ساڀيان سانگي
مانائتي سائين يوسف شاهين جي نانوَ سان ڪيڏيون نه پياريون ۽ اهم سڃاڻپون سلهاڙيل آهن! هُو هڪ ئي وقت نامور اديب ۽ محقق به آهي، ته ڏاهو تاريخدان به آهي جنھن جون نگاهون تاريخ جي روشن پاسن سان گڏ اونداهن دورن تي به آهن، ته انهن ڪارڻن جي ڪري عام ماڻهن کي جيڪو ڀوڳڻو پيو آهي، ان کي پنھنجي اندر ۾ محسوس به ڪيو آهي. سائين يوسف شاهين سنڌ جو هڪ نمايان ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ آهي، جنھن ’برسات‘ جي نالي سان اهم رسالو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي اخبار ڪاميابيءَ سان جاري ڪئي. ڇا اهي سڀ ڪم ڪي رواجي ڪم آهن؟ بلڪل به نه! پر ترسو! اڃا ته هڪ حساس شاعر وارو ذڪر ته مون ڪيو ئي نه آهي. اسان جو محترم سائين يوسف شاهين بلڪل پنھنجي نالي جيان خوبصورت شاعر آهي جنھن جي فڪري اڏام شاهين جيان ئي آسمان جي وسعتن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.
۽ هڪ تمام اهم ڳالهه سائين يوسف شاهين جي هيءَ پڻ آهي، ته هن نه
صرف سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، پر انگريزي بوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪِي بين
الاقوامي ادارن نه رڳو ڇپيا آهن پر اهي نوبل پرائيز لاءِ به نامزد ٿيا آهن، جن جي
قدر جي ڪَٿ اڃا پوريءَ طرح نه ڪئي وئي آهي. انهن ڪتابن ۾:
”World Confederation of the Peoples“، ”The Story of the Ancient Indus People“، ”Artificial Borders of the World“، ”Short History of A
Woman Through the Ages“، ”Crime And
Punishment: In Historical Perspective“، ”Rise And Fall of gods“، ”William
The Bastard“، ”Slave Nations Under
British Monarchs“ ۽ ”Rise And Fall of
Sanskrit“ نمايان آهن. مون کي يقين آهي ته جڏهن سائين يوسف شاهين تي ڪيل
علمي ۽ ادبي خدمتن تي اڪيڊميڪلي اڀياس ڪيو ويندو، ته سندس صحيح طور قدرداني ٿي
سگهندي.
عظمت
پنھنجو پاڻ ۾ ڪيڏي نه نھٺائي سمائي ويٺي آهي. عظمت جا حسين جلوه آهن. انڊلٺ جيان
رنگين، سورج جيان روشني ڏيندڙ ۽ چنڊ جيان جيءُ جيئاريندڙ، اکيون ٺاريندڙ چانڊوڪي،
پھاڙن جيڏي قدآور ۽ سمونڊ جھڙي گھري، ته ندين جيڏي مٺڙي ۽ تڪبر کان اڻواقف هيءَ
عظمت سائين يوسف شاهين جي آهي. اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي ڌرتيءَ،
ٻوليءَ، پنھنجن ماڻهن سان محبت ۽ عشق جي اڻڪَٿ اڻت ڪندي عالم سان عشق کي به اڻندا
رهندا آهن ۽ پنھنجيءَ جند جيان قلم جي به تند تپائيندا ، لکندا رهندا آھن ۽ مسلسل
لکندا آهن.
ڏاڍي
خوشيءَ ۽ خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي، ته سائين يوسف شاهين جي ڪتاب تسلسل سان ڇپجي
اسان جي هٿن تائين پھچي رهيا آهن، جنھن سان اسان کي سندس علمي بلنديءَ مان استفادي
جو موقعو ملندو رهي ٿو. ويجهڙ ۾ سائين يوسف شاهين جو ڪتاب ”پيھي منجهه پاتال“ جي بامعني نالي سان سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران شايع ٿيو آهي، جنھن ۾ سندس 31 ليک گڏ ڪيل آهن،
ڄڻ ته هڪ ذخيرو اسان جي آڏو آيو آهي جنھن ۾ نھايت ملهائتا هيرا جواهر آڇيا ويا
آهن. صنفي طور انهن ليکن ۾ مقالا ۽ مضمون به آهن ته خطَ ۽ انٽرويو به، مھاڳ ۽
تقريرون به آهن، ته بئڪ ٽائيٽل ۽ تاثر به، گڏوگڏ يادگيرين سان گڏ سفرنامو به شامل
آهي. ٻين لفظن ۾، هڪ سھڻي گلدستي جيان هيءُ ڪتاب نظر اچي ٿو.
جيڪڏهن
ان ڪتاب ۾ آندل موضوعن کي ڏسنداسين، ته اهي پڻ ڪثرت وارا آهن، جن ۾ تاريخ جو موضوع
ته حاوي آهي، پر شخصيتن بابت شامل مضمونن ۾ تاريخي شخصيتن سان گڏ نئين دور جي
سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن بابت به ليک ڏنل آهن.
ڪتاب
۾ ”منھنجي مزاحمت“ جي نالي سان سن 1994ع ۾ اسلام آباد ۾ ڪيل سندن تقرير ته هڪ
شاھڪار آهي، ۽ ڇرڪائيندڙ آهي جنھن کي نامياري شاعره پروين شاڪر ”آتشگير مقالو“
سڏيو هو، ان تقرير يا مقالي ايڏي آتش
لڳائي جو پروين شاڪر پنهنجي رد عمل ۾ سنڌي هجڻ ۽ مادري ٻولي نه ڳالهائڻ جي ڏک تي، يوسف شاهين تي
طنزيه جملا لکندي ڇتي تنقيد ڪئي آهي ايئن چوان ته تعصب ۽ ڪاوڙ کي پنن تي پيٽيو آهي
ته غلط نه ٿيندو. يوسف شاهين جيڪو لکيو آهي اهو مان هتي ضرور ڏيڻ چاهينديس، هو لکي
ٿو ته: ”پروين شاڪر جيڪا ان ڪانفرنس ۾ شريڪ هُئي،
ان 23 آڪٽوبر 1994ع تي جنگ اخبار ۾
هڪ ڪالم لکيو، جنھن جو عنوان ڏنائين: ’ديکهني هم بهي گئي اور تماشا بهي هُوا‘. هُن
لکيو ته يوسف شاهين جيڪو مقالو پڙھيو ان ۾ اُھو اهتمام ڪيل هو ته هن محفل(ڪانفرنس)
جا شريڪ ايندڙ ٽن ڏينھن تائين سمهي نه سگهن. اهو هن ڪانفرنس جو سڀ کان حيران ڪندڙ
مقالو هو، يوسف شاهين کي اها شڪايت هئي ته هو هڪ آزاد ملڪ جو شھري ھئڻ جي باوجود
پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهائي نه ٿو سگھي... هُن جي ٿيسز جو لب لباب اُھو هو ته
ٻاهر کان لڏي ايندڙن هميشه مڪاني ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي، جيڪڏهن تاريخ يوسف
شاهين صاحب جو چيو مڃي وٺي، ته اڄ روءِ زمين تي فقط سميري قوم آباد هجي ها ۽ اسان
سڀ سميري ٻولي ڳالهائيندا هجون ها. جيئن ته هي شخص ھومر ۽ ورجن کي استحصالي علامت
سمجهي ٿو، ان ڪري ظاھر آهي ته اُن کان پوءِ
ڪو شيڪسپيئر به نه ھجي ھا... ملٽن ۽ ورڊز ورٿ به نه ھجن ھا... مير ۽ غالب به
سوريءَ جا سزاوارٿين ها اهڙيءَ طرح هيءَ دنيا ڪيتري قدر نه بي رنگ هجي ها.“
اڳتي
يوسف شاهين لکي ٿو: ”پروين شاڪر پنھنجو ڪالم ختم ڪرڻ کان اڳ امر
جليل تي به ڇوھ ڇنڊيا ۽ لکيائين ته باقي جيڪا ڪسر بچيل هئي، اها امر جليل پوري
ڪئي، جيڪو به سنڌ جو ڪيس کڻي آيو هو.“ (ص 86)
تاريخَ، جنگيون، ملڪن جي جاگرافي، ماڻهن جي رهڻي
ڪھڻي، ثقافتون وغيره يوسف شاهين صاحب جا پسنديده موضوع آهن. هُن ماضيءَ کي رڳو
پڙهيو نه آهي، پر ان جي ڪٺن واقعن ۽ حالتن کي محسوس ڪيو آهي ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا
آهن. مثال طور هُو ”منھنجي مزاحمت“ ۾ لکي ٿو: ”سارگن کان وٺي اڄ تائين دنيا
’فتوحات‘ جي نالي ۾ پنج هزار کان به وڌيڪ جنگيون سَٺيون آهن، جن ۾ ڪروڙين بيگناھه
شھري، عورتون ۽ ٻار قتل ڪيا ويا. مون انهن لکين نوجوانن جا لاش جنگ جي ميدانن ۾
سڙندي ڏٺا آهن. آئون پنھنجي ان ڏک، ان اذيت کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.“ (ص 84)
دنيا
جي تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ ماڻهوءَ جو دشمن ماڻهو رهيو آهي. هِڪڙن ملڪن ٻين
ملڪن تي حملا ڪيا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ وڌ ۾ وڌ عورتن ۽ ٻارن ئي ڀوڳيو آهي. پر اهو
تصوير جو هڪ رخ آهي. سائين يوسف شاهين ان ڀوڳنا ۾ فوجين کي شامل ڪري ٻيو رخ به
ڏيکاريو آهي. هُو ”عالمي تاريخ جو مطالعو“ ۾ لکي ٿو: ”هن دنيا جون صدين کان سرحدون
ڊهنديون ۽ ٺھنديون رهن ٿيون. هن وقت انهن جي حفاظت لاءِ اڄوڪي دنيا ۾ 4 ڪروڙ کان
وڌيڪ فوجي ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪڏهن بيرڪن ۾ ته ڪڏهن سرحدن تي زندگيءَ ۽ موت جي
ٻه-واٽي تي بيٺل آهن. اهي ڪڏهن به مارجي سگهن ٿا. انهن 4 ڪروڙ فوجين جون زندگيون
موجوده جمھوري نظام نه ٿو بچائي سگهي.“ (ص156) ڪيڏي نه اهم ڳالهه آهي. مستقل خطري
هيٺ فوجي آهن، مرڻ ۽ مارجڻ جو امڪان انهن جو رهي ٿو، متاثر انهن فوجين جا ڪٽنب ٿين
ٿا، پر جنگين ۾ فاتحن جو اعزاز سياستدان ۽ اڳواڻ کڻن ٿا ۽ پنھنجن بادشاهي تختن کي
برقرار رکن ٿا.
هِن
ڪتاب ۾ مانواري يوسف شاهين جو سن 1997ع ۾ ’پورب‘ رسالي کي ڏنل هڪ مفصل انٽرويو به
شامل آهي جنھن جو عنوان ئي اڏول ٿي بيھڻ وارو آهي: ”آئون عالمي عدالت جي ٿيل
ناانصافين خلاف فرياد داخل ڪرڻ چاهيان ٿو.“ انٽرويوءَ ۾ شاهين صاحبَ پنھنجي
مطالعي، مشاهدي، تجربي ۽ ڇنڊڇاڻ مان کريون کريون ڳالهيون ڪيون آهن. مثال طور: ”هن
سڄي دنيا جي جوڙجڪ ۽ سرحدون غلط آهن جيڪي نئين سر اڏجڻ گهرجن. سڄي دنيا جو معاشي
نظام ناانصافيءَ تي ٻڌل آهي. دنيا جي اڪثريت غريب آهي. انسان کي ڪائنات جو
ڪاروباري نظام هلائڻ کان اڳ ماني ۽ سمهڻ جي جاءِ مھيا ٿيڻ گهرجي.جڏهن کان دنيا ۾
بادشاهت جو ادارو وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان هن ڌرتيءَ جو انسان مڪمل طور تي ’غير
محفوظ‘ ٿي ويو آهي. دنيا مان بادشاهه يا بادشاهتي ادارا ختم ٿيڻ گهرجن. دنيا ۾ هر روز
ڪروڙين جانور ماري يا ذبح ڪري ماڻهو انهن جو گوشت ۽ رت کائين ٿا. ان معاملي تي
رحمدليءَ سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي... انسان کي مختلف نفرتن ۽ نظرين ۾ ورهائي،
انسان جو درجو گهٽايو ويو آهي، جڏهن ته سڀ انسان برابر آهن. ماضيءَ جو ورثو گهڻي
ڀاڱي غلط آهي.“ (ص 88-90) شاهين صاحب پاڻ کي شاعر يا نثر نويس سڏائڻ بدران صرف اهو
انسان ٿو سڏي جيڪو دنيا جي عدالت ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين خلاف ’فرياد‘ داخل
ڪرائڻ چاهي ٿو. هو لکي ٿو: ”منھنجي سڄي عمر ان ڪيس جي تياريءَ ۾ گذري ويئي آهي.
مون کي ڏک آهي ته آئون اڃا تائين ڪجهه نه ڪري سگهيو آهيان.“ (ص 91) وٽس نظرياتي
وابستگيءَ جي ڪُلي اهميت آهي، هُو جنھن کان سواءِ لکڻ کي، ڍنگرن تي اٽو هارڻ سمجهي
ٿو. (ص 91) هُو نام نھاد بين الاقوامي ادب تي سخت اعتراضَ واري ٿو ۽ برملا اظھار
ٿو ڪري ته ”منھنجي ڄاڻ مطابق گهڻي ڀاڱي وڏين استحصالي قومن جا اديب، جيڪي
’استحصالي ادب‘ پيدا ڪن ٿا، انهن کي وڏو اديب يا بين الاقوامي اديب سڏيو ويندو
آهي.“ (ص 91) سنڌي ادب جي بين الاقوامي ادب سان ڀيٽ جي سوال تي هُو چوي ٿو: ”آئون
فقط ايترو چوندس ته اسان کي خواه مخواه خوش فھميءَ ۾ مبتلا نه ٿيڻ گهرجي. هن وقت
اسان بين الاقوامي ادب ته پري ٿيو، پاڪستان جي ٻولي ’اڙدو‘ کان به سوين سال پوئتي
پوندا ٿا وڃون.“ (ص 94) ٻئي طرف هُو اها ڳالهه پڻ پنھنجي تجزيي آڌار يقين سان ڪري
ٿو ته ”ٻولين جو عروج ۽ زوال قومن جي عروج ۽ زوال سان لاڳاپيل ٿئي ٿو.“ (ص 95)
هيءُ انٽرويو ڪتاب جي صرف يارهنِ صفحن تي مشتمل آهي، پر هر هڪ صفحي جي سٽ سٽ ڪوٽ
ڪرڻ جھڙي آهي. ان جي جملي جملي ۾ هڪ ’آهه‘ آهي جيڪا فضائن ۾ اثر پيدا ڪري ٿي.
اهڙيءَ
طرح مخدوم بلال شھيد بابت هڪ ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي تقرير به يوسف صاحب جي تاريخي
ادارڪ جو مظھر آهي، جنھن ۾ هُن پنھنجا خوبصورت شعر پڻ شامل ڪيا آهن، جھڙوڪ:
سنڀاري
ساٿ کي، سنڌو سَڏَ ڪري،
لھي
لوھه لڱن تان، شل اهڙو واءُ وري،
اچو
پير ڀري، گهوٽ ٿيڻ گهاڻي ۾. (ص 13)
اهڙيءَ
طرح سندس ٻيو هڪ بيت هن ريت آهي:
هينئين
سِين حبيبَ، هلُ ڇڏي حِيلو،
جن
ويڄُ نه وسيلو، تن سُورن سَگهو ڪئو. (ص 14)
ان
بعد هُو لکي ٿو: ”سگهو ٿيڻ لاءِ سورن جي واٽ وٺڻي پوندي. اها بلالي واٽ آهي. مخدوم
جن جو سبق آهي. هو سنڌ جي آزاديءَ، اظھار جي آزاديءَ ۽ عقيدي جي آزاديءَ لاءِ
گهاڻي ۾ پيڙهجي ويو.“ (ص 15)
دادا
گرداس واسواڻيءَ جي 1980ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”ساروڻيون“ جو مھاڳ پُر اثر نموني لکيل آهي.
ان جي ابتدائي نوٽ ۾ يوسف صاحب دادا گرداس کي انگريزي صحافت جو وڏو نالو لکيو آهي
جنھن برصغير جي ورهاست ٿيڻ وقت سنڌ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو. يوسف صاحب کيس ڀيٽا
ڏيندي لکي ٿو: ”ولر کان وڇڙيل 74 سالن جي هن پير مرد، زندگيءَ جا چاليھه سال اڪيلي
سر گذاري ڇڏيا آهن. نه مِٽ، نه مائٽ، نه ڀيڻ، نه ڀاءُ، نه چاچو، نه مامو، نه ڪو
عزيز قريب، سڀ هن کان وڇڙي ويا. سڀ هن کي ڇڏي ويا، پر هن سنڌ کي نه ڇڏيو، پنھنجيءَ
امڙ کي نه ڇڏيو.“ (ص 11-12)
يوسف
صاحب جو هڪڙو ٻيو مھاڳ آفتاب ميمڻ جي ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ تي پڻ لکيل آهي. يوسف
صاحب لکي ٿو: ”هُو هڪ وڏي سرڪاري اداري جو چيئرمئن آهي. ان هوندي به آفتاب جو هر
پل صليب تي گذري ٿو. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.“ (ص 196) اهو سفرنامو جيئن ته
مصر بابت آهي، ان ڪري يوسف صاحب مھاڳ ۾ تاريخ جا تاڪيا کوليا آهن ۽ دنيا جي قديم
تھذيبن کي ياد ڪيو آهي، جن ۾ اسان جي سنڌ لازمي شامل آهي. هو لکي ٿو: ”2334 قبل
مسيح ۾ سمير ۽ اڪاد (موجوده عراق) جي شھنشاھه سارگن سنڌ مان سوين سنڌين کي عراق
سڏايو ته جيئن هو هن کي سندس گاديءَ وارو شھر ’اگادي‘ جديد شھري منصوبابنديءَ تحت
اَڏي ڏين.“ (ص 197) بھرحال هيءُ مھاڳ به نه صرف پڙهڻ، پر هنڊائڻ وٽان آهي.
جناب
يوسف شاهين جو لکيل ٽيون مھاڳ نامور صحافي ۽ اديب شيخ عزيز جي انگريزيءَ ۾ لکيل
ڪتاب جي سنڌي ترجمي ”سنڌ جي ڌاڙيلن جي تاريخ“ تي لکيل آهي. اهو ڪتاب سڄاڻ صحافي ۽
اديب همسفر گاڏهيءَ پاران ترجمو ڪيل آهي. هن مھاڳ ۾ شاهين صاحب تاريخ جي ورقن مان ڌاڙيل
ٿيڻ ۽ ڌاڙن جي سببن کي بيان ڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن مھاڳ جي ابتدا هن طرح
ڪئي آهي: ”جڏهن زندگي موت کان به بدتر ٿي وڃي ۽ معاشرو ڪا واهر ڪرڻ بدران ماٺ رهڻ
۾ سلامتي سمجهي ته پوءِ ڪو به شريف النفس شخص ڌاڙيل يا ڏوهي ٿيڻ جو سوچي سگهي ٿو.
جڏهن ناانصافي، ظلم ۽ جبر انتھا تي پھچي وڃي ته مزاحمتي تحريڪون ڌاڙيلن جي صورت ۾
پيدا ٿينديون آهن.“ (ص 204) اهو نه صرف ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي، پر مھاڳ به شاندار آهي.
ايئن
ئي شاهين صاحب مانواري ماھتاب اڪبر راشدي تي لکيل مضمون جي شروعات ۾ به ڌاڙيلن جي
اصولن جو ذڪر ڪندي هڪ واقعو ڏنو آهي ته
اڳي انهن وٽ روايتي تھذيبي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري موجود ھئي. هُو
ان مضمون ”ماهتاب اڪبر راشدي: هڪ بھادر، بي باڪ اڳواڻ ۽ بي مثل ليکڪا“ ۾ هڪ سھڻي ۽
پُر اميد سسئيءَ جي بيت سان مضمون جي شروعات ڪئي آهي، جنھن ۾ آپا ماهتاب جي
بھادريءَ ۽ بي باڪيءَ تائين پھچندي پھچندي، سنڌ جي پراڻي ڌاڙيل دور کان ويندي دنيا
جي هجرت، مھاجرت ۽ ان جي اثرن هيٺ ٻولين ۽ قومن جي ختم ٿيڻ جي پيڙا مان گذرڻو پيو
آهي، ڄڻ بلاول گهاڻي مان پيڙجي نڪتو هجي ۽ رت جو ٽيپو ٽيپو سنڌ، ٻوليءَ ۽ قوميت جي
سور ۾ تڙپندو هجي، ڄڻ سندس هڪ هڪ ڦڙو رڙيون ڪندي ٻڌائيندو هجي ته جنگيون ايڏيون
خطرناڪ ناهن جيڏي مھاجرت...
ايئن
ئي يوسف شاهين جي رڳو هڪ مضمون، سو به سنڌ جي هڪ بھادر نياڻيءَ تي لکڻ لاءِ قلم ڇا
اٿيو، دنيا جي تاريخ پنن تي پيٽجي پئي. دنيا، هجرت، قوم، ٻولي، عورت ۽ ڪارو ڪاريءَ
جو قانون... جيڪو خدائي قانون چئي زمانهءِ قديم ۾ لاڳو ٿيو هو. اچو ته ان جا ڪجهه
حصا پڙهون. ماهتاب جي بي باڪي بيان ڪرڻ جي بھاني ڪيئن هو تاريخ جي سچاين جي صليب
تي ٽنگجي پيو آهي ۽ واڪا ڪري ٻڌائي پيو ته ڇا ڇا نه ٿيو آهي.
ساڳي
ئي مضمون ۾ يوسف صاحب تاريخ جا بکيا اڊيڙي رکيا آهن معلومات جا خزانا ورهايا آهن،
دنيا جي مھاجرن جون حقيقتون ٻڌايون آهن. يوسف سائين لکي ٿو ته: ”’مھاجرت‘
هڪ خطرناڪ ترين عمل آهي، جنھن جو اثر ’فوجي حملن ۽ ڪاهن‘ کان به خطرناڪ ٿئي ٿو.“ (ص
184) ”سنڌ اڄ اهڙي ئي مھاجرت جو شڪار آهي.“ ”سنڌ جي هن وقت لڳ ڀڳ ساڍا اٺ ڪروڙ
نقلي آبادي آهي.“ ”سنڌ دنيا جو هڪ وڏو يتيم خانو آهي.“ (ص 186) ”سنڌ ۾ جيڪو اچي
ٿو، ان کي بنا پڇا ڳاڇا جي شناختي ڪارڊ ، ڊوميسائيل، سرٽيفيڪيٽ ۽ پاسپورٽ ملي وڃن
ٿا.“ (ص187)
مھاجرت جي
نقصان ۽ قوم جي تباهيءَ جو هڪ ٻيو ڪارڻ به شاهين
صاحب لکي ٿو: ” لاوارث سنڌي
قوم وقت کان اڳ مرڻ کان علاوه ’ڪارو ڪاريءَ‘ جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا
آهي... ڪارو ڪاريءَ جو اهو قانون اڄ کان 3800 سال اڳ
1750 قبل مسيح ۾ بابل جي شھنشاھه حمورابي(Hammurabi) لاڳو ڪيوهو... اُھو قانون اڳتي هلي رومن لا ۽ انگلش لا جو حصو بڻيو، جتان سڄي دنيا ۾
ڦھلجي ويو... اڄ يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ ڪارو ڪاريءَ جو ڪو به
تصور موجود ناھي. مگر اسان سنڌ جا ماڻهو اھڙي قانون کان ٻاهر نڪري نه سگهيا آھيون.“ (ص
188-189)
هُو
نه رڳو لکي ٿو پر هر ملاقات ۾ کيس مون هميشه
عورتن جي اهڙن ئي ڏکن ۽ فڪرن ۾ مبتلا ڏٺو آهي. هُو لکي ٿو: ”يورپ
۾ اڄ کان پنج سئو سال اڳ پنڌرهين ۽ سورھين صدي عيسويءَ ابتدا ۾ لکين عورتن کي ’ڏانئڻ‘
قرار ڏئي ڏاڍي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. ڪن کي جيئري ساڙيو ويو، ڪن کي وات ۾ ٻريل
ميڻ بتي وجهي ساڙي ماريو ويو.“ (ص 188)
”سنڌ جي
ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ پڻ ساڳئي نالي سان ڇپيل نامور محقق مشڪور ڦلڪاري جي لکيل
ڪتاب جو مھاڳ آهي، جنھن ۾ هُو پنھنجي ۽ مشڪور صاحب جي خيالن ۾ ڪو ٽڪراءُ نه ٿو
سمجهي، مثال طور يوسف صاحب ڦلڪاري صاحب سان متفق آهي ته: ”سنڌ جي تاريخ تي
لاعلميءَ ۽ اونداهيءَ جا ڪئين پردا چڙهيل آهن. انهيءَ ڪري ’سنڌي‘ دنيا جي اها
بدنصيب قوم آهي جنھن جي ڪا به مستند تاريخ لکيل ناهي.“ (ص 211) يوسف صاحب ڪتاب
بابت ڪيئي حوالا ڄاڻائڻ کان پوءِ لکي ٿو: ”اهو ڪتاب تحقيق ۽ علم جي دنيا ۾ ڪئين
نيون راهون کولي ڇڏيندو، ڪيترائي ٿرٿلا آڻي ڇڏيندو. ان شخص سان منھنجي ملاقات
ناهي، پر هن ڏاڍو اهم ڪتاب لکيو آهي.“ (ص 218)
اهڙيءَ
طرح ”زندگي ڀوڳ آ“ پڻ هڪ مھاڳ آهي، جيڪو علي حسن ’عاجز‘ جي ڪتاب ” زندگي ڀوڳ آ “
تي لکيل آهي. ان ٽن صفحن جي مھاڳ جي خاص ڳالهه نامور شاعر فيض احمد فيض بابت لکيل
يادگيري ۽ يوسف صاحب جي پنھنجي شاعريءَ جي ابتدا بابت ٻڌائڻ آهي جنھن بعد کيس شديد
اتساهه جاڳيو ته هو اها شاعري ڪنھن کي ٻڌائي، ۽ پوءِ اهڙو ئي اتساهه هُن علي حسن
عاجز ۾ پڻ ڏٺو. هو لکي ٿو: ”منھنجي دعا آهي ته هي خوش اخلاق ۽ خوش مزاج شخص، جيڪو
زندگيءَ کي ڀوڳ سمجهي ٿو، اهو شاعريءَ جي بلندين کي ضرور ڇُھندو.“ (ص 223)
سنڌ
جي وڏي شاعر شيخ اياز بابت سندس وفات کان پوءِ لکيل خط ۾ يوسف صاحب ڪيئي اهم
ڳالهيون لکيون آهن، خاص ڪري سائين جي ايم سيد سان شيخ اياز جي ملاقات ڪرائڻ جو ذڪر
اهم آهي. ان کان سواءِ سندن ۽ اياز صاحب جي وچ ۾ تعلقاتن جو به مختصر ذڪر آهي. پر
خط جي پڄاڻيءَ تي، سندن اياز صاحب جي باري ۾ راءِ ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ اهم آهي. هو لکي
ٿو: ”آئون اڄ به چوان ٿو ته اياز جي لکڻين بابت ڪيترائي اختلاف ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ
ته هن جي شاعريءَ جا ڪيترائي دور آهن، ڪيترائي رنگ آهن، ڪيترائي حوالا آهن. هن
ملحد کان متقيءَ تائين، ادنى کان اعلى ذهن لاءِ علم، ڏات ۽ ڏاھه جا ڪئين خزانا، ڪئين
تخليقون ڇڏيون آهن، جن تي اڄ نه ته سُڀان تحقيق ٿيندي. اياز نه فقط وڏو شاعر هو
بلڪه تمام وڏو نثر نويس، عالم ۽ مفڪر هو. هن جي نثر جي ڪائنات تمام وڏي آهي، جا
عالمي ادب ۾ هن کي تمام مٿانھون مان ڌيارڻ لاءِ ڪافي آهي، جنھن تي اسان کي هميشه
ناز رهندو.“ (ص 22-23) ان بعد يوسف صاحب پنھنجو اختلاف به لکيو آهي ته شيخ اياز کي
ڀٽ شاهه ۾ دفن نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته اتي هو آزاديءَ سان پنھنجي الڳ دنيا
وَسائي نه سگهندو.
سنڌ
جي گهڻ رخي قلمڪار ۽ منفرد شاعر قمر شھباز جي بئڪ ٽائيٽل طور لکيل تاثر مان هي
سٽون ڪيئن نه ذهن تي چِٽجي وڃن ٿيون: ”افسوس آهي ته، هي شخص انمول انسان سنڌ جي
روايتي بيقدريءَ جو تمام گهڻو شڪار رهيو آهي. سندس فن ۽ اعلى تخليقن جي پرک اڃا
ٿيڻي آهي.“ (ص 37) خبر ناهي ته اسان ڪڏهن پنھنجن هيرن جواهرن ۽ اڻمُلهه انسانن جو
قدر ڪري سگهنداسين. يوسف صاحب ڪھڙو نه خوبصورت بيت قمر شھباز کي ارپيو آهي:
آهه
سنجهه سُڀاءُ، آس اها ئي هيڪڙي،
قمر
تو مٿاءُ، چوڏهين مور نه اُلهي. (ص 36)
ڪتاب
۾ مخدوم طالب المولى ڏانھن لکيل ٻه خط ۽ ڏانھس موڪليل ’بيت ۽ ان جو پس منظر‘ پڻ
شامل آهن. سائين يوسف جو اهو بيت هن ريت آهي:
اهڙين
اکين جي، ڪيمَ ڪڍجي ڪاڻ،
جن
لئه واجهائين، هي انڌيوناڻ ڄاڻ،
ڪري
روح رهاڻ، طالب المولا تن سين.
يوسف
صاحب مخدوم طالب المولى ڏانھن خط جي آخر ۾ لکي ٿو: ”اوهان جي شاعري اڄ اڳي کان
اڳري آهي. شل، اوهان وڏي ڄمار ۽ شاعريءَ جون اڃا وڏيون منزلون ماڻيو.“ (ص 34)
هِن
ڪتاب ۾ شامل ٻيون تحريرون پڻ انتھائي اهم ۽ پڙهڻ وٽان آهن. اهو ممڪن نه آهي، ته
انهن سڀني بابت هِن مختصر ليک ۾ لکي سگهجي. مان پاڻ کي انتھائي خوش نصيب ٿي سمجهان
ته يوسف شاهين صاحب مون کي پنھنجي ڪتاب جي اعزازي ڪاپي پيار ۽ بي پناھه سِڪ منجهان
موڪلي ۽ ان تي لکڻ لاءِ پنھنجي خواهش ڏيکاري. اها اعزازي ڪاپي يقينن دنيا جي ڪنھن
به اعزاز ۽ بھترين تحفي کان گهٽ ناهي.

No comments:
Post a Comment