”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار
پروفيسر نذير احمد سومرو
”ٽيون ڇاپو ۱۹۵۴ع، ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت ۱۹۴۴ع ۾
ختم ٿي. ستن سالن جي اندر پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي.“ ساڳئي ڪتاب جو سال ۲۰۰۲ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان جيڪو ڇاپو آيو، ان ۾ سنڌالاجيءَ وارن
ڪتاب جو چوٿون ڇاپو لکيو. عجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي
هن ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ کي مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور طرفان، سن ۲۰۰۳ع ۾ نئين سر سنواري سينگاري شايع ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو قرار ڏنو ويو آهي! جڏهن ته ۱۹۶۸ع واري سال ۾ ان ڪتاب جو چوٿون ڇاپو[1]
به ڇپجي چڪو آهي.



