تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب
عرب تاريخ جي آئيني ۾
ابو رافع
اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ کي عربن 712 کان اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا تاراج ڪيو
پر اهو به سچ آهي ته عرب سان سنڌ جا جيڪي لاڳاپا رهيا آهن، اهي پنهنجي اهم حيثيت رکن
ٿا. اڄ به جڏهن عربن جو ذڪر پڙهبو آهي يا ٻڌبو آهي ته ٻه اهم واقعا ذهن تي تري ايندا
آهن، هڪ فردوسيءَ جو شعر ته ”حيف هجئي اي آسمان تو اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهن جو گوشت
کائيندڙن کي اسان جي مٿان مڙهي ڇڏيو.“ ۽ ٻيو واقعو سنڌ جو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي
ته ”گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي عرب سنڌياڻين کي عرب موڪليو هئو؟ ڇا به هجي، تاريخ کي تاريخ
ڪري پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان پرائڻ گهرجي. ڪنهن به تاريخ کي هڪ رخ ۾ ڏسڻ مناسب نه آهي،
تاريخ کي ايئٽ ڏسڻ گهرجي، جيئن انگريز محقق پروفيسر برنارڊ ليوس ڏٺو آهي ۽ لکيو آهي.


