29/06/2026

تاج تنھنجي غزل جو عجب رنگ آ - ساڀيان سانگي (Saabhiyan Sangi)

 ساڀيان سانگي

تاج تنھنجي غزل جو عجب رنگ آ

ڀانيان ٿِي نوي واري ڏهاڪي جا آخري سال هئا. ادب جي افق تي ”سوجهرو“ نئين جنم سان نمودار ٿيو. هر نئين ۽ نوجوان شاعر جي تمنا ته هُو سوجهري جي صفحن تي ڇپجي. ظاهر آهي آئون به انهن ڏينهن دوران گهڻو لکي رهي هيس ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿي رهي هيس. مون انهن ڏينهن ۾ پابند شاعريءَ سان گڏ نثري سٽون لکڻ شروع ڪيون، پر مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن کي ادب جي ڪهڙي کاتي يا خاني ۾ رکان، ڇاڪاڻ ته اهي نثري نظمن کان مختلف هيون. مون ڪجهه سٽون سوجهري ڏانهن ڏياري موڪليون. پهرين تاريخ ٿي؛ سوجهرو آيو. مون کي حيرانگي به ٿي ته خوشي به ٿي ته منهنجون نثري سٽون، ”ادب لطيف“ جي سري هيٺ سوجهري جي پوري صفحي تي شايع ٿيل هيون. مون کي نئون گس ملي ويو ۽ اهڙيءَ ريت اهو سلسلو جڙي پيو. تاج بلوچ صاحب نه رڳو منهنجون نثري سٽون ”ادب لطيف“ جي سري سان شايع ڪيون بلڪه هن گهڻو همٿايو ۽ لکڻ لاءِ چيو.

تاج بلوچ واقعي به هڪ اتساهه ڏيندڙ ايڊيٽر، خوبصورت شاعر، بيباڪ نقاد ۽ نڊر صحافي هو. هن سنڌي ادبي سنگت ۾ به هاڪارو ڪردار ادا ڪيو. سوجهري جو پهريون دور هجي يا ٻيو دور؛ تاج بلوچ ان کي هڪ اداري جي شڪل ڏئي ڇڏي. آئون سمجهان ٿي ته هن وقت جيڪي به نوجوان ليکاري ۽ شاعر مقبول ۽ مشهور آهن؛ انهن جي بنيادي تربيت ۾ سوجهري رسالي جي توسط سان تاج بلوچ جو وڏو هٿ آهي. بلڪه خيرالنساءَ جعفري جهڙي بيباڪ ڪهاڻيڪاره ته ان حد تائين لکيو ته ”تاج بلوچ منهنجو ادبي پيءُ آهي.“ آئون سمجهان ٿي ته خيرالنساءَ جعفريءَ کان ويندي اڄ جي ڪنهن نوجوان شاعر يا ڪهاڻيڪار تائين تاج بلوچ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ٽهين جي ادبي پرورش ڪئي آهي. سندس اهڙو هاڪاري ڪردار سنڌي ادب ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. هو جتي ٻين کي اڳتي آڻيندو رهيو اتي پاڻ به ڏاڍو سهڻو لکندو رهيو. سوجهري جي ان سفر تي تاج صاحب ”دک ناٽڪ“ نظم لکيو.

اڌ وهي، گذرڻ کان پوءِ

سوجهرو‘ جاري ڪرڻ سان

پاڻ سوچيو هو ڪٿي؟

ايترا ڪي رنگ رچندا !

نوجوانن هم خيالن جا ڪٺا ٿيندا هجوم

 . . .هڪ نئين چؤٻول سان

جهرمر ڪري ايئن جرڪندا

ڪهڪشائون، برج سارا

ڄڻ سموريون رونقون ۽ روشنايون

روح جون رنگينيون ٿي وينديون!!

. . . انڊلٺ جا رنگ سڀ

چئني پاسن تي ٻُريا

مڃتا مڃتا، هوڪرا

درد جي تمثيل جو ابلاغ ٿيو

۽ خوشين جا ڪيترا چشما ڦٽا

مايوسين جو انت آيو

سوجهرو‘ وشواس جي احساس جو عڪاس ٿيو

 . . . عاشقيءَ جي ان سفر ۾

هلندي هلندي ڪم ۾ ۽ ڪار ۾

تاج نالي شخص هو

جنهن گهڻو ڇاڇوليو، ووڙيو به هوندو

فرد سو تنها ٿيو

سونهن جي مانڊاڻ کي مهڪائيندي

هُن کان هُن جو دلربا وڇڙي ويو

ڦٽ ساوا ٿي پيا

درد جا ساڳيا اهي ئي سلسلا

 

اڌ وهيءَ، گذرڻ کان پوءِ

سوجهرو جاري ڪرڻ سان

پاڻ سوچيو ڇا هيو ۽ ڇا ٿيو؟

تاج بلوچ سوجهري جي سفر ۾ ڇا ماڻيو؟ ڇا چُوڙيو؟ اهو سوال ته سوال ئي رهجي ويو آهي؛ پر اها حقيقت آهي ته سندس شاعري هڪ عهد جو اهڙو دستاويز آهي؛ جنهن ۾ مزاحمت به آهي ته رومانيت پڻ آهي؛ ترقي پسندي به آهي ته انسان دوستي ۽ فطرت دوستي پڻ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ موجود ترقي پسندي، انسان دوستي ۽ رومانيت تي امير علي چانڊيي، قمر شهباز، تنوير عباسيءَ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، ج ع منگهاڻيءَ، ڊاڪٽر عاشق بدويءَ، نصير مرزا ۽ ٻين گهڻو لکيو آهي. آئون صرف پنهنجي حصي جون ڪجهه سٽون تبرڪ طور لکي رهي آهيان؛ ڇاڪاڻ ته جنهن شخص جي شاعريءَ تي شيخ اياز ۽ الهداد ٻوهيي کان ويندي اڪبر لغاريءَ ۽ انور ابڙي تائين جهڙا ڏاها لکي چڪا هجن، ان تي آئون ڇا لکي سگهنديس! مون کي ذاتي طور تي امير علي چانڊيي جي اها راءِ وڻندي آهي ته، ”هن جي محبوبه ڪا اپسرا يا جل_ديوي (Nymph)  نه آهي، بلڪه اها هن دنيا جي جيئري جاڳندي حقيقت، حسن ولطائف جو مرقع عورت آهي، جنهن جي هٿن جي چوڙين جو کڙڪو، وارن جي عطر بيز خوشبو، ڳلن جي لالاڻ، (جا چهري جو نور آهي)، قد ماجهاندڙيءَ وانگر ڊگهو ۽ وڻندڙ آهي، اک مئه جو پيالو آهي، بلڪه جنهن جو انگ انگ نسواني حسن جو شاهڪار آهي.“ امير علي چانڊيو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ڏاهو ۽ دانشور هو؛ هن شيخ اياز ۽ تاج بلوچ تي ڏاڍو خوبصورت لکيو هو. عمر ساڻس وفا نه ڪئي نه ته سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ امير علي چانڊيو ضرور ڪا وڏي منزل ماڻي ها. هن تاج بلوچ جي شاعريءَ لاءِ هيئن به لکيو هو ته، ”سونهن جو هي سهڻو شاعر پنهنجي شاعري ۾ نه صرف جسماني جماليات جي ڳالهه ڪندو آهي بلڪه سندس شاعري ۾ سهڻي ٻولي، استعارن ۽ تشبيهن جي ذريعي سان جماليات جا سندر رنگ چٽيل آهن... تاج بلوچ، عورت جي حسن جي واکاڻ اهڙي ته ملائم انداز ۾ ڪري ٿو، جو سندس شعر ۾ پراسرار غنائيت پيدا ٿي پوي ٿي. سندس جذبات جي تيز رو، تنهائين جي پيڙا ۽ جدائي جو درد اهڙي موسيقيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا لفظن جي نرم و نازڪ فنڪارانه استعمال، مترنم بحرن جي چونڊ، لفظن جي آهنگ ۽ مصرعن جي توريل تڪيل ترتيب مان پيدا ٿئي ٿي ۽ هو اهڙي ريت نوجوانن جو شاعر بڻجي وڃي ٿو.“ اها حقيقت به آهي ته تاج بلوچ رومانوي لهجي ۾ جماليات جي هڪ نئين ڪائنات تخليق ڪري ٿو.

لڱ جانب جا کير جهڙا هئا

منهنجي نيڻن جي نير جهڙا هئا

لفظ هن جا علامتن وانگيان

خوبصورت سفير جهڙا هئا

شهر زنجيرپا ۽ ڌنڌلو هو

دڳ سمورا اسير جهڙا هئا

ڊوڙي ڊوڙي جو فون تي پهتي

ساهه مهڪيا ها، هير جهڙا هئا

هٻڪندي هٻڪندي ڪيائين فون

ٻول اڪنڊ ۽ اڪير جهڙا ها

مون کي ٻوڙيائين مون کي تاريائين

هن جا پاٻوهه وير جهڙا ها

تاج وسرن نه لذتون مون کان

چپ گلرنگ شير جهڙا هئا

 تاج بلوچ محبوبه جي حسناڪين، سونهن ۽ خوبصورتيءَ کي ڪيڏو نه سهڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. تاج بلوچ نظم، چوسٽا، وايون ۽ ٻيون شعري صنفون پڻ لکيون آهن، پر سندس غزل ڏاڍو خوبصورت آهي. هن غزل ۾ جسماني جماليات روح جي جماليات ڏانهن هڪ دري کولي ڇڏي ٿي؛ جتي سونهن جو بحر بيڪران پسي سگهجي ٿو. سندس شعري پختگي ان حسن جي ڪائنات کي اڃا وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏي ٿي.

چنڊ چهري تان پري زلف پريشان ٿيندا

هڪ نئين صبح جا آثار نمايان ٿيندا

ڏي ڇڏي حسن جي تصوير ڪشي تاج بلوچ

تنهنجا اشعار ٻڌي سهڻا پريشان ٿيندا

سندس لهجو ڪيڏو نه بي ساخته ۽ پنهنجائپ ڀريو آهي! جيتوڻيڪ غزل ۾ اهڙو لهجو گهٽ ئي ڪتب آيو آهي پر تاج بلوچ ڪمال ڪاريگريءَ سان بي ساخته لهجي کي غزل ۾ اوتي ڇڏي ٿو. تاج بلوچ واقعي به محبوبه جي سونهن ۽ جماليات کي سهڻن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو.

ويس_گيڙو ڇوڪريون

جند جادو ڇوڪريون

تهمتن جو اتهاس

سونهن خوشبو ڇوڪريون

موسمن جون سوکڙيون

جادو جادو ڇوڪريون

تاج بلوچ سونهن ۽ خوشبوءِ جي محور ڇوڪرين جي اڳيان تهمتن جي اتهاس جي شڪست جو منظرنامو لکي غزل کي نئين معنيٰ ڏني آهي. مٿان وري ڇوڪرين کي موسمن جون سوکڙيون سڏي حسن ۽ جمال جو نئون استعارو آندو آهي؛ جيڪو گهٽ ۾ گهٽ منهنجو اڳ ڪٿي به پڙهيل ناهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي اهڙا استعارا موجود آهن؛ جيڪي صرف سندس ئي آهن. هڪ وڏي شاعر جي اهائي سڃاڻ آهي ته هو نئين گس جو سفر ڪندو آهي.

ترورا سورج جا گاڏيءَ جي پيا شيشن مٿان

جاڳي پيئي روشني، ناري جو پهتي نار تي

ڏينهن جي راجا جي خوشبوءَ، راڄ کي موهي ڇڏيو

ڪا نئين خوشبوءَ اٺي، ناري جو پهتي نار تي

ڳوٺ ۾ بجلي پڳي موٽيو نه من جو ميت هو

ڪائي تاريڪي هئي، ناري جو پهتي نار تي

هن جي هردي مان هري پئي هيج مان هٻڪار ڪا

گس خوشبوءَ جا ٽپي، ناري پهتي نار تي

سرهي سرهي سانجهه ڌاري ڳوٺ ڪو اچڻو ته هو

دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي، ناري پهتي نار تي

هن غزل ۾ ڪتب آندل سڀئي استعارا تاج بلوچ جا پنهنجا تخليق ڪيل آهن. گاڏي جي شيشن تي ترونرن جو پوڻ، ڏينهن جي راجا جي خوشبوءِ، رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ ته شاعريءَ ۾ ملي ٿي، پر ڏينهن جي راجا جو ذڪر تاج بلوچ وٽ ملي ٿو. ڳوٺ ۾ بجليءَ جي پهچڻ جو استعارو ۽ خوشبوءَ جا گس ٽپڻ! اهي سڀئي سهڻا استعارا تاج بلوچ جا تخليق ڪيل آهن. لا شڪ هو وڏو تخليقڪار هو.

بس مان تڪڙو لهي جا وئي سانوري

خوشبو پنهنجي بدن جي وساري وئي

اڄ ڀنڀرڪو ڇو ايڏو اويرو ٿيو

وار ويٽيا نه هوندا، اڃا پدمڻي

ڀٽ جي ريت تي پير جو عڪس هو

عڪس ۾ چنڊ ويٺو هو ڌوڻي هڻي

هيٺ تارن لهي پير پاڇا ڳڻيا

هيٺ پهتا وئي ننڊ تن کي کڻي

سانوري جسم ۾ روڄ وراڪا هئا

سڀ پهڻ ويئي پاڻي ڪري پدمڻي

تاج تنهنجي غزل جو عجب رنگ آ

مصرعي مصرعي مان ڇلڪي پئي سانوڻي

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاج بلوچ پنهنجي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانيت کي ان سطح تي بيان ڪري ٿو؛ جتي حسن هڪ نئين معنيٰ سان اڀري اچي ٿو. تاج بلوچ جي غزل جو لهجو هن جو پنهنجو ئي آهي جيڪو پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿو. هن پاڻ چيو هو ته، ”ڪنهن جو آڳو، نه ڪو پيڇو آهيان، پنهنجي ادراڪ جو پاڇو آهيان“، پر اها به حقيقت آهي ته تاج بلوچ صاحب پنهنجي سچي ۽ کري لهجي سبب گهڻن دوستن جي هجوم مان نڪري ويو هو.

هٿ سڙي ويا آهن، خط بچي ويا آهن،

تاج ننڌڻڪو سمجهي، دوست رسي ويا آهن

تاج صاحب جي پنهنجي عهد جا ڪي ٿورا ماڻهو ساڻس گڏ هوندا هئا، پر سقراط وانگر هو نوجوانن جي هجوم ۾ البت ضرور نظر ايندو هو.  کيس پنهنجي طبيعت جو ادراڪ به هو جو لکيو هئائين:

تاج ۾ هوندي مڃون ٿا سرڪشي

توکي پارت عشق پروَر ڪامڻي

شام روڪي ٻانهن روشن صبح جي

روشني چانئٺ مٿان تِرڪي مُئي

سونهن کي سَرچاءَ جو الڪو به هو

عاشقي ليڪن انا جي ورَ چڙهي

ڳڀرو نينگر شهر ۾ پوڙهو ٿيو

ڳوٺ مان هن ڏي نه ڪا آئي چِٺي

لڙڪ لاڙيو ڳوٺ ٿو سڏڪا ڀري

هن جي هيئت، شهر بدلائي ڇڏي

آئون پرديسي پکي ڪنهن ڍنڍ ۾

دير کان ڳوليان ٿو پنهنجي زندگي

مڌُ هئي ميخاني ۾ ساقي به هو

پر نه پرتي مون سان منهنجي تشنگي.

اڄ تاج صاحب اسان جي وچ ۾ ڪونهي پر پنهنجي شعرن ۽ شاگردن جي صورت  ۾ ڄڻ ته هو اسان جي وچ ۾ موجود آهي!

No comments:

Post a Comment