15/06/2026

ناصر چاچڙ جي مجموعي ”سرن جا سنيها“ جو اڀياس - منظور بيدار (Manzoor Bedar)

 منظور بيدار

ناصر چاچڙ جي نئين ڇپيل شاعريءَ جي مجموعي

”سرن جا سنيها“ جو ادبي اڀياس

 


ناصر چاچڙ سنڌي شاعريء جي دنيا جو ڄاتل سڃاتل سينيئر نالو آهي. سندس تازو شايع ٿيل شاعريءَ جو مجموعو ”سرن جا سنيها“ جي خوبصورت عنوان سان پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ پاران قربان منگيءَ جي مهنداريءَ ۾ شايع ٿي سنڌي ٻوليء جي شاعريء سان پيار ڪندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. هيءُ خوبصورت ڪتاب 160 صفحن تي معياري فوٽو آفسيٽ پيپر تي ڦهليل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ جي ماهر آرٽسٽ سعيد منگي بي انتها حسين ٺاهيو آهي ۽ لي آئوٽ راحيل بڙديءَ پاران آهي. ڪتاب جو تعداد هڪ هزار آهي ۽ معياري ڪمپوزنگ زلفي چاچڙ ۽ قاضي عابد عليءَ ڪئي آهي .ڪتاب جي قيمت 600 رپيا رکي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ صفر ڪلهوڙي پاران ”نينهن سنيھ جو شاعر“ جي عنوان سان لکيل آھي. ڪتاب بابت ويچار پڻ پروفيسر خادم حسين گهنيو، ايوب کوسو، امراقبال، وحيد محسن، منظور بيدار، زبيرسومرو، بيخود بلوچ، اسد چاچڙ ۽ رياض شاهد دايو ونڊيا آهن.

ناصر چاچڙ سنڌي ٻوليءَ جي ڪوتا نگر جو ڄاتل سڃاتل منفرد نالو آهي جيڪو فن شاعريءَ جي اصولن تي سٺي گرفت رکي ٿو ۽ جديد غزل جي دنيا ۾ سنڌ اندر هڪ مستند نالي طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس هن ڪتاب ۾ غزل جي صنف ۾ ڪيل شاعري تمام گهڻي معتبر ۽ حسناڪ شاعري آهي جنهن ۾ هن داخلي/خارجي فڪر من موهيندڙ پيرائي ۾ اهڙيءَ ته مھارت سان پيش ڪيو آهي جو هن جا غزل نفيس جذبن جي اپٽار ڪندي سندر لڳن ٿا. سندس غزل پڙهڻ کان پوءِ سندس ڪلا جو معترف ٿيڻو پوي ٿو. جيئن:

اکين جي درن تي اداسي ستل آ!

سڀن پيچرن تي اداسي ستل آ!

جهان جا سڀئي بر بڻيا جنتون ۽

اسان جي ٿرن تي اداسي ستل آ!

ناصر جي مٿئين غزل جي شعرن ۾ متاثر ڪندڙ فڪري سگھ، داخلي، خارجي تاثريت نمايان ۽ متاثر ڪندڙ نوع ۾ پڙهندڙن کي بي حد متاثر ضرور ڪندي.

ناصر چاچڙ پنهنجي شعري مجموعي ۾ شاعريءَ بابت ڏاڍي سهڻي، وڻندڙ راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”منهنجي مشاهدي جي نقطہء نظر کان شاعري هڪ مجسم سفر جو نالو آهي جيڪو آفاقي حسناڪين ۽ هڳاءَ سان واسيل هجي ٿو جنهن ۾ جمالياتي، ڪائناتي ۽ ڪرشماتي رنگ سمايل هجن ٿا. شاعري ڪڏهن سانوڻ جي مند به آھي ته وري ڪڏهن خزان جو اولڙو به آهي جنهن جي رهگذرن جو مسافر شاعر هجي ٿو.

ناصر چاچڙ جي شعري مجموعي ۾ موجود غزلن جو جيئن جيئن مطالعو ڪندو ٿو وڃان ته سندس شاعراڻي ميچوئرٽي ۽ سندس فڪري تسلسل داخليت توڙي خارجيت جو سهڻو سنگم لڳي ٿو.

هو پنهنجي اندر جي دنيا جي سوچن کي غزل ۾ هن ريت بيان ڪندي چوي ٿو:

بيحسي ۾، آھ زاري تماشو ٿي

سوچ سڏڪي، ساهه زاري تماشو ٿي

سنگ باري جيان وٺا ٽهڪ ”ناصر“ تي

ورھ ۽ ويساھ زاري تماشو ٿي

شاعر بذات خود تمام نفيس انسان ٿئي ٿو جڻ شيشي جو جڙيل نازڪ انسان جنهن جي دل کي پنھنجن ويجهن رشتن جا گهائيندڙ رويا گهائين ٿا ته پوءِ ناصر جهڙا شاعر انھن اذيتناڪ روين کي سنگ باري جي استعاري ۾ بيان ڪندي درد جي ڪٿا کي اظهاريندي دل کي اداس وادين جو اسير بڻائي ٿا ڇڏين.

ناصر چاچڙ جي شاعري انيڪ سوچن، فڪرن جو وڻندڙ هڪ اهڙو سنگم آهي، جنهن ۾ ماڻهپو به آهي، عالمگيريت به آهي، رومانويت جون رمزون به آهن. سندس غزلن جي هڪ هڪ سٽ روح جي اٿاهه گهراين سان رڱيل مختلف انساني رنگ پيش ڪندي نظر اچي ٿي، جيئن هو غزلن جي هنن بندن ۾ هن ريت اظھار ڪندي وڻندڙ لهجي ۾ مخاطب ٿئي ٿو:

هت دار جو سينگار بڻي،سمجھ ڇو آهي سدا؟

ڀوڳيو هر ڏاهي،هر فنڪار سوچي ٿو پيو.

ناصر هٿرادو پابندين مڙهيل اڍنگن سماجي روين تي هڪ حساس فنڪار جي حيثيت ۾ احتجاج ڪندي آواز بلند ڪندي نظر اچي ٿو.

ناصر جي شاعري اسان جي ڌپ هاڻڪي سماج جي مختلف ايذائيندڙ روين جو عڪسي آئينو آهي جنهن ۾ فردن، سماجن جو هر روپ ليئا پائيندي نظر اچي ٿو جنهن ۾ جرئت مندي به آھي ته فني سليقي مندي پڻ موجود آهي. ناصر جا غزل داخلي، خارجي خود نوشته سوانح حيات جا جيئرا جاڳندا من کي سوچڻ لاء مجبور ڪندڙ غزل آهن. ناصر پنهنجي مڪمل شاعريءَ ۾ روايتي شاعر بدران ترقي پسند سوچ جي روشن پيچرن تي پنڌ ڪندڙ هڪ اهڙو غير روايتي شاعر آهي جنهن جي هڪ هڪ سٽ توڙي هڪ هڪ لفظ اونهين سوچن جو حامل آهي. پنهنجي غزل جي بندن ۾ ھو ھن ريت رقم طراز آهي:

ٿو جياپي لئه جتن ڪيڏا ڪري آدمي،

هرگهڙي ۾،ڄڻ ٻڏي ۽ ٿو تري آدمي.

وقت ڄڻ ڪا آڳ آهي، زندگي ميڻ ڄڻ،

ٿو رجي جنهن ۾، پيو آخر ڳري آدمي.

مٿئين شعرن ۾ وقت کي آڳ جي استعاري ۾ بيان ڪرڻ ۽ زندگيءَ لاءِ ميڻ جو استعارو ڪتب آڻڻ جهڙا استعارا ناصر جي هن ڪتاب ۾ هنڌين ماڳين ڦهليل آهن جيڪي سندس شاعريءَ کي اڻ کٽ حسناڪيون بخشي رهيا آهن.

ناصر چاچڙ جي سموري شاعري فن، فڪر ۽ ٻوليءَ جي گڻن جهڙوڪ استعارن، تشبيهن، ترڪيبن ۽ تجنيس حرفيءَ جي حسن سان مالامال شاعري آهي. مون کي اميد نه بلڪه پڪ آهي ته ناصر جو هي مجموعہ ڪلام سنڌي شاعري کيتر ۾ اهم مقام ماڻيندو.

No comments:

Post a Comment