نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگئي جو
”مٽيءَ جو عشق“
رکيل مورائي
- سنڌي ڪهاڻي جئي رهي آهي ڇا ان کي شاباس نه هُجي؟
جيڪڏهن هوءَ پاڻمرادو جئي نه رهي آهي، ته پوءِ پڪ سان
هن کي جيارڻ وارن کي جسُ هجي!
۽ اڄ جي سنڌي ڪهاڻي کي جيارڻ وارن جي ڊگهي فهرست جي پهرين نالن مان
هڪ نالو محمد صديق منگئي جو به آهي، اهو وسارڻ نه گهرجي.





