11/08/2013

ڪُجهه يادون ڪجهه ڳالهيون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌ دوست آفيسر فضل الله قريشيءَ جو آتم ڪٿائي ڪتاب
ڪُجهه يادون ڪجهه ڳالهيون
 رکيل مورائي
تازو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ آتم ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن کي نه رڳو گهڻي ڌيان سان پڙهيو ويو آهي پر ساراهيو به ويو آهي. ساراهيو ان ڪري ويو آهي جو انهن ۾ نه رڳو ليکڪن جي پنهنجي آتم ڪهاڻي آهي پر جنهن دور ۾ هنن زندگي گذاري آهي، ان دور جي الڳ پهلوئن بابت ڪيترا ئي اهم واقعا ۽ تاريخي دستاويز به ڏنا ويا آهن جن مان انهيءَ دور جي حالتن ۽ ٿيندڙ تبديلين جي گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. جنهنڪري اهي ڪتاب نهايت اهم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا.

تارا تارا جهول ۾ - طالب حسين کوکر (Talib Hussain Khokhar)



ضلعي گهوٽڪي جي جديد سنڌي ادب جو هڪ باب
تارا تارا جهول ۾
طالب حسين کوکر
ڪتاب پڙهڻ، انهيءَ کي سمجهڻ، انهيءَ تي تحقيقي ۽ تنقيدي رايا ڏيڻ انسان جو ذاتي ۽ نج داخلي مسئلو آهي. ائين ئي جيڪو ڪم اڄ آئون ڪري رهيو آهيان، انهيءَ جو هڪڙو به عنصر خارجي نه آهي. آئون سمجهان ٿو ته انهيءَ ۾ ڪجهه ابتا سبتا جملا ضرور لکندس پر فڪر ناهي ڇو جو اهو وري ڪنهن ٻئي پارکو، نقاد ۽ محقق جو داخلي مسئلو هوندو آهي. جيڪڏهن گمان نه ڪيان ۽ ڪجهه حقيقت پسند ٿي ۽ عام ماڻهن وانگر ائين نه سوچيان ته ڪتاب (تارا تارا جهول ۾) هڪ عام ۽ ننڍڙي بڪ اسٽال تي وڪامجڻ جي حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪجهه رومانوي ۽ دل کي وندرائيندڙ ڳالهيون آهن ته يقين ڄاڻيو پنهنجي پاڻ کي عقل سوچ سمجهه ۽ ذهني بلوغت کان دور ٿيندي محسوس ڪندس. جڏهن به ڪو محقق ضلعي گهوٽڪي جي جديد ادبي تاريخ تي تحقيق ڪندو ته هي ڪتاب سندس لاءِ پيڙهه جو پٿر هوندو. مجموعي ۾ شامل نئين ٽهي جي جديد 16 شاعرن جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

06/08/2013

واسديو نرمل جو ”رستي جو فانوس“ - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Lachhani)



واسديو نرمل جو ”رستي جو فانوس“
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
واسديو نرمل سنڌيءَ جو هڪ سينئير شاعر آهي. هن جو ادبي سفر، مان ڀايان اڌ صدي پار ڪري چڪو آهي. هو بحر وزن جي پوري شناس رکي ٿو. ان ڏس ۾ واسديو نرمل استاد شاعر ليکراج عزيز جي رهنمائي حاصل ڪئي. ان ڪري هن جي شاعري فني ڪچاين کان آجي آهي. جڏهن مان واسديو نرمل جو ”رستي جو فانوس“ آزاد نظمن جو انتخاب پڙهڻ لڳان ٿو ته ڪيتريون ماضي جون وارداتون ذهن تي نمودار ٿيڻ لڳن ٿيون. ٻه ڏها کن اڳ، مون سنڌ جي ساروڻيءَ سان واسبته ڪلام جو انتخاب ڪيو هو. مون جنهن جو ڪجهه حصو اڳتي هلي، پنهنجي پي ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪيل مقالي ”ڀارت جي سنڌي شعر ۾ ورهاڱي جي تصوير“ ۾ ڪتب آندو هو. ورهاڱي بعد، سنڌين کي پيرن هيٺان زمين نه هئڻ سبب، کين پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جي مسئلي سان به هم ڪنار ٿيڻو پيو آهي. سڀ سنڌي هڪ هنڌ ٿانئيڪا ڪونهن. هو سموري ڀارت ۾ (دنيا ۾ به) ٽڙيل آهن. الڳ الڳ هنڌن تي رهندي مڪاني ٻوليون ڳالهائيندي ۽ سکندي، کانئن پنهنجي سنڌي ٻولي کسڪندي، ٿي وڃي.

05/08/2013

اڏار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



قربان جتوئيءَ جي ڪهاڻي ۾ پهرين
اڏار
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ بنهه نئون شامل ٿيندڙ نالو آهي، قربان جتوئي! جيتوڻيڪ هيءُ نالو، سنڌ جي وطن دوست ۽ قومي تحريڪو سان جڙيل سڀني لکيل پڙهيل ماڻهن لاءِ اوپرو نه آهي. قربان جتوئي قومي تحريڪ سان جڙيل اهو نوجوان هئو، جنهن ڪراچيءَ ۾ خاص طور مشين ٽول فيڪٽريءَ ۾ جيڪو سنڌي پورهتن لاءِ جاکوڙيو اهو، قومي تحريڪ جي تارخ جو هڪ حصو آهي، جيڪو اڳتي هلي شايد لکيو وڃي، پر سنڌي ادب ۾ قربان جي آمد ويجهڙ ۾ ٿي آهي، جڏهن هن نوڪريءَ مان فارغ ٿي، پنهنجو خوبصورت ڳوٺ اچي وسايو آهي ۽ هاڻ هو لڳاتار لکڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.

سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



فخر ڏياريندڙ هڪ تحقيقي ڪتاب
سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ اها جائز شڪايت آهي ته ان ۾ تحقيق بابت ڪو اهم ڪم نه پيو ٿئي. اڄ جڏهن ڄاڻ جا ذريعا وڌيا آهن ۽ انهن سهوليت ميسر ڪئي آهي، تڏهن اسان مان گهڻي محنت جو جذبو ماٺو ٿي ويو آهي، ۽ تحقيق جيئن ته گهڻو محنت طلب  ڪم آهي، ان ڪري ان پاسي اڄ جو نواجون گهٽ ئي وڃي ٿو. اڪيڊمڪ حوالي ۾ گذريل پندرهن ويهن سالن کان تعليمي ادارن مان سنڌي ادب جي حوالي ۾ جيڪي پي ايڇ ڊي جا مقالا ڇپجي سامهون آيا آهن، انهن جو سراسري جائزو تازوئي امر جليل صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪيل تقرير دوران ورتو آهي. اهڙي ماحول ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي تازوئي هڪ پي ايڇ ڊي  جو مقالو ڇپايو آهي، جنهن ۾ عنوان آهي ” سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ هيءُ مقالو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اديب، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو لکيل آهي، جيڪو هن ٽيهن ورهين کن اڳ لکيو هئو ۽ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪيو هئو.

انگريزن پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿيل قانونسازي - شازيه نظاماڻي (Shazia Nizamani)



انگريزن پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿيل  قانونسازي
۽ اڄوڪا خانگي اسڪول!
شازيه نظاماڻي
 ٻولي ڪنهن به مهذب معاشري ۽ انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي سڃاڻپ کي قائم ڪري ٿي ان حوالي سان ٻولي کي ڪيتري اهميت حاصل آهي اهو اسان سڀ  چڱيءَ ريت سمجهون ٿا. هن وقت دنيا ۾ تقريباً 7000 (ست هزار) ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ دنيا ۾ تقريباً 1.38 بلين ماڻهن جو تعلق اصلوڪن (Indigenous) يا Minority  سان آهي. تقريباً اسڪول ويندڙ 221 ملين ٻارن جي مادري زبان کي سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل نه آهي. ساڳئي وقت ڪجهه ملڪن ۾ اهڙيون به ٻوليون آهن جيڪي صرف ڳالهايون وڃن ٿيون، پر اهي لکت ۾ نه آهن. ڪجهه اهڙا به ملڪ آهن جن انهن ٻولين کي لکت يعني Script ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ انهن ٻولين کي لکت ۾ آندو ته جيئن کين اسڪولن ۾ Medium of instruction ڪري سگهجي، ته جيئن ٻار پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ساڳئي ريت انهن ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائي به سگهجي. پر ٻئي طرف اسان سنڌ تي نظر وجهنداسين ته صورتحال ان جي ابتڙ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي نظر ايندي.

04/08/2013

جت ويڄ نه طبيب - تبصرو: شوڪت چاچڙ (Shoukat Chachar)

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جو ترجمو ڪيل هڪ اهم ڪتاب
”جت ويڄ نه طبيب“
تبصرو: شوڪت چاچڙ
طب جي دنيا جو هڪ مشهور انگريزي ڪتاب ”ويئر ديئر از نو ڊاڪٽر“ (Where there Is No Doctor) جنهن کي پنهنجي اهميت جي لحاظ کان دنيا ۾ ”صحت جي بائيبل“ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو، ان جو سليس سنڌي ترجمو، سائنسي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي ”جت ويڄ نه طبيب“ جي نالي سان اصل ڪتاب جي ڏهين ايڊيشن تان ڪيو آهي. ڪتاب جي ايڊيٽنگ ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙي ڪئي آهي. هي ڪتاب تازو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو خالق، ’ڊيوڊ ورنر‘ هڪ اهڙو انسان دوست آهي، جنهن 1970 ۾ جڏهن ميڪسيڪو جي ماڻهن جي صحت جي حالت زار ڏٺي ته سندن لاءِ اسپئني ٻولي ۾ اهو ڪتاب لکڻ تي مجبور ٿيو ته جيئن بيوس ۽ لاچار ڳوٺاڻا، جن وٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سهولت موجود ناهي ۽ هو پنهنجو علاج، مقامي ريتن رسمن ۽ ساٺن سَوڻن سان ڪندا رهن ٿا تن جي جديد طبي سائنسي بنيادن تي مدد ڪري کين ان لائق ڪري سگھجي ته ڊاڪٽر ۽ اسپتال نه هوندي به هو پنهنجي مدد پاڻ ڪري سگھن.

ادب جو ڪارج - رابيندر ناٿ ٽئگور/جهامنداس ڊي ڀاٽيا



ادب جو ڪارج
ليکڪ: رابيندر ناٿ ٽئگور
سنڌيڪار: جهامنداس ڊي ڀاٽيا
ٻاهرين دنيا جڏهين اسان جي احساسن اندر داخل ٿي ٿئي، ته اُها بلڪل ٻئي نموني جي ٿيو ٿي پوي. سندس ڊول اگرچ ساڳيو ئي ٿو رهي، ته به ڦير گهير سندس سَتَ ۾ ضرور پيدا ٿيو پيو. سندس رنگ، آواز، وغيره ساڳيا رهندي به اسان جي پسنديءَ ناپسندي، اسان جي حيرت ۽ خوف، اسان جي غَمَ ۽ خوشيءَ سان رڱجيو ٿا پون. انهيءَ طرح اُهي اسان جن امنگن، لاڙن، لاڳاپن، فڪرن ۽ ذڪرن، خيالن ۽ افعالن سان مليو، بدلجو ٿا پون. سندن بدل سدل اسان جي دنيا ۾ ڦيرو ٿي آڻي وجهي. اُن جو گهيرو ۽ گهوم. اَن جو ويڙهو ۽ جهوم، اهڙا ته بدلجيو ٿا پون جو وسهڻ ۾ ائين پيو اچي، ته دنيا ئي نئين سر اسان کي نئون نظارو ڏيکارڻ، نئون پسارو پَسائڻ لاءِ پيدا ٿي پيئي آهي، انهيءَ نئينءَ دنيا جو اسان سان گهاٽو ۽ گهرو ڳنڍُ ڳنڍجي ٿو پئي.

اچو ته پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون - زاهد راڄپر (Zahid Rajpar)



اچو ته پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون
زاهد راڄپر
21 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي، جنهن جو بنيادي مقصد ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي. اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران اعلانيل ”مادري ٻولين جو ڏهاڙو“ دراصل هڪ بنگالي نوجوان رفيق السلام جي جدوجهد ۽ محنت جو نتيجو آهي، جو اڄ يونيسڪو، چئن بنگالي نوجوانن رفيق، برڪت، جبار ۽ سلام جي رت سان رڱيل بنگالي ٻولي بچائڻ واري تحريڪ جي پس منظر ۾ اهو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي.

خودساخته تنقيدي ليبارٽري...! - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)



خودساخته تنقيدي ليبارٽري...!
شوڪت لوهار
پاڻي جي حبابن عرف Water Bubbles  ۽ سندس ڏيڍ فٽن (هونئن مان پڻ به ايترو ئي آهيان) گڏجي ڪري تنقيدي ليبارٽري قائم ڪئي آهي. اهي واٽر ببل اينڊ ڪمپني وارا تنقيد جي ليبارٽري قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ چيونگم ۽ ٽافيون ٺاهيندا هئا پر اهي ٽافيون به هو اصلي ڪو نه ٺاهيندا هئا بلڪه اهي چيونگم ۽ ٽافيون هو لوڪل قسم جون ٺاهيندا هئا ۽ انهن ئي ٻين سٺن ٽافين ۽ چيونگم جا ٽريڊ مارڪ هڻي لوڪل مارڪيٽ ۾ کپائيندا هئا. ڪجهه عرصو ٿيندو جو اهي جي چيونگم ۽ ٽافين جي غير معياري هئڻ جي چوري پڪڙجڻ ڪري ۽ اتي ڇاپائي ڪمشنر جي اوچتي ڇاپي جي ڪري انهن جي چيونگم ٺاهڻ واري لوڪل ڪمپني کي لوڪل ميڻ بتين ۽ پتل جي مُهرن سان مهر بند ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ انهن واري هي تنقيدي ليبارٽري قائم ڪئي آهي. ليبارٽري لاءِ انهن شهر کان ڏور هڪ مخصوص جاءِ جي چونڊ ڪئي آهي جتي ڪو ايرو گيرو نٿو خيرو مُنهن نه هڻي سگهي. انهن واٽر ببل اينڊ ڪمپني جي غير معياري چيونگمن ۽ ٽافين ٺاهڻ جو ڪم به انهيءَ ڪري بند ٿيو جو انهن تسليم ٿيل برانڊن جو ايترو گهڻو استعمال ڪيو هو جو هاڻ وطن عزيز پاڪ سرزمين ۽ پاڙيسري ڏتڙيل ملڪن ۾ ڪو اهڙو برانڊ ڪو نه بچيو هو، جنهن سان لوڪل ۽ غير معياري ڪينڊين ۽ چيونگمن جي ڪري ٻارڙن کي ادب جا جراثيم ورائي ويا ۽ انهيءَ کان علاوه ڪن شگر جي مريضن به انهن ٽافين ۽ چيونگمن مان فادئو ورتو، جنهنڪري انهن جي ادب جون صنفون به ڪرپٽ ٿي ويون. اهو ڪم گهڻي عرصي تائين جاري رهيو. جڏهن ڳالهه ننڍي قد و قامت وارو واڌو واهه به پار ڪري ته پوءِ رياستي مشينري حرڪت ۾ آئي.