آفتاب حسين کونهاري جو ڪتاب ”سنڌي ڊرامـه جي تاريخ“
تبصرو: مٺل جسڪاڻي
منهنجي خيال ۾ هي سنڌي ڊرامـه جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ انتهائي
ڪارائتو ڪتاب آهي. هي ڪتاب نوجوان ليکڪ آفتاب حسين کونهارو جي ترتيب ڏنل، اهڙي
مختصر تحقيقي جائزي تي مبني آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي ۹۵ صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ڏسندي ئي منهنجو اندر سڙي ويو ۽ رک ان ڪري
ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جي شوق ۾، تمام ننڍڙو فونٽ استعمال ڪري ۹۵ صفحن ۾ عام ڪتاب جي اٽڪل ۱۵۰ صفحن جيترو مواد، انتهائي سادي ڪاغذ تي ۽ ڪچي جلد ۾ ڇپرايو ويو آهي.





