الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب
”ھليو آ ھليو آ ملائيشيا“ جو پيش لفظ
قاضي اعجاز
اڄ
جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي هن ڪتاب جي ”پيش لفظ“ لکڻ جو چيو ته مون کي
ٽيهه سال پهرين جي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي. ها آئون پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ
ڪرڻ بعد ماڊل اسڪول گاڏي کاتي ۾ يارهون درجو پڙهي رهيو هوس. سال 82-1981ع هوندو.
مون سائين الطاف شيخ جن کي خط لکيو، پاڻ تڏهن ڪنهن جهاز تي هئا. خط ۾ سندس ان وقت
تائين جي لکيل سفرنامن جي تعريف ۽ تبصرو ڪيو هوم ۽ ٻُڌايو هئومان ته مون کي به
دنيا ڏسڻ جو شوق آهي پر آئون Pre Medical پيو پڙهان سو منهنجي نصيب ۾ مرچنٽ نيوي يا شپنگ ڪارپوريشن جي
نوڪري ڪانهي. پاڻ جواب موڪليو هئائون، شايد سنگاپور مان، هڪ عدد فوٽو سان گڏ.
ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ورهيه گذري ويا. سال 1988ع ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان ڏيندي
CSS ۾ ويهڻ جو خيال آيو. بنا ڪنهن سيريس مُوڊ جي فقط ’وزن جو پتو ته
پوي‘ واري حساب ۾ پيپر ڏئي آيس. خبر پئي ته 1989ع ۾ مون کي پهرين چوائس يعني Foreign
service of Pakistan لاءِ
چونڊيو ويو آهي. ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي. بابا جن ايترو چيو ته ”سٺو آهي جو ڪسٽم گروپ
يا پوليس وغيره هيٺان رکئي پنهنجي گروپ جي تربيت ۾ کاتو تمام سٺو آهي. بس رڳو اهو
آهي ته تون جيڪو هميشھ اسان سان گڏ گهر ۾ رهڻ وارو، ٻين ڀائرن وانگر نه LMC جي هاسٽل ۾ رهئين، نه حافظ اعجاز يا
محفوظ (ٻه منهنجا ننڍا ڀائر MUET جا گريجوئيٽ) وانگر مهراڻ جي هاسٽل ۾ رهئين سو اسان کان پري ضرور
ٿي ويندين.“










