28/11/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب - احسان دانش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب
هڪ جائزو
احسان دانش
زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو ئي الجهندي ئي ويندي آهي. جيوَن جي ان ڳـٺ جوڙ ۽ ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن جي وقت جي سيما پار ڪري سڦلتا ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي. ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي اهڙا پل ملي ويندا ويندا آهن جيڪي جيون جو اڻ کٽ سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته اهو محبت ٻرڙي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي....

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لِنڪ تي ٽڙڪ ڪيو:

نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ - پروفيسر نذير احمد سومرو


نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ
پروفيسر نذير احمد سومرو
نجم عباسي
هر انسان ۾ فطري طور نالي، شهرت ۽ نانءُ نيڪي ڪڍرائڻ جي بُک هر وقت ۽ هر عمر ۾ موجود رهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي بُک ڪِن ۾ ٿوري ۽ ڪِن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. ڪجهه ماڻهو، ان بک جو پورائو ڪرڻ خاطر اهڙيون ته نازيبا حرڪتون ڪندا آهن جو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پرڳڻي ۾ مشهور يا بدنام ٿي ويندا آهن پر سندن بدناموسي يا بدنامي، ملڪي سرحدون به ٽپي ٻين ملڪن تائين پهچي ويندي آهي، جنهن کي اردو جي هڪ ضرب المثل شعري سٽ؛ ”بدنام هوئي تو ڪيا نام نه هوگا؟“ وانگر، پنھنجي ”هاڪ“ سمجهندا آهن.
اهڙن نام- ڪٺين يا بدنام ماڻهن جي، هڪ اڻ کُٽ فهرست اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾ موجود آهي. هتي ”خرار مان نموني جي مُٺ“ طور هڪ اڌ مثال، غير ملڪين جي، ڏيڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي. انڊيا ۽ برطانيه جي ٻِٽي شهريت رکندڙ، شيطاني ذهن، جنوني ۽ ناقص العقل پر پنهنجي پَرِ ۾ پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهڻ  واري سلمان رشديءَ جو شمار اهڙن نام- ڪٺين يا بدنامِ زمانه ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. سندس زندگي، سندس لاءِ ڪيڏي نه ڏکي ٿي وئي آهي جو الله پاڪ جي هيڏي وڏي ۽ وسيع ڌرتي به سندس لاءِ تنگ ۽ سوڙهي ٿي وئي آهي. ايتري تائين جو برطانيه جهڙي ملڪ ۾ به اشتهاري مجرمن وانگر جايون بدلائي لڪندو وتي ٿو. گذريل سال وري جڏهن هندستان ويو ته ڪنهن به ادبي تقريب ۽ مشاعري ۾، ڪوٺ جي باوجود، وڃي نه سگهيو. هڪڙي رات ۾، سواءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، ڀوپال مان جهاز رستي، دڳَ مٽائيندو، ڪلڪتي کان ٿيندو، چورن وانگر انڊيا مان ائين ڀڳو جو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي به ساهه پٽڻ جي مهلت ڪونه مليس!

27/11/2012

ادب ۽ صحافت جو جائزو - معمور يوسفاڻي

ادب ۽ صحافت جو جائزو
معمور يوسفاڻي
خوش نصيب آهي ٿرپارڪر جي ڌرتي، جنهن جي پاتال يا پاتار شهر کان، سنڌي ادب جي تاريخ شروع ٿئي ٿي، جيڪا ان دور کان وٺي تيرهن صدي عيسوي تائين به هن ضلعي جي ڌرتي مان ٻاهر نه ٿي نڪري، ماتنگ فقير، سمنگ چارڻ، ماموين جو ٽولو، منڌرو شاعر وغيره سڀئي هن ئي ڌرتيءَ سان لاڳاپيل هئا ۽ سومرا دَور جو ڀاڳو ڀان، بدين توڙي ٿرپارڪر، ٻنهي ضلعن جي زمينن سان وابسته هو. اهڙيءَ طرح سما دور ۾ سمنگ ثاني، ارغون ترخان دور ۾ پيراڻو ڀنڀرو، مغل دور ۾ اويڙ فقير، ڪلهوڙا دور جا عبن فقير، رحيم ڏنو فقير، ميهار فقير، علامه مهرو، حڪيم ۽ مهراڻ ٻڍاڻي پڻ ڄاتل سڃاتل شاعر هئا، جن مان رحيم ڏنو ۽ ميهار فقير، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ﷣ جي خاص دوستن مان هئا ۽ علامه مهرو وقت جو وڏو عالم ۽ مفسر پڻ هو.

روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد - اڪبر لغاري



روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد
(Russian Formalism & New Criticism)
اڪبر لغاري
روسي هيئت پسندي
ادبي تنقيد ۾ ادبي فن پاري جي تفهيم، تجزيي ۽ ادبي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ مختلف نقادن مختلف ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا آهن، جن ۾ هيٺين ٽن پاسن جي خصوصي اهميت آهي:
۱. هيئت (Form)
۲. مواد (Content)
۳. آڳو پيڇويا سياق و سباق (Context)
اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ، ۱۹۱۶ع ڌاري روسي اديبن ۽ نقادن جي ٻن گروهن ادبي تنقيد کي ڪنهن قدر نئين سوچ ڏني، جنهن ۾ هنن سڄو زور هيئت ۽ ان جي تجزيي تي ڏنو ۽ مواد ۽ سياق و سباق کي ثانوي حيثيت ڏني.

26/11/2012

سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي - ڊاڪٽر هدايت پريم


سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي
ون يونٽ وارو دَور (1971-1955)
ڊاڪٽر هدايت پريم
وطن دوستيءَ جو اظهار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ موجود آهي. لطيف سائين سنڌ کي ۽ ساري عالم کي آباد ڪرڻ جون دعائون گهريون آهن. سُر مارئي، سر سارنگ وطن دوستيءَ جا بيمثال مظهر آهن. شاهه لطيف کان آخوند گل تائين قديم شاعرن سنڌ وطن کي نه وساريو آهي. خليفي گل کان شيخ اياز تائين ۽ اياز کان اياز گل تائين، جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن پرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جا جذبات بخوبي بيان ڪيا آهن. ون يونٽ جي دور۾ (1955ع کان 1971ع) تائين، جڏهن سنڌ تي ڏکيا ڏينهن آيا ته سنڌي شاعريءَ ۾ قوميت جو لاڙو نهايت پرجوش نموني اڀريو. هونئن ته سنڌي شاعري ويهين صديءَ جي فڪري لاڙن کان متاثر ٿيندي رهي آهي، جن ۾ مکيه طور سوشلزم، ڪميونزم، ماڊرن ازم، وجوديت، تجريديت، ترقي پسندي، حقيقت پسندي (ريئلزم) سر ريئلزم وغيره وارا لاڙا ڳڻي سگهجن ٿا.

25/11/2012

سعيد سومري جي ڪتاب ”دعا مان ڪِريل لفظ“ بابت تاثر - ولي رام ولڀ



نامور شاعر سعيد سومري جي ڪتاب ”دعا مان ڪِريل لفظ“ بابت تاثر
آدرشن جا آستانا
ولي رام ولڀ
آئون سعيد سومري کي هڪ شاعر جي حيثيت سان  سڃاڻان. سندس شاعري مختلف صنفن جي صورت ۾ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. تازو سندس غزلن جو مجموعو ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ (2000) ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي ٻڌل ٻيو مجموعو ’درد جي باک‘ (2001) هڪ ٻئي پٺيان پڙهڻ جو موقعو مليو ته سندس اندر جي اڇل جي اثر پذيري، جذبن جي ڪوملتا ۽ احساس جي گهرائي منهنجي من کي پائي ويئي.

اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي - عابد حسين شر



اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي
عابد حسين شر
گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف پي ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو ھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سئنيما گھر جھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر ٻانھن پاسي تي ڪر نظر نه ٿو اچي. سچ پچ ته تنھن دَور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دل سان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائيندو ھو.

24/11/2012

ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر - نذير احمد سومرو



خادم حسين چانڊئي جي ڪتاب
”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر

پروفيسر نذير احمد سومرو

خاڪا، سوانح عمريون يا وڏن ناميارن ماڻهن بابت تعارفي ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن جڙتو ۽ چور شاعر وانگر، پرايون سٽون ۽ پراوا خيال چورائي لکيل ڪونه هوندا آهن. بلڪ اهي سنئين سڌي نموني ۾ اهڙن شخصيتن جي باري ۾ لکيا ويندا آهن، جن پنهنجي دَور ۾ وڏو نالو ڪمايو هو ۽ ڪن شخصيتن کي ته سنڌ ۾ محاوري/پهاڪي/ورجيس جهڙي حيثيت ملي وئي. مثال طور؛ تون ڪهڙو گامون سچار آن؟ يا ڀڳت ڪنور رام وارو ٽولو يا تون ڪهڙو ڄام ڪانڀو خان آن؟ وغيره. ماضيءَ ۾ سائين جي ايم سيد، وفائي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ علي احمد بروهي جا مختلف نالن سان سنڌ جي مشهور، ڪجهه گمنام پر پنهنجي دَور جي اهم ۽ منفرد ماڻهن بابت لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان سواءِ ضلعي جيڪب آباد جي شخصيتن بابت ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي جو تعارفي ڪتاب ”مٺڙا ماڻهو“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ٿيو، ته ان جي ڪڍ هڪ ٻئي اديب محترم ”خادم“ چانڊئي جو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڳائڻن، گوين، سياستدانن بابت هڪ تعارفي ڪتاب ”مارو ملير جا“ نالي سان، گنج بخش ڪتاب گهر طرفان شايع ٿيو آهي.

ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو - منير چانڊيو



سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي!
ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو
منير چانڊيو
سنڌيءَ ۾ هر سال ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجن ٿا، جن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن کي ڪتابن واري ڪٻٽ ۾ رکڻ به فقط جاءِ سيڙائڻ ئي ٿيندو، پر انهن ۾ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا آهن، جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ وليج شاد آباد ويلفيئر آرگنائيزيشن جوهيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو شاعر لياقت علي ”لياقت“ آهي. هيءُ ڪتاب هر ان ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن جون سنڌي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي بهتر اُميدون نه آهن. مون کي پڪ آهي ته لياقت علي ”لياقت“ جي شاعري پڙهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جي بهتر مستقبل ۾ ويساهه پختو ٿي ويندو.

23/11/2012

بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ - محمد صديق منگيو



بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ
ادب زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي
محمد صديق منگيو
سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ”ادب، زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي“ ان ڪري، ته ادب کي زندگيءَ کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. جيون جي رنگن کان وانجهيل، ٻُسي ادب جو مثال، اُڏامڻ جي سگهه وڃايل ان پوپٽ جيان آهي، جنهن وٽ رنگن جي سونهن ته سلامت هجي، پر کنڀڙاٽيون ڀڳل هجن.
ادبُ، جيڪو زندگيءَ جي اڻ کٽ نظرئي سان سلهاڙجي، پنهنجو جوهر ڏيکاري، ته اهو ادبُ انساني زندگيءَ جي سنوار ۽ سکيا جو اصل مقصد به بڻجي ٿو پوي، ته انسان ذات جي رهنمائي ۽ ڏکن ۽ سکن، جذبن ۽ احساسن جي ترجمانيءَ جو سڻائو ۽ دڳائتو سِهو به بڻجي پوي ٿو.