29/06/2026

رسول ميمڻ جي ناولٽ ”ڪُتا“ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

 جامي چانڊيو

 اَڪيلائيءَ جو درد, بيوفائيءَ جو روڳُ ۽ ڪُتا!

(ادبي تنقيد: رسول ميمڻ جي ناولٽ ”ڪُتا“ جو اڀياس)

افسانوي ادب جو سڄي دنيا ۾ نه ته ڪو ھڪ گھاڙيٽو، فني ضابطو ۽ موضوعاتي دائرو طئي ٿيل آھي ۽ نه وري اھو ممڪن آھي. ڪو به تخليقي, تصوراتي ۽ تخيلاتي اظھار ڪنھن طئي ٿيل ضابطي اندر مقيد نه ٿو رھي سگھي، ھا ان ۾ مُک لاڙا ضرور ھوندا آھن. انھن ۾ جديد ادب ۽ خاص طور افسانوي ادب ۾ ھڪ لاڙو سريئل ازم جو به آھي. ”سِريئل“ لفظ اصل ۾ ھڪ مرڪب لفظ آھي، جنھن ۾ ”س“ فرانسيسي اڳياڙي “Sur” مان آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مٿانهون“، ”کان اڳتي“، ”ماورا“ يعني ”حقيقت کان مٿانهين يا ماورائي حقيقت“ يا ”عام حقيقت کان پَرانھين حالت يا دنيا“. سريئل ازم جو اطلاق گذريل صديءَ کان افسانوي ادب ۾ وڌيڪ ٿيندو رهيو آھي، جنھن ۾ انسان جو لاشعور يادن يا خواب يا تخيل جي صورت ۾ موجود حقيقت يا حال سان ملي ھڪ اھڙي صورتحال پيدا ڪندو آھي، جنھن ۾ حقيقت، افسانويت، شعور، لاشعور، زمان ۽ مڪانَ جون زماني، شعوري، احساساتي سرحدون پاڻ ۾ ملي وينديون آھن. ان ڪري سِريئل ازم جي مزاج جي حامل افسانوي ادب تي حقيقت نگاريءَ، سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ منطقي منظر نگاريءَ جا اصول لاڳو نه ٿيندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سِريئلسٽ ادب ۾ علامت نگاري، خوابن، بي ربط يادن، آزاد تخيل ۽ منتشر خيالن جو استعمال شعوري طور ڪيو ويندو آھي. ڪھاڻي ۽ افسانو ھجي يا ناول انھن ۾ مُنڍَ، وِچَ ۽ منطقي پُڄاڻيءَ کي لازمي سمجهيو نه ويندو آھي ۽ ان باغيانه رويي ئي سِريئلسٽ افسانوي ادب کي روايتي ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب کان جُدا ڪري بيھاريو ھو. اھڙو ادب خارجي حقيقت يا معروضي سَچَ جي ڀيٽ ۾ داخلي سچ جي ڳولا، دريافت يا اظھار کي وڌيڪ اھميت ڏيندو رهيو آھي. جيتوڻيڪ گارشيا مارڪيز جادوئي حقيقت نگاريءَ جو وڌيڪ نمائندہ ليکڪ آھي پر ھن جي ناول ”اڪيلائيءَ جا سئو سال“ ۾ به سِريئلسٽ عنصر ڳولي سگھجن ٿا، جن ۾ سماجي حقيقت ۽ تصوراتي جادوئي عنصر گڏ گڏ ھلن ٿا، جنھن ۾ مئل ماڻهو ڳالهائين ٿا، ڇوڪري آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي، ۽ وقت واچوڙي يا ڪُنَ وانگر ھڪ دائري وانگر ڦرندو رهي ٿو. ھونئن جادوئي حقيقت نگاريءَ ۽ سُريئل ازم ۾ فرق اھو آھي ته سريئلسٽ ادب نفسياتي وھڪري ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي عام طور منظم ۽ سماجي حقيقت سان ڳنڍيل هوندي آهي، صرف ان ۾ افسانوي مبالغي جي ڪري جادوئي عنصر شامل هوندا آهن. جڏھن ته سريئلسٽ ادب سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي نظرين يا مجموعي طور لاشعور سان لاڳاپيل نفسياتي بحرانن يا حالتن کان وڌيڪ متاثر رهيو آھي. جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ وري لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، مقامي ثقافت ۽ نوآبادياتي تاريخ کي وڌيڪ اھميت ڏني وئي آھي. سريئلسٽ ادب پڙهندڙ کي بيچيني، حيرت، نفسياتي مونجھارا ۽ يادن جو اضطرابُ ۽ لاشعوري يا خوابناڪ احساس ڏئي ٿو جڏھن ته جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ٿو ته ”جادو يا جادوءَ جھڙو تصوراتي وڌاءُ به زندگيءَ جي حقيقت جو ئي حصو آهي“. ٻنھي روايتن جي افسانوي ادب جي مثالن کي تفصيل سان ادبي حوالن سان بيان ڪري سگھجي ٿو، پر ھتي اسان جو موضوع رسول ميمڻ جو ناولٽ ”ڪُتا“ آھي.

رسول ميمڻ ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس آھي جنھن شعوري طور پنھنجي مزاج سبب سريئلسٽ لاڙي کي اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ اُھا دعوا ناھي ڪئي ته ڪو سندس ھيءُ ناولٽ سريئلسٽ فني ۽ فڪري اثر هيٺ لکيو آھي ۽ ڪنھن به ليکڪ کي اھڙي وضاحت جي گھرج به ناھي ھوندي پر اُھا پرک متن جي فني، موضوعاتي ۽ فڪري بيھڪ مان ٿَي سگھندي آھي، ان کي ئي ادبي تنقيد چئبو آھي. ليکڪ پنھنجي مھاڳ ۾ اھو چئي اُھا ڳوٽَ ڀَڃي ڇڏي آھي ته ”لاشعور رولو ڪُتو آھي، جنھن جو چَڪُ ماڻھوءَ کي چريو ڪري ٿو. انسان اڪيلائيءَ سان ڳالهيون ڪري ٿو، اُھو وِڦلي ٿو. ان کي پنھنجو چھرو ٻين جو چھرو محسوس ٿئي ٿو ۽ ٻين جو چھرو پنھنجو چھرو محسوس ٿئي ٿو. اھو تصور ۾ جيئي ٿو ۽ حقيقت ۾ مري ٿو“. ھو وڌيڪ لکي ٿو ته ”لکڻ کان اَڳُ مون ڪُتن جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪُتن جي ٻولي لفظ نه علامتون آھن، ان ڪري توھان کي ناول ۾ ھر ھنڌ علامتون نظر اينديون.“ سندس ھي پنھنجا لفظ ناولٽ جو سڄو موضوع ۽ مزاج چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن ته ”ھن ناول جو پروٽاگونسٽ ’مان‘ آھيان ۽ سڀ ڪردار ’مان‘ چوڌاري ڦرن ٿا. اھو ’مان‘ مان نه آھيان پر ’مان‘ جھڙا اڪيلا انسان آھن. اُھي پنھجين اڪيلائين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪُتن کي ياد ڪن ٿا ۽ ڪُتا انھن جي تصور ۾ ڀونڪي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجھن ٿا. ڪُتا علامت آھن.“ ان لحاظ کان ھن ناولٽ کي جنھن کي ليکڪ ناول سڏي ٿو، کي ھڪ بي ترتيب سريئلسٽ ناولٽ چئي سگھجي ٿو. ناولٽ ۾ احساساتي انتشار، خيالن جي آزاد وھڪري ۽ لاشعور جي ٽُٻڻيءَ مان نڪرندڙ بي ترتيب يادن جي سُريئلسٽ پيرائي ۾ اظھار جو ذڪر مان مَٿي اَڳُ ئي ڪري آيو آھيان.

ھن ناولٽ کي عام طور خود ڪلامي سمجهيو ويو آھي جڏھن ته ھي ناولٽ مونولاگ بجاءِ بيانيه انداز ۾، زمانَ ۽ مڪانَ جي ھڪ احساساتي ويڳاڻپ جي ڪيفيت ۾ لکيل آھي, جيڪا ٽيڪنيڪ عام طور ناول بجاءِ ڪھاڻيءَ يا افساني ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندي آھي. ناولٽ جو پلاٽ مختصر آھي, جنھن ۾ گھر جي در ٻاھران ھڪ پاليل ڪُتو راڪو اندر اچڻ جي بيچينيءَ ۾ ”سُڏڪا“ ڀري رهيو آھي ۽ سندس ويڳاڻپ ۾ ورتل مالڪ ٻاھريون در نه ٿو کولي جو ھڪ ڏينھن اڳ ھن بيزار ٿي کيس گھران ڪڍي ڇڏيو ھو. ڪُتي جا سُڏڪا به دراصل جادوئي تخيل آھي، جيڪو ليکڪ ھڪ صيغي ۾ استعمال ڪيو آھي. بقول سندس ته کيس گھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو سبب سندس يعني ليکڪ جي (وجودي) وحشت آھي. جيئن ته بقول سندس ته کيس ڪُتن سان پيار جي پيدائشي بيماري آھي، ان ڪري ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي نيٺ ھُو در کولي ڇڏي ٿو ۽ راڪو وَسندڙ مِينھنَ ۾ پنھنجو پُڇُ لوڏيندو ڊُڪندو اندر اچي ٿو ۽ مالڪ جي پيرن تي ڪنڌُ رکي سمھي رھي ٿو ۽ ان تي ئي ناولٽ جي پُڄاڻي ٿئي ٿي. وچ ۾ سڄو لاشعور، منتشر يادون، منتشر يادن جا ٽُٽل عڪسَ ۽ راڪي جي مالڪ جي وجودي بحران جا بي ترتيب اولڙا آھن جيڪي ناولٽ جي بي ترتيب ڪھاڻيءَ جي خال کي ڀرين ٿا. سريئلسٽ ليکڪ اھو شعوري طور ان ڪري ڪندا آھن جو ھو سمجھندا آھن ته زندگيءَ جو اصل جوھر شعور بجاءِ لاشعور ۾, سڌي اظھار بجاءِ علامتن ۾ ۽ احساسن، خيالن ۽ واقعن جي ڪنھن شعوري ترتيب بجاءِ غيرمنطقي بي ترتيبيءَ ۾ ھوندو آھي ۽ ادب جو ڪم ان جي اھڙي ئي بي ترتيب عڪسبندي ھوندو آھي. مان ان سوچ سان اختلاف رکندي به فني ۽ تخليقي تجربن کي اھم سمجھان ٿو، شرط اھو آھي ته نواڻِ رُڳو ڪو ميڪانڪي اَڪارج مقصد نه پر بنيادي طور معنويت يا تخيل ۽ جماليات جي واٽَ ھجي.

ھن ناولٽ جي پھرين خوبي ان جو غير روايتي موضوع آھي، سنڌي افسانوي ادب تي سياسي جذبا ون يونٽ کان وٺي گھڻو حاوي رھيا آھن, ان ڪري موضوعاتي وسعت جي کوٽ رھي پر ھن ناولٽ ۾ موضوعاتي نواڻ محسوس ٿئي ٿي. ”ڪُتا“ ناولٽ ۾ ليکڪ ”ڪُتن“ کي ٽن مختلف پاسن کان علامتي طور استعمال ڪيو آھي، يعني پھريون ڪُتن جي جھانَ ۾ جزويات ۽ پوري وجودي حساسيت سان گھُوري پاتل جھاتي، ٻيو ڪُتن جي فطري طور انسانن سان سنگت ۽ نسبت ۽ ٽيون انساني زندگيءَ مان ويساھ کڄڻ کي علامتي طور ڪُتن جي خصلتن جي صيغن ۾ بيان ڪرڻ. ھي ناولٽ بنيادي طور انساني المين ۽ ان سان نسبت رکندڙ ڪُتن جي جَھانَ ۾ جھاتي آھي، جنھن ۾ وچ وچ ۾ بي ترتيب ۽ اڻ پوريون انساني ڪھاڻيون ننڍن ننڍن ۽ ڪٿي وڏن انساني المين جي صورت ۾ اچن ٿيون جو ناولٽ جو بنيادي خيال ۽ انجا بنيادي علامتي ڪردار ڪُتا آھن.

ناولٽ ۾ ڪُتن جون خصلتون اھڙيون بيان ٿيل آھن جو ماڻھو ڪُتن آڏو وقتي طور احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿيو وڃي ۽ ھن جي اشرف المخلوقات واري نرگسيت سواليه نشان بڻجيو وڃي. ھونئن به ماڻھو پاڻ کي اشرف المخلوقات ٻين جيوتن جي صلاح ۽ گڏيل فيصلي کان سواءِ قرار ڏنو آھي. اھو وھم انسان کان ڊارون ڇڏرائي ڇڏيو ھو. ھن ناولٽ ۾ ليکڪ ڪُتن جي علامتي صيغن ذريعي انسان کي اھو احساس ڏياريندي نظر اچي ٿو. مثال طور ”ڪُتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏھن ڪُتو مرندي نه ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آھن جيئن ڪُتو مري ويو“، ”فقيرن جيان ڪُتا ڪڏھن به جُوتا نه پائيندا آھن“، جيئن ملڪن جون سرحدون آھن ائين ڪُتن جون به سرحدون آھن“، ”جيڪڏھن ڪُتن کي نه ڇيڙيو وڃي ته ڪُتن جا ايندڙ نسل گونگا پيدا ٿين“، ”ڪُتي جي موت تي فرشتن کان سواءِ ڪير نه روئندو آھي, ڪُتو جيئرو ھوندو آھي ته فرشتا ڄڻ مُئل ھوندا آھن“، ”انسان ڌرتيءَ تي ملڪ ٺاھڻ ڪُتي کان سکيو آھي، مُٽَ جي سرحد ھٿيارن جي سرحد کان وڌيڪ محفوظ ھوندي آھي، ھٿيارن جي سرحد کي ٽَپيندي لکين ماڻھو مارجي چُڪا آھن. مُٽَ جي سرحد پار ڪندي اڄ تائين ڪوبه ڪُتو ماريو نه ويو آھي“، ”وفادار ڪُتي کي اھو ڏسي ڏُکَ ٿيندو آھي ته ان جو مالڪ کيس ھَٿُ لائڻ کان پوءِ ھَٿَ ڌوئي ٿو“، ”تخليق سان گڏ ڪُتو ۽ انسان گڏ نسريا آھن، ان ڪري ٻنھي جون عادتون ھڪ ٻئي ۾ منتقل ٿيون آھن“، ”امڙ ٻُڌائيندي ھئي، ھن جي پُڦي ھئي. ان کي اولاد نه ٿيندو ھو. ڳوٺُ کان سَتَ ڪوھَ پَري ھڪ بي اولاد عورت جنھن کي ’پاڙي ماءُ‘ چوندا ھيا، اُھا بي اولاد عورتن جي حق ۾ دُعا گھرندي ھئي ته کين اولاد عطا ٿيندو هيو. پُڦيءَ کي ان وٽ وٺي ويا. پاڙي ماءُ پُڦيءَ کي ڏسي چيو ”ڳوٺ جا ڪُتا مارجي وڃن ته ھر بلا جو رستو صاف ٿي ويندو آھي“ پوءِ سوال ڪيو ”ڳوٺ ۾ گھڻا ڪُتا آھن؟“

پُڦي سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ جواب ڏنو ”نه ھجڻ برابر.“

پاڙي ماءُ فڪرمند ٿي وئي ۽ ڏُکَ مان اَکيون بند ڪري دُعا گھري، پوءِ اَکيون کولي پُڦيءَ کي چيو ”وَڃُ توکي خدا ڪُتو عطا ڪندو!

پُڦي ڳوٺ آئي کيس پيٽُ ٿيو ۽ خوبصورت پُٽُ ڄايو جيڪو ھن سان سڄي زندگي وفادار رهيو.

ائين سڄو ڪتاب ڪُتن بابت نھايت دلچسپ ۽ گھرن علامتي جُملن سان ڀريل آھي, جيئن مثال طور ”ڪُتو ان وقت سَھارو بڻجندو آھي جڏھن خدا ھَٿُ ڪڍندو آھي“، ماڻھو خدا کان گھٽ، ڪُتي کان وڌيڪ ڊڄندا آھن“، ”گھرن جي حفاظت لاء ماڻھو گھرن ۾ پاڪ ڪتاب رکندا ذھن پر چورَ چوري ڪري ويندا آھن، جنھن گھر ۾ ڪُتو ھجي ان گھر ۾ نه گھڙندا آھن“، ”اَڳڪَٿي ڪرڻ ڪُتن جو ڪم آھي“، ”ڪُتي جي ننڊَ، ڪُتي جو مَڪرُ ھوندي آھي. ڪُتو ڪڏھن به ننڊ نه ڪندو آھي، ھو اکيون بند ڪري جاڳندو آھي“، ”ڪُتا ڪنھن به پيغمبر جي اُمت نه آھن, نه اُھي جنت جا داعي آھن ۽ نه دوزخ کي مڃيندڙ. ڪُتا ڌرتيءَ جا اُھي ڪافر آھن جيڪي انسان کي خدا مڃين ٿا“، ”ڪُتو ڪيترو به جاھل ھجي ان کي ڳڻڻ ضرور ايندو آھي“، ”دنيا ۾ سٺن انسانن ۽ ڪُتن جي حياتي ننڍي آھي“، ”جڏھن ڪائنات ٺھي ھئي, لفظ نه هيس ته ڪُتن جي ٻولي ڳالھائي ويندي ھئي. ڌرتي تي پھريون ’ص‘ ڪُتن جي ٻوليءَ ۾ ھو، پوءِ جيئن ماڻھن لفظ ٺاھيا ته اُھي ان ’ص‘ کان پري ٿيندا ويا. ڪُتا اَڄُ به ان ’ص‘ تي عمل ڪن ٿا. انھن جو مذھب انسان دوستي ۽ مالڪ جي حفاظت آھي“.

ناولٽ جو بنيادي موضوع انسان جي اڪيلائي ۽ بي وفائي آھي. اصل ۾ اڪيلائيءَ ۽ بي وفائيءَ جا تصور به سماجي تشڪيل آھن، جانورن ۽ پکين اُھي شڪايتون ڪڏھن به نه ڪيون آھن ڇاڪاڻ ته انھن اھڙو سماج جوڙيو ئي ناھي، جو انھن کي زندگيءَ يا ٻين سان اھڙيون شڪايتون ڪرڻيون پون، تڏھن ته روسو فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوقين ھو. ھن ته سماجي معاھدي جو تصور مجبوريءَ ۾ ھابس ۽ لاڪ جي تسلسل ۾ پيش ڪيو ھو. ھن ناول جي مُک ڪردار کي اڪيلائي پسند ھئڻ باجود زندگيءَ ۾ اڪيلائيءَ ۽ بي وفائيءَ جي نه کُٽندڙ شڪايتن ۽ ويڳاڻن احساسن جو روڳُ آھي. وقت دراصل تبديليءَ جو مظھر ۽ صيغو آھي پر ھو تبديلين جي بي رحمين کي ڏسندي چوي ٿو ”وقت جھڙو ڪمينو مون نه ڏٺو، پاڻ سان گڏ گذاري، دنيا مان گذاري ڇڏي ٿو“. جيئن ته سُريلسٽ ڪنھن ھڪ ڳالھ، خيال ۽ ڪيفيت تي بيھندا ئي ناھن اُھي يادن، ويچارن ۽ احساسن جي منتشر آزاد وھڪري ۾ وھندا ويندا آھن ان ڪري اُھي ڳالهيون به متضاد ڪندا آھن، شايد اھو انھن جو قصور ناھي جو زندگي اُھي سڀ تضاد گڏ گڏ کڻي ھلي ٿي. ھو وري ٻئي ھنڌُ وقت لاءِ چوي ٿو ته ”جيئڻ سکو ته وقت کان سکو، جيڪو ڪڏھن مري نه ٿو. وقت جھڙو ڏاھو، فلسفي ۽ حڪيم ڪير به نه آھي. وقت فلسفي جو بادشاھ آھي، وڻيس ته ڪنھن کي قبول ڪري ۽ نه وڻيس ته قتل ڪرائي. وقت ڏاھپ کي آڱر کان پڪڙي گڏ گھمائيندو آھي، ۽ ھر منزل جي ڏاھپ ان دور جي ڏاھپَ ھوندي آھي پر وقت ڪُتي کان شڪست کائي ٿو. ڪُتو وقت کي نه مڃيندو آھي, ان وٽ ڪلھ، اڄ ۽ سڀاڻي ۾ ڪوبه فرق نه آھي. سڀ ڏينھنُ ھڪجھڙا آھن. ڪُتا واچ نه پائيندا آھن، ڪيلنڊر نه ٺاھيندا آھن، اھو ئي سبب آھي جو گزريل وقت تي افسوس نه ڪندا آھن. حال جي پرواھ نه ڪندا آھن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي نه ٺاھيندا آھن.“ اڪيلائي جيئن ته ھن کي زندگيءَ جو مستقل وجودي روڳَ لڳي ٿي جو ھو سمجھي ٿو ته ”انسان جو مقدر اڪيلائي آھي“. ان ڪري چوي ٿو ته ”انسان ازل کان اڪيلو آھي. فطرت انسان جي اڪيلائين جو خيال رکي ٿي, ان ڪري ڪُتو ضروري آھي“. ناولٽ ۾ منتشر خيالن جو وھڪرو پاڻُ سان گڏ انيڪ تضاد کڻي ھلي ٿو. اڪيلائيءَ بابت ھو وري هيئن به لکي ٿو ته ”اڪيلائي گھڻن عذابن کان بچائي ٿي، يادون اڪيلائيءَ جون دشمن آھن“. اڪيلائي ھن سان گڏ نفسياتي طور پاڇي جيان گڏ گڏ ھلي ٿي ۽ جڏھن ھو اڪيلائيءَ جو شڪار نه به ٿيو ھو تڏھن به سوچيندو ھو ته ”انسان جو مقدر اڪيلائي آھي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو هيو مان به ائين اڪيلو ٿي ويندس. وڃڻ وقت مون امڙ کان موڪلايو ھو ۽ ھن پيار مان چيو ھو ”تون منھنجي حياتيءَ جو آخري ڪُتو آھين.

ھو انسان جي اڪيلائيءَ کي بي وفائيءَ مان سِرجندي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي به بي وفا سمجھندي چوي ٿو ته ”امڙ گذاري وئي, امڙ جي موت جو سبب اسان جي بي وفائي ھئي.“ ھن جو جملو نھايت گِھرو ۽ دل کي ڇُھندڙ آھي ته ”ماڻھو جيئري مُنھن نه ڏسندا آھن پر مُئي مُنھن ڏسندا آھن.“ جيئن ته ھو ڪُتن جي وفادار وَڙَ کي انسانن کان اُتم سمجھي ٿو، ان ڪري چوي ٿو ته ”انسان پيار کي پيار سمجھي پيار ڪري ٿو. ڪُتو پيار کي پيار سمجھي پيار نه ٿو ڪري. اھو ئي سبب آھي جو بيوفائي انسانن وٽ نظر اچي ٿي، ڪُتن وٽ نه.“ ناولٽ ۾ موتُ به بي وفائيءَ جي ھڪ صورت آھي، اُھا بي وفائي شعوري نه پر حالتن ۽ زندگيءَ جي مڙهيل جبر جو نتيجو آھي. ان ڪري ئي ناولٽ جو مُک ڪردار ڪنھن به اڪيلائيءَ، جُدائيءَ ۽ بي وفائيءَ جو ڏوھ ڪنھن ٻئي ڪردار کي نه پر حالتن کي ڏئي ٿو. موت لاءِ چوي ٿو ته ”موت ڪُتي کان بدتر آھي، ڇو جو ڪڏھن به ڀونڪي حملو نه ٿو ڪري. اُھو ايندو آھي ۽ گذري ويندو آھي. موت کي بخمل جا جورابا پاتل ھوندا آھن. ان کي ڏسڻ جي سگھ انسان ۾ ناھي.“ دراصل اڪيلائيءَ، بي وفائيءَ ۽ موتَ ۾ ھڪ نظر نه ايندڙ تعلق آھي، جيڪو ليکڪ اڻ سڌي طرح ۽ منتشر خيالن جي وھڪري ۾ چِٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. موت وڇوڙي جو استعارو آھي، وڇوڙو نه کُٽندڙ درد کي جنم ڏئي، اندر ۾ اوطاقون ڪري ويھي رھي ٿو ۽ ناولٽ جو مُک ڪردار ڄَڻُ ته رَڙِ ڪندي وڏي واڪي چوي ٿو ته ”يادن مان جان ڇڏائڻ جو طريقو اھو آھي ته توھان ھر پُراڻي شئي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. انھن ڪپڙن کي، بوٽن کي، ڦڻين ۽ فوٽن کي گڏ ڪري تيلي ڏئي ڇڏيو. اُھي آئينا ڀَڃي ڇڏيو جن اڳيان توھان بيھو ته عڪس ڪنھن ٻئي جو نظر اچي.

انھن سمورين وارتائن جو حتمي نتيجو ڏُکُ آھي, گوتم چيو ھو ته وابستگي ڏُکَ جو ڪارڻ بڻبي آھي پر مسئلو اھو آھي ته ھر انسان گوتم نه ٿو ٿي سگھي، ان ڪري ڏُکَ کان انسان نه بچي سگھي ٿو ۽ نه ان کي ٽاري سگھي ٿو. ”انسان جي دل لوڻ سان ڀَريل آھي، دل جا سڀ رستا اکين ڏي وڃن ٿا.“ ھي جملو به ڇرڪائيندڙ آھي ته ”ڏُکُ بورچيخاني جي باھ جيان آھي.“ ائين ڏُک بابت انيڪ جملا آھن جيڪي زندگيءَ جي معنويت ۽ بي معنويت ٻئي سمجھائين ٿا، جيئن ھيءُ جملو ته ”سانوڻُ ڏُک جي موسم ھوندو آھي، ڇو جو وَسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي ڳوڙھن جي بوءِ ھوندي آھي.“ زندگيءَ ۾ خوشيون عارضي ھجن ٿيون ۽ ڏُکَ ڊگھو سفر ڪن ٿا جنھن جي ترجماني ھيءُ جملو ڪري ٿو ته ”خوشي اُمت آھي ۽ درد خِضر، اُمت جي عمر ننڍي ۽ خضر جي حياتي وڏي ھوندي آھي. خوشي نيڪيءَ جيان وسري ويندي آھي ۽ درد پنھنجي زخم ڪري سدائين يادن ۾ رھجي ويندو آھي.

جيئن مون شروع ۾ لکيو ته ھن ناولٽ ۾ جتي ڪُتي کي وفاداريءَ جي علامت طور ھر ھنڌ انيڪ معنائن ۾ استعمال ڪيو ويو آھي، اُتي ان کي اڻ سڌي طنز طور انسانن مان ويساھُ کَڄڻ جي علامتي صيغن ۾ به استعمال ڪيو ويو آھي. ھڪ ھنڌُ مُک ڪردار چوي ٿو ته ”مون امڙ کان پُڇڻ چاهيو ۽ پُڇي نه سگهيس ته ’جڏھن ڪُتو موجود ھو ته انسان جو ڪھڙو ضرور هيو؟‘“ ھو پنھنجي وجودي فينٽيسي کي به ڪُتي جي علامت ۾ اظھاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ”ھن پيار ۽ حسرت مان ڪُتي کي ڏٺو. ڪُتو ڊوڙندو آيو ۽ ھوُ ڪُتي ۾ تبديل ٿي ويو.“ اھا ترڪيب به جادوئي تخيل جي آھي. ھن ناولٽ جو اھم پاسو انسانن، رشتن ۽ وفا مان ويساھُ کڄڻ آھي جنھن جي ڀيٽ ۾ ڪُتي جي وَڙَ ۽ وجودي ڳُڻن جي واکاڻ جو سَھارو ورتو ويو آھي. مثال طور ائين چوڻ ته ”ڪُتا ٻارَ کي ۽ ٻارَ ماءُ کي وڻندا آھن“، ”ڪُتا انسانن کي خدا سمجھندا آھن“، ”ڪُتي ڇھون حس انسان کي اوڌر تي ڏنو آھي“، ”ڪو به ڪُتو, ڪنھن ڪُتي جي خوراڪ, بيماريءَ يا بچاءَ جو ذميوار نه ھوندو آھي. نه ڪُتو ڪُتي جي صلاح تي ھلندو آھي ۽ نه ڪنھن ڪُتي کي شوق ھوندو آھي ته اھو ٻئي کي نصيحت ڪري“، ”انسان ۾ ڪُتي جون خاصيتون ھجن ته اُھو ڪامياب انسان ھوندو آھي ۽ ڪنھن ڪُتي ۾ انسان جون خاصيتون ھجن ته اھو در در جون ٺوڪرون کائي مرندو آھي“، ”ڪُتي کي ڪيڏو به ماريو, اھو ان کي پنھنجي گُناھن جي سزا سمجھي توھان کي معاف ڪري ڇڏيندو. مالڪ تي ڪڏھن حملو نه ڪندو“، ”ڀل انسان ڪُتن کي ياد نه ڪن پر ڪُتا انسانن کي ياد ڪندا، ڇو جو انسان مالڪ کي وساري سگھي ٿو، ڪُتو مالڪ کي ڪڏھن نه وساريندو آھي“، ”ڪُتي جي دل مالڪ جي بوٽ ۾ ھوندي آھي، ان جي دل بوٽ جي آواز سان ڌڙڪندي آھي.“ انسان صدين کان مالڪ لاءِ مري رهيو آھي، نه ان کي ڪڏھن مالڪ نظر آيو ۽ نه مالڪ جو پاڇو. اھو مالڪ لاءِ مري ٿو ۽ ماري ٿو. انسان مڪمل ڪُتو ھجي ھا ته ان جو مذھب انسانيت ھجي ھا. انسانيت ڪڏھن به انسانن جو مذھب نه رهيو آھي، اُھو ڪُتن جو مذھب آھي. ڪُتن جي مذھب ۾ انسان مالڪ ۽ انسانيت مذھب آھي.

مان ھتي ناولٽ جي مڪمل ڪھاڻي جيڪا ھونئن ئي منتشر ۽ ڀَڳلَ آرسيءَ جي ٽُڪرن کي ملائڻ جھڙي آھي، کي مڪمل طرح کولي ان ڪري نه ٿو رکان جو ان سان پڙھندڙ جو تجسس مري ويندو. افسانوي ادب جي پرک ۾ ان جي اسڪيم يا ڪھاڻيءَ کي مڪمل طور بيان نه ڪرڻ گھرجي, ان سان نئون پڙھندڙ ان ڏانھن پنھنجو چاھُ يا اُتساھُ وڃائي ويھندو. البته مان ھتي ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن تي به ضرور لکڻ چاھيان ٿو. ھن ناولٽ کي ڪنھن سُٺي افسانوي ادب جي ڄاڻو ايڊيٽر جو ھٿ لڳي ھا يا ليکڪ پاڻ ان تي گھربل ڪم ڪري ھا ته ناولٽ ۾ ھڪ بھترين ۽ وڌيڪ گَھري ناولٽ يا ناول جي گنجائش ھئي. هينئر ھيءُ سٺن جملن ۽ گِھرن خيالن باوجود مجموئي طور ھڪ ڪَچو ناول آھي، اھو جملو ڏُکيو لڳندو پر ڄڻ اھو ھڪ سٺي ٿيم جو ايبارشن آھي. ھر خيال، احساس ۽ ڪيفيت جي عڪسبندي ۽ اظھار کي تڪڙ ۾ پھرين ڊرافٽ ۾ اُڪلائي نه ٿو سگھجي، انھن کي تيز رفتاريءَ سان تخليقي انداز ۾ منتقل نه ٿو ڪري سگھجي. رسول ميمڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھو متن کي لکڻ کان پوءِ ٻيھر نه ڏسندو ھو، جڏھن ته گوئٽي جھڙو تخليقڪار ۽ دانشور به ڏھ ڏھ ڀيرا پنھنجي تخليق کي ورائي ورائي ڏسندو ھو. ناولٽ جي ڪجھ ڪمزور پاسن جي اُپٽار کان اڳ ڪجھ فڪري وضاحت ضروري آھي. سريئلسٽ افسانوي ادب ۽ وجوديت پسندي مختلف ھئڻ باوجود پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکن ٿا، جيتوڻيڪ ٻنهي جون فڪري ڌارائون ۽ مزاجَ مختلف ۽ ڪٿي متضاد به آهن. سريئل ازم بنيادي طور لاشعور، خوابن، داخلي خواهشن ۽ غير منطقي دنيا تي زور ڏئي ٿو، جڏهنته وجوديت پسندي انسان جي آزادي، اڪيلاپڻ، بي معنويت ۽ وجودي بحران تي بحث ڪري ٿي. پر جديد ادب ۾ ڪيترن ليکڪن ٻنهي لاڙن کي گڏايو پڻ آهي جيئن سارتر، ڪافڪا، ڪاميو ۽ ادب ۾ سُريئلسٽ لاڙي جي ھڪ باني آندري بريٽن، جنھن خاص طور لاشعور کي ادب ۾ اھم حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. رسول ميمڻ به ھن ناولٽ ۾ شعوري يا لاشعوري طور ائين ئي ڪيو آھي. سريئلسٽ افسانوي ادب ۾ ڪردار اڪثر اهڙي دنيا ۾ رهندا آهن، جتي حقيقت ۽ خواب غير محسوس طريقي سان ملي وڃن ٿا. وجوديت پسند ادب ۾ به انسان پنهنجي اندروني خوف، اڪيلائيءَ ۽ بي معنويت جو شڪار ٿيندو, ان سان پيو وڙهندو آهي. ان ڪري ٻنهي ۾ ”انسان جي داخلي سچائي“ اهم موضوع بڻجي وڃي ٿي. ٻئي لاڙا روايتي سماجي، مذهبي يا اخلاقي ڍانچن کي چئلينج ڪن ٿا. رسول ميمڻ جا ڪجھ جملا ته اھڙا آھن جو انھن کي ھن سماج ۾ ورجائيندي به سوچڻو پوي ٿو. سريئلسٽ چون ٿا ته حقيقي سچ شعور کان ٻاهر لاشعور ۾ لڪل ھوندو آهي جڏھن ته وجوديت پسند چون ٿا ته انسان پاڻ پنهنجي معنيٰ پيدا ڪري ٿو, ڪا اڳواٽ طئي ٿيل معنيٰ ناهي. ان ڪري ٻنهي ۾ ”روايتي حقيقت“ خلاف بغاوت موجود آهي. رسول ميمڻ جي ناولٽ ۾ اُھا بغاوت وجودي ويڳاڻپ جي صورت ۾ ھڪ روڳَ ۽ الميي جي صورت ۾ ئي ظاھر ٿئي ٿي. 

اھو ٺيڪ آھي ته سريئلسٽ ادب ۾ جماليات روايتي يا ڪلاسيڪي ادب جيان سادي، متوازن ۽ ھم آھنگ صورتن ۾ ناھي ھوندي پر اُھا غير روايتي معني ۾ يعني حيرت، يادن، خوابناڪيت، علامتن، لاشعور ۽ داخلي آزاديءَ جي صورتن ۾ بي ترتيبي سان ئي سھي پر ظاھر ضرور ٿيندي آھي پر رسول ميمڻ جي ناولٽ ۾ مک ڪردار جي وجودي بحران جي منتشر خيالن ۽ احساسن جي وھڪري ۾ سريئلسٽ جماليات يا معنويت به ڪا جاءِ وٺندي نظر نه ٿي اچي. اڪيلائين کان اڪيلائين جي وِٿين ۾ خوشيون ۽ جماليات به جھومندي نظر ايندي آھي پر مُک ڪردار جي نفسياتي حالت انھن کي يادن ۾ به جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي. ساڳيءَ طرح ھن ناولٽ جي ٻولي ڪمزور آھي. خيالن جي اظھار ۾ ته ٻولي ھڪ حد تائين ٺيڪ آھي پر جيتريون سگھاريون ڪيفيتون ھن ناولٽ ۾ موجود آھن، ان جي ڀيٽ ۾ ليکڪ وٽ ٻولي ۽ لفظ کُٽي ٿا پون. ٻوليءَ جي وُسعت ۽ گُھرائي ئي ھوندي آھي جيڪا ويچارن، احساسن، ڪيفيتن ۽ تخيل کي انھن داخلي ۽ خارجي پاتار ۽ پولارن ۾ وٺي ويندي آھي. ھن جي وجودي بي چيني ھن تي غالب ٿي ھن کي ڪنھن به خيال، احساس، ڪيفيت ۽ تخيل تي ڪجھ دير به بيھڻ نه ٿي ڏئي، ھو جملن کي اڻ پوري پيرائي ۾ وجودي انتشار جي تڪڙ ۾ اُڪلائي ٿو.

ٽين ڳالھ ته افسانوي ادب ۾ رڳو يادون ئي ڪافي ناھن ھونديون پر لاشعور تخيل ذريعي به باڪمال اظھار ڪري سگھي ٿو. ھن ناولٽ ۾ ليکڪ لاشعور کان رڳو بي ترتيب يادن کي تڪڙ ۾ بيان ڪرڻ جو ئي ڪم وٺي ٿو. ان ڪري ڪيترا خيال، احساس ۽ وارتائون وڌيڪ اثرائتي ۽ گِھري اظھار کان محروم رھجي وڃن ٿا. بيانيه انداز ۾ به ڊائلاگ، مونولاگ، عڪسبندي, منظرن، صورتحالن ۽ وارتائن کي زنده انداز ۾ حال جي حقيقت طور پيش ڪري سگھجي ٿو. سرئيلسٽ ادب ھونئن به انساني ارادي کي انساني زندگيءَ ۾ بنيادي يا فيصله ڪُن حيثيت نه ٿو ڏئي, جو ان روايت جا حامل سمجھن ٿا ته انسان جي شخصيت، خواهشن ۽ عملن تي لاشعور، خوابن، دٻيل ۽ دٻايل خواهشن ۽ نفسياتي قوتن جو گهرو اثر ھوندو آھي. ھن ناولٽ ۾ به مُک ڪردار پنھنجي ڪنھن شعوري ارادي کي پنھنجي زندگيءَ ۾ بنيادي اھميت نه ٿو ڏئي جو سريئلسٽ روايت انسان کي شعوري وجود کان وڌيڪ لاشعوري وجود سمجھي ٿي. سريئلسٽ ادب انساني ’عقل‘ يا شعور کي مڪمل سچائي نٿو سمجهي, انهن لاءِ انساني ارادو صرف شعوري سوچ جو نتيجو ناهي، ان جي ابتڙ خوابَ ،دٻيل يا دٻايل جنسي خواهشون، خوفَ، لاشعور مان پاڻ مرادو ايندڙ يادگيريون ۽ دٻايل احساسَ به انسان جي عملن ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي طئي ڪن ٿا يعني مجموعي طور انسان جو ارادو شعور جي هڪ وحدت ناهي، پر انسان جي اندروني تضادن جو ميدان ۽ مجموعو آهي. ان ڪري ناولٽ جو مک ڪردار ڪٿي به حالتن تي پنھنجي شعوري وجود جي مَٿَڀرائپ کي پير کوڙائيندي نظر نه ٿو اچي سواءِ ان جي جو ھو ناولٽ جي پُڄاڻيءَ تي پنھنجي ڪُتي راڪي کي اندر اچڻ لاءِ گھر جو ٻاھريون دروازو کولي ڇڏي ٿو. مجموعي طور ھو پنھنجي زندگي ۾ المين جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ بي معنويت کي پنھنجي وجود تي طاري ڪندو، پنھنجي ارادي کي شعور سان ڳنڍي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪا نئين ۽ پنھنجي معنويت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو. 

مجموعي طور اھو ھڪ ڳُوڙھو، اُداس ڪندڙ ۽ پڙھڻ جھڙو منفرد ناولٽ آھي.

No comments:

Post a Comment