سنڌي ثقافت ٽوپي اجرڪ کان قلم ۽ ڪتاب تائين
شوڪت لوهار
گهڻو وقت ٿيندو جو مان پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ هئس ۽ اسين ملتان جي هڪ ٻهراڙي
واري دوست جي دعوت تي وڃي رهيا هئاسين، سنڌ جي آخري ضلعي گهوٽڪي ۾ رهڻ جي نسبت سان
۽ پنجاب سان ويجهو هجڻ ڪري اڪثر پنجاب وڃڻ ٿيندو رهندو هو پر اسين پنجاب ملتان کان
پوءِ واري شهرن فيصل آباد، بکر ۽ لاهور کي سمجهندا آهيون، ڀلي سرحدي زنجيرون اسان کي
صادق آباد کان به پهريان ڪمون شهيد تائين سنڌ جي حدن جي اختتام جو ڏس ڏينديون هجن.
سو ٻهراڙي جي هڪ بس ۾ سوار ٿياسين بس ۾ تمام گهڻي پيهه هئي، دوست سان اڳ ئي ڳالهائي
ڇڏيو هو ته اسان کي ڪٿي لهڻو آهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا شهرن ۽ ڳوٺن
کي چنگچين جي زهريلي آزاري آواز ڪو نه کاڌو هو ۽ اڃا سنڌي ٽانگن جي شاهي سواري عام
جام هئي. بس ٿورو اڳيان هلي ته ان ۾ هڪ عورت اچي سوار ٿي جنهن کي ڪجهه ڪتاب ۽ هڪ حاضري
رجسٽر هٿن ۾ هو، جيئن ته بس ۾ جاءِ ڪو نه هئي ۽ هُن کي ٻين جيان بيهڻو پيو، تنهن تي
اهو لڪاءُ اسان کان ڏٺو ڪو نه ٿيو، اسين يعني مان ۽ منهنجي ڀائٽي اٿي کيس جڳهه ڏني.
هن عورت اسان مان هڪ ڄڻي کي پاڻ سان گڏ ويهڻ لاءِ چيو، مان ويهي رهيس، ان پڇاءُ ڪئي
ته اوهان مون کي پنهنجي جاءِ ڇو ڏني؟ مون وراڻيو ”اسين سنڌي آهيون.“


