سنڌ جي تهذيب جا وارث
سانڍڻ جهڙو هڪ ڪتاب
ادل سومرو
جيڪي ڪم نهايت محبت ۽ خلوص سان ڪيا ويندا آهن، اهي تمام گهڻا لاڀائتا
۽ خوبصورت روپ ۾ سامهون ايندا آهن. اهڙو ئي نهايت اهم ڪم، جيڪو مڪمل وابستگيءَ ۽ سچائيءَ
سان سرانجام ڏنل آهي، سو آهي، رام ايس جوهراڻي جي محنتن جو نتيجو. ڪتاب وادي سنڌ جي
تهذيب جا وارث، سنڌي سرويچ، هي ڪتاب نهايت ئي شاندار گيٽ اپ سان پڌرو ٿيو آهي. مون
پنهنجي زندگيءَ ۾ هن سهڻي انداز ۾ شايع ٿيل ڪتاب جهڙا ڪتاب گهٽ ڏٺا آهن.



