07/05/2013

يار ۽ يار جي يارِي تي لکيل ناول - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


يار ۽ يار جي يارِي تي لکيل ناول
مٺل جسڪاڻي
ٻين جي مون کي خبر ناهي، پر آئون جڏهن به ڪنهن ڪتاب يا لکڻي جو عنوان پڙهندو آهيان، ته منهنجي ذهن ۾ عنوان جي نسبت سان ڪو نه ڪو خاڪو به جڙندو آهي! جڏهن اهو ليک پڙهندو آهيان، ته پوءِ پنهنجي ۽ ليکڪ جي وچ ۾، جيتري هڪ جهڙائي يا وڇوٽي هوندي آهي، ان جي خبر پوندي آهي.
دريا جي پڇاڙ واري ناول نويس حيدر دريا زئور جي ٽئين ناول جو نالو، ڪجهه اهڙي بيهڪ ۾ لکيل آهي، جو مون ان کي پهريون ڀيرو ”ياد“ ڪري پڙهيو، ته هڪ خاڪو ذهن ۾ آيو، پر جڏهن خبر پئي ته هي ”يار“ آهي، ته عام معمولي زندگي ۾ يار ۽ يار جي ياري واري حوالي سان ذهن ولوڙجڻ لڳو. عجيب قسم جو تجسس پيدا ٿيو!

ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو - اداسي چانڊيو (Udasi Chandio)


ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو
اداسي چانڊيو
علم ۽ جهالت جي جنگ آدجڳادَ کان رهي آهي، جنهن وقت ماڻهو گوشت خور وحشي جانورن کان پڊتر هئا، جن ۾ پيار جي صفتن سان پري پري جو تعلق به نه هو، اُتي حيواني ۽ انساني ڪردار جو تفاوت صرف ۽ صرف علم ذريعي ئي ٿيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اهو علم ايترو سولائي سان نه پکڙيو آهي، علم جي واڌ ويجهه لاءِ علم وارا جهالت جي ٻرندڙ مچ ۾ پتنگ بڻجي ائين ڪڏي پيا آهن، ڄڻ ته سندن محبوب ٻانهون ڊگهيڙي سامهون بيٺو هجي، اُنهي ئي علم جو پيامبر جنهن جي اکين ۾ جوش سان گڏ هر وقت سنڌ جهرڪندي هئي، ثقافت ۽ تاريخ جا کيپ ڀريل هوندا هئس، هلڻ ۾ قرب، بهادر، بي ڊپو، ڪردار ڪنهن اڇي ڪپڙي جيان صاف ۽ سٿرو، ٺلهين ڳالهين سان پري پري جو واسطو به نه، عمل جي راهه ۾ پختو، سچ چوڻو آهي ته سڀني کي به چئي ڏيندو ڪر، جو عملي پوئلڳ، کاهوڙي انسان، ٻن شهري مجموعن ”شهر شهر زخمي“ ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ جو خالق قومپرست اڳواڻ، هڪ سٺو استاد شهيد زخمي چانڊيو، جنهن شڪاگو جي انقلابي تاريخ پهرين مئي 1961ع تي غريب هاري جي گهر ۾ جنم ورتو.

04/05/2013

سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي - غلام محمد گرامي (Ghulam Muhammad Girami)


سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي
غلام محمد گرامي
’مهراڻ‘ (ٽماهي) جي با خبر پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته، هن کان اڳ، مختلف اشاعتي وسيلن ذريعي، تعليمي ڪميشن رپورٽ (سال 1959ع) جي ڪن فيصلن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ”مادري زبان“ ۽ ان جي ”علائقائي حيثيت“ متعلق، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن تعليمي ماهرن ۽ ايڊيٽرن طرفان ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي، تنهن سان گڏ محب وطن ليڊرن توڙي مرڪزي ۽ صوبي جي ميمبرن به کلي نموني انهن واجبي ۽ مفيد مطالبن جي تائيد ڪئي هئي.

سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي - حسين ڪپري (Hussain Kapri)


سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي
حسين ڪپري (Hussain Kapri)
جيئن چمن جي خوبصورتي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گل ان ۾ باغ بهاري ڏيکارين، تيئن پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ رهندڙ سڀني قومن جون ٻوليون ڦلن ڦولن. جيڪڏهن باغ ۾ رڳو گلاب جو گل هجي ۽ ٻيا گل نه هجن ته ان سان باغ جي خوبصورتي گهٽجي ويندي پر وڌندي ڪونه، ڀلي کڻي گلاب سڀني کا سهڻو گل ڇو نه هجي. گهڻين تهذيبن ۽ گهڻين  ٻولين جو هئڻ دنيا جي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو. گڏيل قومن واري عالمي ادارو مختلف تهذيبن ۽ ٻولين کي انسانذات جو گڏيل سرمايو سمجهي ٿو ۽ ٻولين جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ڇو ته دنيا مان ڪنهن ٻولي جي مٽجي وڃڻ جو مطلب آهي ڪروڙن انسانن جو هزارن سالن جو ثقافتي خزانو هميشه ختم ٿيڻ.

ڇاهي يارَ! جُدائي.... - آڪاش عامر (Aakash Aamir)


 ڇاهي يارَ! جُدائي....
آڪاش عامر
جڏهن به سنڌي شاعريءَ ۾  غزلَ جي حوالي  سان ذڪر ڪجي ته، سنڌي شاعريءَ جي حرڪت ڪندڙ پاڻيءَ ۾ غزل گو شاعرن جا دلفريب عڪس به لُڏڻ لڳن ٿا. ڪلاسيڪل صنف هئڻ باوجود به مير انيس، امير خُسرو ۽ اڄ تائين جي غزل گو شاعرن غزل کي پنهنجو الڳ مقام ڏئي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ڇڏي آهي.
منهنجي خيالَ ۾ شاعر پنهنجي تخيل جو پورو سمنڊ ۽ سڀ فڪري مظهرَ، فطرتي مفهوم کان به مٿاهان کڻي غزل ۾ پوري سچائيءَ سان ۽ خوبصورت اسلوب سان استعمال ڪرڻ جو سڀ صلاحيتون ڪتب آڻي وڃي ٿو ته، اهو غزل ان جي صدين تائين سڃاڻپ رهي ٿو.

رهجي ويا ڳڻ


رهجي ويا ڳڻ
جيڪي قومون پنهنجن هيرن ۽ مفڪرن کي ياد رکنديون آهن پڪ ڄاڻو ته اهي قومون ڪڏهن به زوال ناهن ڏسنديون. ڪتاب ”رهجي ويا ڳُڻ“ پڻ سنڌ کي مختلف وقتن تي اتساهه ڏيندڙ انهن مهان ڏاهن تي لکيل آهي جن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. هيءَ ڪتاب امان الله شيخ جي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
امان شيخ جو سياسي سفر پڻ ڊگهو رهيو آهي. آءٌ کيس ڊگهي عرصي کان سڃاڻان، جڏهن هو مهيني ٻئي مهيني دادو اچي چاچا شوڪت سنڌيءَ سان ڪچهريون ڪندو هو. هو مرحوم غوث بخش بزنجو جي پارٽيءَ ۾ سرگرم پڻ رهيو آهي. هن وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي.

03/05/2013

پرويز جو ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“ - محمد صديق منگيو (Muhammad Sidique Mangio)


پرويز جو ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“
اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري
محمد صديق منگيو
ڪهاڻي، جيڪا ريءَ گناهه مارجي ويل لبنان جي ڪنهن ٻارڙي جي کليل سواليه اک به آهي، ته اين جي مجمدار جي بي چين روح جي رڙ به آهي. ڪهاڻي، جيڪا ورڊس ورٿ جي نظم جو ”ڊيفوڊل گل“ به آهي ته جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار ”پيراڻي“ ۽ ”کلڻي“ به آهي. ڪهاڻي جيڪا منهنجي قلم جو موهه ۽ اکين جي اوجاڳن جو اتهاس به آهي، ته پرويز جي اڻ جهل اڌمن جي اپٽار به آهي. اها سنڌي ڪهاڻي، سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ٿر جي اڃارين ڀٽن تي مور جي رڙ وانگر آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو ته:
اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين، مئا مور سارا.

اهڙي ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو؟ - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

اهڙي ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو؟
پروفيسر نذير احمد سومرو
هائيڊ پارڪ ۾ 25 مارچ 2004ع تي منهنجي خط ”ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۽ خيرپور جي تاريخ“ جي جواب ۾ حزب الله سومري جو خط شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن مڪتبئه انسانيت لاهور طرفان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ”پاڪستان ۾ اول اول“ (مرتب زاهد انجم) مان کوڙ سارا حوالا ڏئي پنهنجي خط جي متن کي وزنائتو ۽ مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان گڏ ڪيترائي سوال به پڇيا اٿائين ۽ سندس زور فقط هڪ جملي تي آهي ته منهنجي خيال ۾ فلاڻي جي ڳالهه صحيح نه آهي، منهنجي خيال ۾ فلاڻي ڳالهه درست ناهي. مان سمجهان ٿو ته ان لاءِ به ٺوس دليل هجڻ گهرجن ته ڳالهه پنهنجو پاڻ وزنائتي ۽ مضبوط ٿي پوندي.

02/05/2013

انڌا اونڌا ويڄ - رسول بخش پليجو (Rasool Bux Palijo)


انڌا اونڌا ويڄ

(۱)
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.
(لطيف)
ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ڪو سامهون ٿو اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، ”اسلام! اسلام!“ ”مذهب! مذهب!“ ”اخلاق! اخلاق!“ جا نعرا، ”بچايو! بچايو!“، ”جهليو! پڪڙيو!“  جا واڪا ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُڦٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف ”الامان“ ۽ ”نفسي! نفسي!“ جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقمن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جلسا لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اٿندي وڃي افلاطون ۽ سقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندس انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

01/05/2013

جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhio)


جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو
الطاف حسين جوکيو


سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي مسئلن تي وڏو ڌيان ڏيڻ جي گهڻي گهرج آهي، خاص ڪري اعرابن جي حوالي سان خبرداري ضروري آهي. ان ڏس ۾ نامور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جزم جي درست استعمال جي حوالي سان چڱو بحث ڪيو آهي. هن صاحب ڪي لفظ ڏنا آهن، جن مان هڪ لفظ ’قَوۡم‘ تي ڪم آيل جزم کي رد ڪندي ’قوَم‘ ۾ ڪم آندل دهري يا ٻٽي سُر تي ڪم آندل ’واؤ‘ تي زبر جو استعمال ڪيو آهي، جيئن:
ڪتابي صورت
درست صورت لاءِ سفارش
قَوۡمَ
قوَمَ
                                                                                                                                                                                                                                 (الانا، 1993: 138)
الانا صاحب جيڪو دهري سُر ۾ ڪم ايندڙ  ’واؤ‘ تي ڏنل جزم کي رد ڪري، زبر جو استعمال ڪيو آهي، سو پڻ ’واؤ‘ کي متحرڪ (وينجن) سمجهڻ واري امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي. الانا صاحب، ’جزم جي حيثيت‘ بابت بلڪل واضح آهي، ليڪن هن ’سنڌي صورتخطيءَ‘ ۾ ’جزم‘ بابت جيڪو دائرو بيـﻫـاريو آهي، اُن ۾ مونجهارا آهن، ان لاءِ اصطلاح ’جزم‘ جي دائري ۽ ان جي درست استعمال جو اڀياس لازمي آهي.