واھ شيخ اياز واھ!
سسئي پليجو
آ
مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي
پر
ائين نه مرنداسين ساٿي
ڪا
آڳ لڳائي وينداسين
هي
ڏينهن به گهاري وينداسين
ڪو
ٻارڻ ٻاري وينداسين
هنن امر ۽ جيءَ کي جنجهوڙيندڙ سٽن جهڙين هزارين سٽن جو خالق، هزارين انوکين
تشبيهن سان سينگاريل من گرمائي ڇڏيندڙ بيت، وايون، نظم، گيت ۽ غزل تخليق ڪندڙ ۽ هزارين بهارن جهڙن تازن ۽ نفيس احساسن کي
جنم ڏيندڙ شيخ اياز جنهن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ چيو ته: ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو
سيس نوايان“ يا وري:





