پروفيسر ناگپال
ساڀيان سانگيءَ جي شعري مجموعي
”خاموشي ڳالهائي ٿي“ تي هڪ نظر
ساڀيان سانگي ڪھڙن سپنن جِي ساڀيان آهي؛ اها تہ کيس خبر، پر سندس
شاعري ۽ عنوان منهنجو من ضرور موهيو آهي. اڄ جَي آئي ٽي گهاڙيٽي ۾ ورهه جو ونگ
ڪيئن ٿي ڏسي؟
”رابطن تي فاير وال“ - هِڪَ ٻئي سان ڳالهائڻ کان اڳ هيڪ ٿي وڃڻ جو
ورناءُ واري ڇڏي ٿو.
ڪتاب جي اندرين فليپ تي نظم جي صورت ۾ جيڪو فلسفو ڏنل آھي, سو پوري
توحيد جو ڏس ڏئي ٿو. هوءَ چئي ٿي:
سيارو اونهاري سان،
اونهارو سرءُ سان،
۽ سرءُ بهار سان
حسد ڪري ٿو؟
واھ واھ!
هيءَ آهي خدا جي خاموش ٻولي، جا صرف صوفي ٻڌن ٿا ۽ سنت پسن ٿا.
آئون توحيد کي فطرت مان سمجهائڻ جا جتن ڪندو رھيو آھيان.
خدا جي هيڪڙائي چئي ٻڌائي وڃي ٿي، ڪوئي جيئي به ته!
صبح جو سِج ڪائنات کي روشن ڪندو آهي،
هوا حياتي کي هلائيندي آهي،
پاڻي پاليندو ۽ تاتيندو آهي
وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گُل ۽ گلزاريون ھن ڪائنات جو سينگار ۽ سونھن آھن، پر
ھر ھڪ لاءِ هڪجهڙي. نه پڇن مذھب، دين ڌرم، فرقو، پنٿ يا سيڪٽ، سَڀ کي نعمتون
ساڳيون بخشي.
اهو آهي ايڪو ۽ ھيڪڙائيءَ جو خدا.
چئون، "سب ڪا مالڪ ايڪ هي" ، پر هاڻ ماڻهو نه ٿو مڃي، ھن
پالڻھار تي قبضو ڪري ورتو آهي.
بنا شرڪت غير !پنهنجو مذهب، فقي فرقي ۽ پنٿ اجارا داري ڪري،
باقي سڀ کي ملحد، ڪافر، دوزخي ۽ مرون مڃي ورتو آهي.
ڌرتي رتو ڇاڻ ٿي، آسمان ۾ دونهون ۽ سمنڊ رڳو رت آهي ان لاءِ جو
اسان انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي، ان سچ کي نه پسون ٿا، نه ٻڌون ٿا، ۽ نه مڃون ٿا.
اها خدائي خاموشي ڪو ورلي ٿو ٻڌي.
ان ماحول ۾ جڏهن مون هي عنوان ڏٺو ته واھ واھ نڪتي.
ته ”خاموشي ڳالهائي ٿي“ !
ساڀيان ھن سچَ کي، جو هاڻ ڪوڙ آهي، ته خلق هڪ، مالڪ ھڪ ۽ ڌرتي هِڪَ
جو عنصر، پاڻ سَڀ آهيون.
”الخلق عيال الله“ هيءَ حديث شريف بابا فريد ورڻائي:
فريدا خالق خلق ۾
خلق وسي رب مانھِ.
ڪبير چيو:
اول الله نور اپايا
قدرت ڪي سب بندي،
خالق خلق، خلق مھ خالق .
پور رهيو سڀ ٺاھين.
ته هي ايڪو، وحدت ۽ سبق توحيد جي ڪن ڪيون.
جو لطيف سرڪار پيو سيکاري:
”سو هي، سو هُو، سو اجل، سو الله،
سو پِرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.“
شيخ سعديءَ چيو:
”سڄي انسانيت ھڪ جسم آهي،
جي ڪنھن عضوي کي به آزاربو ته سڄو جسم لرزي پوندو“ -
پر هت ڇا ٿِي رھيو آھي؟
موت، ماتم، تڏو، پٿر، يادون
زندگي، سربسر، زهر، يادون
درد، دڙڪا، حقارتون، ڪاوڙ
باھ، نفرت، ڀڀڙ، قهر، يادون
سنڌ ، ڪاهون، شهادتون، حملا
گهرڌڻي ، ڌوڙ ، دربدر، يادون
عشق، آٿت، وچن، وفاداريون
خواب، ساڀيان، نگاھ تر، يادون.
واه!
ته، خوابن کي ساڀيان ته نه ملي ويتر نگاهه به تر ٿي پئي لُڙڪن سان
۽ هي آھن پنهنجون يادون! جَي جيءُ جلائين ٿيون. هت وفائن جو ماتم آهي, زندگي
ڌرتتيءَ ۾ تنور جا اُلا آهن، ڪٿي ڪو ڇانورو ڇنو نه ٿو ملي. حياتي ڳري سڙي ۽ مري
رهي آهي.
۽ اڄ جڏهن هي سٽون سهيڙيان ٿو ته زندگي سنڌ ۾ سوڪھڙي، برپٽ ۽ ريگستان
۾ مٽجي رهي آهي.
سنڌوءَ تي ڪئنالن ڪڍڻ سان پاڻيءَ جي جيوت مري پئي، ڌرتي ڦاٽي پئي ۽
زندگي التعش التعش جا واڪا ورائي ٿي.
پاڻيء جا ڦڙا ڪيترا ڪٺا ڪبا.
ساڀيان صفحي ۱۱۰
تي لکي ٿِي
”انسان جي
تھذيب جا اهڃاڻ
هاڻي
بس
وَڃي کنڊرن ۾ ئي
رھيا آهن.“
اڳ لکيائين صفحي۱۰۰
تي:
روڳ, ويراڳ، درد، دربدري
هارُ، لِيلا ، ملال, ساڀيائون.
هي سنڌ ۽ سندس سونھن جي ساڀيان ڇا ٿيندي ؟
-جهوڪ، ڀٽ
شاھ، روهڙي، سچل،
عرس، ميلا ، ڌمال ساڀيائون.
-ٻار دڙيون،
کُڙيون، سُڪل ڌرتي،
آب ـ زم زم، ڪمال ساڀيائون.
سندس خيال نھايت نفيس ۽ نازڪ لفظن ۾ ٽوپيل ـ
صفحي ۷۷ تي ٿِي لکي ـ
”اکيون
ايتريون ڀِي ته انڌيون نه گونگيون!
رڳو لڙڪ هاري ، پُسائين ٿي لُونگيون
خبر ناهي، ڪنھن کي ٿِي سارين ۽ سوچين!
نه سپنا اُڻين ٿِي، نه ساڀيان ٿي ٽوپين!“
ته سنڌ جا سپنا بيدرديءَ سان ڀينگ ڪيا پيا وڃن،
اُھي ھوءَ ڪيئن ساڀيان ۾ ٽوپي؟؟ آخر ڪيئن؟
اچو ساڀيان کي ٻُڌون،
”لٽا هجن
ته
چَوڙي ڇڏيان،
درد هِن،
چُڙن ئي نه ٿا!“
سندس درد ۽ اوجاڳو عجيب آهي، چئي:
”ننڊ جا پکي!
اکين جي آکيرن کي،
ايڏو به
اڪيلو نه ڇَڏِ،
جو
اوجاڳن جا عقاب،
اُنھن کي
اجاڙي ڇڏين...“
خيال جي خوبصورتي ۽ شدت ٻڌو،
”تُنهنجي
ڳلن جا چُگھ،
ڄڻ ته
ڪينجهر جا ڪُن!“
لوڙھي ٿا وجهن.
مان جو هاڻ، اڄ جي هجڻ کي ورجائيندو آھيان.
ساڀيان سچَ کي سِڌو ٿي ڪري-
”ڪالھ جي غم
کي،
’اڄ‘ جَي ڪئنواس تي
ڇو رنگجي!؟
۽ ’سڀان‘ جي سوچَ ۾،
’اَڄُ‘ جِي انڊلٺ ميسارڻ،
ڪھڙي عقلمندي آهي!“
۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ ٿي ڏَسي ته:
”سوچَ
اُها ڇو آهي
ته
خوشي
ڪيئن حاصل ڪجي؟
سوچَ
اِھا ڇو نه آهي
ته
خوشي
ڪيئن ڏجي!!“
منهنجي موضوعَ ”توحيد“ تي سندس سٽون:
”حوا
توحيد پٺيان
فنا ٿي وئي،
۽
آدم
شرڪ جو پوئلڳ
ئي رھيو.“
عورت سراپا عشق ۽ مرد موسمي جسم ﺟﻮ پوڄاري ـ
وري لکي ٿي:
”ھا
مان!
تُنهنجو
’اڌُ‘
آھيان،
تڏهن ئي ته
’اڌو اڌ‘
آھيان ـ“
ته ساڀيان ڪمال فن سان جذبن کي لفظن ۾ ٽوپيو آهي۔ سندس ڪوتا اڄ جي
پاڻي ڪرائسس کي به چٽي ٿي ۽ پڪ آئيندي جو به آئينو ثابت ٿيندي۔
ته قلمي ڪاوش جاري رهي, اهو ئي پنهنجي جيئڻ جو جس آهي.

No comments:
Post a Comment