18/03/2014

سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي - آصف جيلاني (Asif Jilani)



سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي
آصف جيلاني
ڪاوش جي 07 مارچ 2014 واري اشاعت ۾ محترمه شبنم گل جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ان سنڌي زبان جي تاريخي پسمنظر ۽ عالمي زبانن ۾ ان جي منفرد حيثيت تي نگاهه وڌي آهي. ڄاڻايل مضمون بيحد معلوماتي آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو ڪنهن حد تائين معلومات جي اڃ اجهائي نه سگهيو آهي، جو ان ۾ سنڌي زبان جي موجوده رسم الخط جو ذڪر نه آهي ته ان ڪهڙيون منزلون طئي ڪيون ۽ ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل هئا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون شخصيتون ان عمل ۾ اڳيان اڳيان رهيون.

سنڌي رسم الخط - ڊاڪٽر آفتاب ابڙو (Dr. Aftab Abro)



سنڌي رسم الخط جو فيصلو علمي نه پر سياسي هو
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ انفراديت بابت محترمه شبنم گل جو مضمون (7 مارچ 2014) ڪافي ڪارائتو آهي، ان ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون هيئين سان  هنڊائڻ جهڙيون آهن، پر اديءَ کان چُڪ اها ٿي آهي ته هڪ مضمون ۾ کوڙ سارن موضوعن کي بحث هيٺ آندو اٿس. ان جي تسلسل ۾ عالمي  مڃتا رکندڙ ليکڪ جناب آصف جيلاني (11-مارچ) ’سنڌي رسم الخط جي ڪهاڻي‘ بابت هڪ معلوماتي مضمون لکيو آهي. ڪهاڻي جي تسلسل ۾ ڪن هنڌن تي کوٽ محسوس  ٿئي ٿي، جيڪڏهن انهن خالن کي ڀريو وڃي ته ڪهاڻي وڌيڪ دلچسپ ۽ مڪمل نظر ايندي. مثلاً:    

07/03/2014

”سنڌي“: دنيا جي قديم ۽ منفرد زبان شبنم گل (Shabnam Gul)

”سنڌي“: دنيا جي قديم ۽ منفرد زبان
شبنم گل
دنيا ۾ ڪيتريون ٻوليون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. ٻوليءَ ۾ وقت سان گڏ نوان لفظ مُروج ٿيندا رهن ٿا. دنيا ۾ مُروج مختلف ٻولين جي لفظن ۾ ڪٿي هڪ جهڙائي به محسوس ٿئي ٿي. سنڌي زبان ۾ به عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جا لفظ پڻ شامل آهن. انگريزي، لاطيني، جرمن، سلوويڪ ۽ ٻين مغربي زبانن ۾ پڻ سنسڪرت جا لفظ ملن ٿا. سنڌي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اها سنسڪرت کان به قديم آهي. جڏهن يورپ ۾ ماڻهو اڃا غارن ۾ رهندا هئا، ته سنڌوءَ ڪناري آباد ماڻهن وٽ پنهنجي ٻولي لکت ۾ موجود هئي. اهي ماڻهو ٻه ماڙ گهرن ۾ رهندا هئا. هنن وٽ ڪشاده روڊ رستا ۽ بهترين ڊرينيج جو نطام هو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shamsuddin Ursani)



شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات
۽ ڄيٺمل پرسرام جو مطالعو
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
1947ع ۾ اعلانيل ننڍي کنڊ جو ورهاڱو سنڌ جي قومي وجود لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو، جنهن ڪري آزاديءَ جي فضا ۾ ساهه کڻندڙ ثقافت پابند سلاسل بنجي ويئي. خود اختياريءَ جي راهه ڏانهن ويندڙ رياست يڪايڪ ”والاريل سنڌ“ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اسان جي البيلي ٻولي جيڪا وطن جي تخت تي براجمان هئي، تنهن کان وارثيءَ جو حق کسيو ويو. اوچتي ۽ غير متوقع تبديليءَ سنڌي علم و ادب کي ته ڪاپاري ڌڪ رسايو ، ويتر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري اسين لطيفي ڪلام جا به نُڪته دان ۽ پارکو وڃائي ويٺاسون، جن مان هڪڙي نمايان شخصيت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي به هئي. ان زماني ۾ سنڌ جي علمي ايوانن ۽ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس تحريرن ۽ تقريرن جو چرچو عام هوندو هو. هو هڪ اعليٰ ظرف انسان ۽ تهذيبي ۽ انساني قدرن جو  ڄاڻو عالم هو، جنهن شاهه لطيف جي جدت طرازي ۽ انسانيت نوازيءَ کي صحيح طور پرکيو ۽ سندس شاعرانه رنگ ۾ ڍڪيل فن کي آشڪار ڪيو. ڄيٺمل پنهنجي تنقيدي مطالعي ۾ لطيف جي واٽ جا اهڙا نوان دڳ ڏيکاريا، جنهن کان اڪثر ٻيا نقاد اڻ سونهان هئا، جنهن ڪري مون کيس “تجديد پسند نقاد” جي خاصيت سان موسوم ڪيو آهي. لطيفي ڪلام ۾ ڊرامائي عنصر ۽ گهري شعور جي ڳولا سندس زندگيءَ جو دلپسند موضوع بڻيل رهيو. هن جي جائزي مطابق شاهه لطيف هڪ اهڙو جينيس تخليقڪار آهي، جنهن جي ڪلام جي روح ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ فن جي فطرت شناسيءَ مان بهره مند هجڻ بنيادي شرط آهي. شاهه جو ڪلام عالمگير سوچ مان جنم وٺي ٿو، جيڪو  ايترو ئي تحيرانگيز آهي، جيترو شاهه جي شخصيت جهان ديد ۽ فن رسا لڳي ٿي.

02/03/2014

اياز جو فڪر عام ڪرڻ جي ضرورت - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)



اياز جو فڪر عام ڪرڻ جي ضرورت
مٺل جسڪاڻي
جيتوڻيڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم نالي واري مها ڪوي شيخ اياز تي گهڻن ئي قلمڪارن لکيو آهي، اڃا به لکن پيا ۽ مستقبل ۾ پڻ لکندا رهندا. ان هوندي به شيخ اياز تي مون جهڙي گهٽ سمجهه ماڻهو کي نه، مڃيل سٺن شاعرن، اديبن ۽ محققن کي لکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز، جنهن بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا، ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين ۽ مضمونن سميت نثر جا بيمثال نمونا ڏنا، جنهن خط به ادبي شهپارن جهڙا لکيا، ان ساڳئي شيخ اياز، سنڌ جي جديد شاعري جي باني جي حيثيت ماڻي، اهو ئي اياز، ڪلهه به ته اڄ به، ۽ سڀاڻي پڻ، ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت هو، آهي ۽ رهندو به...

21/02/2014

سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)



سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين
شوڪت لوهار
انساني تاريخ ۾ اِها ڳالهه هِڪ وڏي اهميت جي حامل آهي ته ان ڪيئن نه جهنگ ۾ رهندي رهندي ايتري ترقي ڪئي جو هُن ٻولي جهڙي عظيم لقاءُ تائين پنهنجي رسائي ڪري ورتي. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته انسان جي عظيم حاصلات مان ٻولي هِڪ وڏو حاصلات آهي.

مادري ٻولين جو ڏهاڙو - نصير ميمڻ (Naseer Memon)



مادري ٻولين جي ڏهاڙي جو اتساهيندڙ پس منظر
نصير ميمڻ
هونئن ته بنگلاديش 16 ڊسمبر 1971ع تي وجود ۾ آيو، پر سياسي ڏاها چون ٿا ته، درحقيقت بنگلاديش اُن ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن 21 فيبروري 1952ع تي بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن ڳڀرن کي شهيد ڪيو ويو هو. درحقيقت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته، اردو نئين ملڪ جي قومي زبان ٿيندي، اُن وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو هڪ ڏيڍ سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان مَسَ هئي پر اُن جي باوجود اسلامي ثقافت اردوءَ کي ملڪ مٿان لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. بنگالي ان وقت ملڪ اندر سڀني کان وڌيڪ سُجاڳ ۽ اڳڀري قوم هئا. زبانن جي حوالي سان بنگالي ۽ سنڌي نهايت سُڌريل زبانون هيون، انهن زبانن ۾ نه رڳو شاندار ادبي ورثو موجود هو، پر صوبن جو سرڪاري ڪاروهنوار به انهن ئي زبانن ۾ هلايو ٿي ويو. اصولي طور 55 سيڪڙو آباديءَ کي اهو مطالبو ڪرڻ جو حق هو ته، سندن زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي. بدقسمتيءَ سان ان وقت جي سياسي قيادت ملڪ اندر هزارين سالن جو تهذيبي ورثو ۽ ثقافت رکندڙ قومن جي تاريخي سُڃاڻپ ۽ زبانن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اردوءَ کي مذهب سان ڳنڍي، ان کي قومي زبان طور مَڙهيو. بنگالي قومپرست ۽ ليکڪ ان صورتحال کي اڳ ئي محسوس ڪري رهيا هئا. نامياري بنگالي شاعر فرخ احمد ۾ هڪ مشهور بنگالي رسالي ۾ هڪ مضمون ”پاڪستان: رياست جي زبان ۽ ادب“ جي عنوان هيٺ لکيو. اُن مضمون ۾ لکيائين ته، ”جيتوڻيڪ اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته، پاڪستان يا گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي قومي زبان بنگالي هوندي پر اوڀر پاڪستان جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اِنَ اياڻپ ڀرئي خيال جو اظهار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن بنگالي ٻوليءَ کي رياست جي زبان بڻايو ويو، ته ان سان اسلامي ثقافت تباهه ٿيندي“.

18/02/2014

تاريخي ڪتابن جي حوالن کي غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي! - فاروق بجاراڻي (Farooq Bujarani)


تاريخي ڪتابن جي حوالن کي
غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي!
فاروق بجاراڻي
29 جنوري 2014ع جي ”ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾، سانگهڙ جي مير حسن مريءَ جو هڪ خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ناليواري ليکڪ ايس پي ڇٻلاڻيءَ جي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ مان ڪجهه حوالن کي غلط رنگ ڏيئي پنهنجي مفروضن جي دليل طور اهڙيءَ طرح بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته اڄ کان ٻه ٽي صديون اڳ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ اڄ کان وڌيڪ زرعي زمين آباد هئي ۽ ان جي زرعي پيدائش به ڄڻ اڄ کان گهڻو وڌيڪ هئي.

سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾ - آسي اختر ڀٽو (Aasi Akhtar Bhutto)


سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾
آسي اختر ڀٽو
هن ڪائنات جي ڪروڙين سالن جي آئيني ۾ تاريخ واضح ۽ چٽي طرح اهو ٻڌائي رهي آهي ته جيئن ئي هن ڪائناتي گولي جو وجود آيو آهي ۽ جيئن ئي ان تي اشرف المخلوقات پنهنجو پير پاتو آهي تيئن ئي انهن جي وچ ۾ رابطي يا لهه وچڙ لاءِ دنيا جي هر خطي ۾ ٻولي هڪ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪري رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن ماڻهن ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا، پوءِ انهن پاڻ ۾ ڪڏهن اشارن سان ڳالهايو ته وري ڪنهن دؤر ۾ مٽيءَ تي ڪجهه لکي ان جي مدد سان ڳالهايو. ڪڏهن وري مختلف اولڊ ڪوڊس استعمال ڪري ٻولي جو استعمال ڪيو. پوءِ جڏهن انسان ۾ ماضيءَ جي نسبت سان ڪجهه شعور وڌيو ته انهن هڪٻئي سان ڳالهائڻ به شروع ڪيو ۽ انهن کي ٻوليءَ جي باري ۾ ان جي اهميت جي به ڪافي حد تائين خبر پئي. تاريخ ۾ قديم تهذيبن مان اهو مڪمل طور تي ثابت ٿيو ته ڪنهن به قوم جي بناوٽ يا سڃاڻپ ۾ مڪمل طور ٻولي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ايتريقدر جو جيئن ڪنهن انسان لاءِ سڃاڻپ ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ جي اهميت هوندي آهي. تيئن ڪنهن به قوم لاءِ ٻولي ايتري حد تائين اهميت رکي ٿي. آئون ته چٽيءَ طرح اهو چوندس ته جنهن به قوم کي پنهنجي خالص ۽ مڪمل طور ٻولي نه آهي، ان کي آئون مڪمل طور قوم تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان!؟ اهڙيءَ طرح اسان ڪجهه ٻولين جي تاريخي سفرنامي تي مختصر نظر وجهون ٿا.

03/02/2014

سنڌُ جو سراج...! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)



سنڌُ جو سراج...!
جامي چانڊيو
اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا.  سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو،سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُرکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ.