تعارف: نظام الدين ڪاڪا
”يادِ ايام“ ڪتاب جو تعارف
”ياِد ايام“ ڪتاب جي باري ۾ مون کي تاريخ کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان مشاهدي ۽ مطالعو ڪندڙ ۽ تاريخ تي 24 ڪتاب لکندڙ سنڌ جو ناليواري تاريخدان سائين شهزاد فتح محمد ٿيٻي ٻڌايو. هيءُ ڪتاب تـ هالا واسيءَ جو لکيل هو پر هالا جي ڪنهن بـ علم دوست ڪتاب ڏيڻ جي حامي نـ ڀري يا واقعي ڪنهن وٽ هيءُ ڪتاب موجود نـ بـ هجي! پوءِ هي ڪتاب آئون ٽنڊي الهيار جي ڪنهن دوست جي لائبريريءَ مان کڻي آيس، ڇو تـ اتان جا ماڻهو ڪتاب ڏيڻ وٺڻ ۾ انتهائي سخاوت رکن ٿا. سائين شهزاد فتح محمد ٿيٻي حڪم ڪيو تـ ”يِاد ايام“ ڪتاب جي ليکڪ ۽ ڪتاب جي باري ۾ آئون معلوماتي ننڍڙو ئي مضمون سهي، پر ضرور لکان. سائينءَ جي حڪم جي بجاءِ آوري ڪئي اٿم. ڪتاب جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
”يادِ
ايام“ ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي 16 مئي 1942ع تي جنم ورتو. هالا پراڻا
جي بزرگ خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ جا وڏا سن 1701ع کان 1783ع
تائين بوبڪ شهر مان لڏي هالا ڪنڊيءَ جي بندرگاهـ تي اچي آباد ٿيا. اسلامي ديني
تدريس هنن جي خانداني روايت رهندي پئي اچي. هن خاندان تبليغ ڪري ڪيترائي هندو
مسلمان بـ ڪيا. سندن خانداني ڪتب خانو (مڪتبيـ اسلاميـ محمديه) اڄ ڏينهن تائين
قائم آهي. پيشي جي لحاظ کان ميڊيڪل ڊاڪٽر رهيو، جنهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد
مان 1966ع ۾ ايم بي بي ايس جي سندَ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ جي ڪيترين ئي
اسپتالن ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ رهيو جنهن ۾ ٻـ دفعا لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو سپريڊنٽ
رهيو. سنڌ گورنمينٽ هاسپيٽل ڪورنگي ڪراچيءَ ۽ ٽي بي سينيٽوريم ڪوٽڙيءَ جو به ميڊيڪل
سپريڊنٽ رهيو. 2 دفعا صوبائي صحت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ملڪ کان ٻاهر
سعودي عرب ۽ مسقط ۾ 3 سال اتان جي ميڊيڪل اسپتالن جو نگران ٿي رهيو. آمريڪا،
انگلينڊ، ڪئناڊا جو دورو ڪري اتان جي صحت جي نظام جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪيائين.
ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊيءَ طرفان کيس ڊاڪٽريڪٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي. پنهنجي سروس
دوران علم ادب ۽ روحانيت سان مالا مال رهندڙ هيءُ ڪمال جو شخص واقعي حليم ۽ سٻاجهو
انسان رهيو آهي. ”يِاد ايام“ ڪتاب سندس لکيل آتم ڪٿا آهي جيڪا هالا پراڻا کان شروع
ڪري هالا پراڻا ۽ هالا نوان جي ماڻهن مدرسن، روايتن، رسمن، شخصيتن، علم ادب، مذهب،
مسلڪ لسانيات، لوڪ ادب، لطيفيات، سماجيات، تصوف، لغات نويسي، تعليم ۾ ميڊيڪل سکيا،
انتظامڪاري، سماجي تحريڪ، انتظام جي نگراني ۽ چڪاس متعلق دل کولي لکيو آهي. جتي
جتي سندس سروس رهي اتان جو احوال بنا رک رکاءَ جي دل کولي ڪيو اٿس. اتر، وچولو،
لاڙ ۽ ٿر سڀ سائينءَ لاءِ پرينءَ جو پاڇو رهيا. سڀني علائقن جي شخصيتن، صحت مرڪزن،
اتان جي مشهور شخصيتن، هر هڪ علائقي جي ريتن رسمن، درسي اسڪولن، ڪاليجن کان علاوه
شاعرن، اديبن، محققن، فنڪارن جي باري ۾ جيڪي جيئن ڏٺائين تيئن لکيو اٿس. آتم ڪٿا
جا ڪتاب تـ مون ڪيترائي پڙهيا آهن، پر هن ڪتاب ۾ منهنجي پنهنجي علائقي کان علاوه
سڄيءَ سنڌ جي باري ۾ معلومات ڏئي، ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽
سنڌ جي تاريخ تي ڄڻ احسان ڪيو آهي. ”ياِد ايام“ ڪتاب سنڌي ادبي بورد سال 2006ع ۾
شايع ڪيو جيڪو 287 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي جنهن دوست نه پڙهيو ته سمجهو
سندس تاريخي مطالعي ۾ گهڻو ڪجهه رهجي ويو آهي، تنهنڪري هن ڪتاب کي پڙهڻ ضروري آهي.
ان ڪري خاص ڪري تاريخ سان دلچسپي رکندڙ استاد ۽ شاگرد هن ڪتاب مان گهڻي معلومات
حاصل ڪري سگهن ٿا.
سڙي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
اسان
جي هالا پراڻا جي ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي پنهنجو ڪتاب ”ياد ايام“ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا
لکي آهي جنهن ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن بابت حيرتناڪ معلومات لکي اٿس. ڊاڪٽر عبدالحليم
قريشي 1971 ۾ مڪي ۽ مديني جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ٿي رهيو. پنهنجي يادگيرين ۾ هو لکي
ٿو ته مڪي شريف ۾ منهنجي اسپتالن ۾ هڪ سنڌي نوجوان مڪي شريف جي هڪ محلي ’حارت
الباب‘ ۾ رهندو هو ۽ مون وٽ اسپتال ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. سندس نالو بهارالدين جروار
هو. هو سنڌ جي ٽنڊي الهيار ضلعي جي ڳوٺ مبارڪ جروار جو رهواسي هو مڪي ۾ واچن ۽
گهڙين جي مرمت جو ڪم ڪندو هو. سنڌ کان ايندڙ حاجين جي خدمت به ڪندو هو، ڪافي وقت
اڳ گذاري ويو آهي. هن وقت سندس فرزند حاجي مدني اتي رهي ٿو ۽ اتي ئي مٽيون مائٽيون
ڪري اتان جو ٿي ويو آهي.

No comments:
Post a Comment