽر انوار احمد، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، غلام حسين رنگريز، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، تاج جويو، نصير مرزا، ڊاڪٽر محبوب احمد چشتي، رفيع الزامن زبيري، سيد جميل احمد رضوي، محمد راشد شيخ (2 مضمون)، قيصر مختار علوي، عنايت بلوچ، اقبال مجددي، نور احمد جنجهي، گل محمد عمراڻي، آغا نور محمد پٺاڻ (2 مضمون)، عصمت زيدي، مرزا ڪاظم رضا بيگ، قاسم حيدر، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر منظور علي ويسريو، علي ياسر، منزه مبين، نوشين صفدر، ڊاڪٽر سعديه طاهر ۽ عارف حسين شامل آهن. انهن مضمونن وسيلي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت، تحقيق، فڪر، علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جا ڪيئي پاسا پڌرا ٿين ٿا. اهي سڀئي لائق مصنفَ ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت ۽ ڪم جا معترف محسوس ٿين ٿا.

’تراجم‘ ۾ ڪُل 12 مضمون/مقالا ڏنل آهن، جن مان مختلف موضوعن تي شامل 11 مضمون/مقالا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا لکيل آهن، جيڪي محبوب ظفر (2 مضمون)، رضيه طارق (3 مضمون)، همايون حسين شيخ (3 مضمون)، سعيده طارق (1 مضمون)، ۽ علي آڪاش (2 مضمون) ترجمو ڪيل آهن، جڏهن ته هڪ مضمون نصير مرزا جو لکيل آهي جيڪو سيد نور اظھر جعفريءَ جو ترجمو ڪيل آهي. اهو مضمون هِن ڀاڱي ۾ نه هئڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر بلوچ جا ترجمو ڪيل يارهن ئي مضمون/مقالا هڪ بھترين چونڊ آهن. انهن ترجمن جي بنياد تي اهو خيال اچي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا عمورا علمي مقالا ۽ مضمون اردوءَ ۾ ترجمو ٿيڻ ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ گهرجن.

ڊاڪٽر بلوچ جو مختصر ’انٽرويو‘ مراد علي مرزا پاران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ ورتل ۽ محبوب ظفر پاران ترجمو ڪيل آهي.

’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معاصرين ڪِي نظر ۾‘ ڀاڱي ۾ جن شخصيتن جا مختصر رايا ڏنا ويا آهن، تن ۾ پروفيسر پِي هارڊي، ڊاڪٽر محمود احمد غازي، ڊاڪٽر مختيارالدين احمد، ڊاڪٽر حميده کھڙو (جنھن جو نالو پروف جي غلطيءَ سبب ’حميد‘ لکجي ويو آهي)، عبدالقادر جوڻيجو (جنھن کي غلطيءَ سان ’ڊاڪٽر‘ ۽ ’سابق صدر شعبه سنڌي‘ لکيو ويو آهي)، نور احمد شاهه، محمد موسى ڀٽو، منيزه شمسي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، قمر عباس، ڊاڪٽر ڪليم اللھ لاشاري ۽ امداد حسيني شامل آهن. ان بعد ’منظوم خراج‘ يار بلوچ جو ڏنل آهي.

’انتخاب‘ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا 9 عدد علمي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا، جيڪي شاهه لطيف، سنڌ ۾ اردو شاعريءَ، پاڪستاني ثقافت، ابن بطوطه، ترڪيءَ جي لائبريرين ۾ سنڌ ۽ هند جي عالمن جي تصنيفن، پاڪستان جي قيام بعد سنڌي ادب جي اوسر، بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي صدارتي خطبي ۽ سنڌ جي اُجڙيل لائبريرين بابت آهن.

’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪِي ڊائري سي‘ ۾ جهونا ڳڙه، علي ڳڙه ۽ ڪراچيءَ ۾ گذاريل ڏينھنِ جون يادگيريون بيان ڪيل آهن. اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته اهي يادگيريون اردوءَ ۾ ئي لکيل آهن يا ترجمو ڪيون ويون آهن.

’منتخب خطوط‘ ۾ اول اهي خط ڏنل آهن جيڪي ڊاڪٽر بلوچ جا لکيل آهن. اهي خط ظھير الدين احمد، علامه عبدالعزيز ميمڻ، مولانا غلام رسول مھر، ممتاز حسن، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر محمد حميد اللھ، ڊاڪٽر اعجاز حسن قريشيءَ ۽ الطاف حسن قريشيءَ (گڏيل خط)، سيد ضمير جعفريءَ، محمد نور الدين اويسيءَ، شيخ ظفر اقبال، ڊاڪٽر خليق انجم، ڊاڪٽر فرمان فتح پوريءَ، مشفق خواجه ۽ ڊاڪٽر سليم اختر ڏانھن لکيل آهن. ان بعد ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانھن لکيل خط شامل آهن جيڪي علامه عبدالعزيز ميمڻ، ، ڊاڪٽر محمد حميد اللھ، ڊاڪٽر سيد عبداللھ، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر مختار الدين احمد، ڊاڪٽر وحيد قريشيءَ، احمد نديم قاسميءَ ۽ اشفاق احمد جا لکيل آهن.

انگريزي ٻوليءَ جي ڀاڱي ۾ ارشد بلوچ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل ڪتابن جي فھرست انتھائي اهم آهي، جنھن کان پوءِ تاثرن ۽ مضمونن ۾ زيڊ اي نظاميءَ، پروفيسر سيد جاويد حسن رضويءَ، رئوف پاريک، ساجد عليءَ، مِچل بوئمِن، بينا شاھه، گل محمد عمراڻيءَ، ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جا ليک ڏنل آهن.

 ”ادبيات“ جو هيءُ ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ‘ هڪ يادگار نمبر آهي ۽ سنڌين سان گڏ، خاص ڪري اردو ٻوليءَ جي عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ پڙهڻ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ بھترين دستاويز آهي. يقيني طور هر لائبريريءَ ۾ ان جو موجودي هئڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment