13/09/2014

هاڻ جوڳي کڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ نج شاعراڻو ڪتاب
هاڻ جوڳي کڻي
رکيل مورائي

اسان جي پياري شاعر گلزار تبسم جو پهريون شاعراڻو ڪتاب پنهنجي نالي مان ئي پنهنجو پيغام ٻڌائي ٿو، هاڻ جاڳو کڻي، ان سڏ جو پڙاڏو آهي جيڪو صديون اڳ اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيل آهي ته سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

شايد اهو سڏ گلزار تبسم پنهنجي روح ۾ رچي ڇڏيو آهي ۽ ائين هيءُ شاعراڻو ڪتاب سرجيو آهي. هن لاءِ محبوب ۽ مٽي ٻئي برابر آهن. ائين جيئن سنڌي شاعريءَ جي صدين جي سفر ۾ رهيو آهي. ها! هر شاعر جو آواز علحدو هوندو آهي، لهجو الڳ هوندو آهي، پر درد اسان سڀني جي ميراث آهي. اهو سڀني لاءِ ساڳيو آهي. ائين گلزار تبسم لاءِ به، پر هڪ ڳالهه جيڪا اميد ڏياري ٿي، ته گلزار جو هيءُ ڪتاب پهريون آهي، جنهن مان اڳتي وڌڻ جي آس ليئا پائي ٿي. هن الڳ الڳ صفحن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار بنهه چٽي نموني ڪيو آهي ۽ شاعريءَ کي شاعري سمجهيو آهي، جيڪا ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي. گهڻي تشريح جي گهرج نه هوندي به، ڪتاب جو نالو سموري تشريح ڪري وڃي ٿو، جيڪا رهجي وڃي ٿي اها ڪتاب پڙهڻ سان سامهون اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته 128 صفحن ۾ گهڻو ئي ڪجهه موجود آهي. وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي.

چڪ جا چندن هار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ياد رکڻ جهڙو ڪتاب
چڪ جا چندن هار
رکيل مورائي 
پنهنجن دوستن، همسفرن، استادن ۽ عالمن اديبن کي ياد ڪري هڪ هنڌ محفوظ ڪيو آهي، اسان جي محترم ليکڪ سائين آزاد بخاريءَ ۽ ان داستان کي هن نالو ڏنو آهي ”چڪ جا چندن هار“. نالي مان ظاهر آهي ته ڪتاب ۾ شامل سڀني شخصن جو تعلق چَڪ سان آهي. ٻيءَ طرح چڪُ شڪارپور ضلعي جو هڪ ادبي ۽ علمي شهر رهيو آهي، جيڪو سائين آزاد بخاريءَ جو شهر به آهي.
ڪتاب ۾ شامل شخصيتون زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ ساڳي وقت سڌي توڻي اڻ سڌي طرح ليکڪ سان به واسطو رکندڙ آهن، پر سندن ڪا نه ڪا خاص سڃاڻپ ضرور آهي، جنهن جو بنياد سندن هن ڪتاب ۾ شامل هجڻ جو سبب بڻيو آهي.

بنهه مختصر سوانحي خاڪن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب حوالي طور استعمال ۾ آڻڻ جهڙو آهي، جنهن کي آزاد بخاري صاحب گهڻي محنت سان لکيو آهي. ممڪن حد تائين تصويرن سان سينگاريل هيءُ ڪتاب 228 صفحن جو آهي ۽ پڪي جلد سان پوپٽ پبليشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 180 رپيا آهي. سانڍڻ جهڙو ۽ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي ”چڪ جا چندن هار“.

12/09/2014

نينهن ڪيو نروار- رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ صوفياڻي شاعريءَ جو ڪتاب
نينهن ڪيو نروار
رکيل مورائي

سنڌ ۾ صوفياڻي شاعري سدائين ٿيندي رهي آهي. ائين سنڌ ۾ صوفي شاعرن جو هڪ ڊگهو تسلسل آهي، جنهن جي شايد اڄ جي ڪڙي، فقير الهه وڌايو سومرو آهي، جيڪو پڻ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو سرجڻهار آهي. سندس تخليقون ممڪن آهي ڳايون به وينديون هجن، ڇاڪاڻ ته صوفياڻي شاعريءَ جو معراج راڳداري آهي. ساڳئي وقت فقير الهه وڌائي سومري جي شاعري سهيڙي، اسان جي دوست شاعر گوهر سنڌيءَ هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن جو هن عنوان رکيو آهي ”نيهن ڪيو نروار“.

هن صوفياڻي سٽ وارو ڪتاب ڪٿي ڪٿي سنڌ جي تصوف وارو ويڙهاڪ پڻو به کڻي اچي ٿو، جنهن جو سنڌ ۾ سرواڻ شاهه عنايت صوفي آهي. ڇا به هجي هيءُ صوفياڻي شاعريءَ جو ڪتاب سهيڙي گوهر سنڌيءَ، سنڌ واسين کي پنهنجو اصل پيغام ڏنو آهي، جنهن لاءِ هو جس لهڻي، خاص طور گوهر سنڌيءَ جو مقدمو پڻ ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. سونهن پبليڪيشن خيرپورپاران ڇپيل هن سهڻي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي ۽ ڪتاب ۾ 224 صفحا آهن.

چنڊ روئي ڏنو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

عورتن بابت شاعريءَ جو ڪتاب
چنڊ روئي ڏنو
رکيل مورائي
مان سمجهان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به شاعر جو هيءُ پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيڪو سمورو عورتن بابت آهي ۽ جنهن ۾ عورتن جا ڏک سور انهن کي ايندڙ تڪليفون ۽ انهن جي سماج ۾ لڳاتار هيٺ ڌڪجندڙ ڪردار بابت نظم، گيت، غزل ۽ وايون آهن. هيءُ ڪتاب اسان جي قومي ڪارڪن ۽ شاعر گوهر سنڌيءَ جي شعرن جو مجموعو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”چنڊ روئي ڏنو“.
گوهر سنڌي سنڌ جو اهڙو  شاعر آهي جيڪو نه رڳو علمي ۽ ادبي طور سنڌ لاءِ وڙهي رهيو آهي پر عملي طور به هو ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي. هيءُ ڪتاب سندس سنڌي عورت ۽ دنيا جي مظلوم عورتن ڏانهن سندس رويو ظاهر ڪري ٿو. ساڳي وقت انساني قدرن جي ٽٽڻ تي هڪ دانهن به آهي، جيڪا شايد دنيا جي مظلوم عورت وڌيڪ ڌيان سان ٻڌي سگهي ٿي ۽ انهن عورتن ۾ سنڌي عورت به شامل آهي.

گوهر سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌ جي مڙني عورتن کي پڙهڻ گهرجي. پڪي جلد سان هن 121 صفحن جي ڪتاب جو ملهه 150رپيا آهي. ڪتاب سونهن پبلڪيشن خيرپورپاران ڇپايو ويو آهي.

11/09/2014

گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس - احسان دانش (Ahsan Danish)

”اميدن شور آندو آ، جمودن کي مان ٽوڙيندس“
گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس

احسان دانش
شاعري ڪو جادوئي نغمو آهي جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ هلچل مچائي ٿو. شاعري ڪو اهڙو پُر لطف آهنگ آهي جنهن کي احساس جي ڌن تي گنگنائي سگھجي ٿو. شاعري ڪا اهڙي ندي آهي جنهن جا پنهنجا گس ۽ گھيڙ آهن، شاعري اهڙي پياس جو پنڌ آهي، جنهن جي آس هر اُن من ۾ جاڳي ٿي جنهن ۾ بي چينيءَ جا رُباب وڄن ٿا. شاعري هڪ اهڙو سرور آهي جنهن جي ڪيف کي اهڙا متارا ئي سمجھي سگھن ٿا جن موکيءَ واري مئي جو مزو ماڻيو هجي. شاعريءَ جو اهو غمزو ۽ غنا، ترنم ۽ آهنگ، پياس ۽ سرور ان کي گھڻ رخو، گھڻ معنوي ۽ گھڻ احساسي چيز بڻائين ٿا. سمورن لطيف فنن منجھان شاعريءَ کي مٿاهون ۽ معتبر فن ڄاتو ويو آهي.

10/09/2014

جلاوطن ننڊون - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)

جلاوطن ننڊون
مٺل جسڪاڻي 
شاعري وڌ ۾ وڌ ٻُڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي، شايد ان ڪري ئي شاعر به گهڻا آهن ۽ شاعري به ججهي ٿي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ گهڻي مڃتا، وڌيڪ اهميت ۽ ججهي عمر به معياري شاعري ۽ ان جي شاعر کي نصيب ٿيڻي آهي، تنهنڪري هر شاعر کي شاعري سرجڻ کان اڳ توڙي قلمبند ڪرڻ دوران، وقت جي تقاضا کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي. لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندڙ شاعر نه مڃتا ماڻي سگهيا آهن، نه ئي کين اهڙي اميد رکڻ گهرجي.
شاعريءَ جي معيار جو ججهو دارومدار مطالعي، مشاهدي ۽ مشق تي آهي. گهڻو فائدو انهن شاعرن کي ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي عمر سارو تجربو رکندڙ آهن. البت، جيڪي شاعر ته آهن، پر شاعري ڪرڻ وقت سنجيده نه هوندا آهن، انهن جي شاعريءَ ۾ اهو بحر، وزن ۽ سرور نه هوندو آهي، جنهن جي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي ضرورت هوندي آهي. نتيجي طور سندن تجربو، عمر ۽ شاعريءَ جو مقدار بي مقصد رهجيو وڃي.
مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو.

09/09/2014

شاعر گلزار جي غزل جو تنقيدي جائزو - سيما گل (Seema Gul)

سيما گل
وڇوڙو شاعري آهي
فيس بڪ تي پوسٽ ڪيل خوبصورت شاعر گلزار جي غزل جو تنقيدي جائزو

گلزار جو غزل
وڇوڙو شاعري آهي ته ميڙو هڪ ڪهاڻي آ،
پرينءَ ڏي پنڌ ڪاهيندي سفر جي سڪ ڪهاڻي آ.
هوا جي هنج ۾ نچڻي ڏسي ٿي ناچ هٿڙن جو، 
منڊيءَ جو منڊ ڪوتا ۽ ڇلي جي ڇڪ ڪهاڻي آ.
وکن جي راڳڻي رستن جي دل تي وجد آڻي ٿي،
لڏڻ جي لوڏ ڳلين ۾ منڊيءَ تي ٽڪ ڪهاڻي آ.
ڪهاڻيءَ جي ڪٿا سنبري پڇان ڪنهن پير کان ڪهڙي،
مٽيءَ جي مقبري هيٺان دفن هڪ چڪ ــ ڪهاڻي آ.
سنواري وار پارائن گڏي کي ٻار ٻاهونٽو،
لڳي ٿو بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ ڪهاڻي آ.
پتڻ جي پيهه ۾ ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي،
پرين ــ ڀر جا ڪهاڻي آ سا اورين ــ ڀڪ ڪهاڻي آ.
گلزار سنڌي شاعريءَ جو هڪڙو سيبتو ڪوي آهي جنهن جي شاعريءَ جا رنگ جيڪي به ۽ جهڙا به آهن، پنهنجا تخليق ڪيل آهن، جيڪي وڻندڙ، دل ڇهندڙ ۽ ذهن کي جنجهوڙيندڙ آهن، ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ بهترين اضافو پڻ آهن. هو نئين عهد جو نئون نڪور شاعر آهي، هن جي شاعري ۾ نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ ترڪيبون به آهن ته اها شعري رنگت به آهي جنهن سان رڱجي هن جي خيالن جي خوشبوءِ جو ڦهلاءُ اسان جي دلين کي تازگيءَ ڀريو واس ۽ احساس بخشي ٿو.

07/09/2014

نياز همايونيءَ جي ياد ۾ - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي!
(نياز همايونيءَ جي ياد ۾)

پَلَ پهر ته ڇا، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو هليا ويا! وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي، سنڌ جي نامور شاعر، نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس، ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ، اچي در کڙڪايو.
“خير ته آهي؟” اوچتو اچڻ جو سبب پڇيومانس.
“مون کي ڪهڙي خبر! سائينءَ (ذوالفقار راشديءَ) تو کي سڏڻو آ، تو کي ڄُلڻو آ، سو تون مون سان ڄُل.” هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو، “مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟ توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.”
زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.

06/09/2014

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم

صُوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جو غير جانبدار نموني سان تجزيو ڪبو، ته هي شهر سياسي توڙي مذهبي، ادبي توڙي ثقافتي ۽ تهذيبي خواهه تمدني طور، حسين ۽ سھڻن رنگا رنگي گلن جو اهو خوبصورت چمن آهي جنهن جي هر گل جو رنگ نرالو ۽ جداگاڻو، موهيندڙ ۽ خوشبودار آهي. هيءُ شهر، سياسي ۽ مذهبي، ادبي ۽ قديم روايتي تهذيب ۽ ثقافت جي ڪري اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ واري ٽٻ روشنيءَ سان دنيا جي اکين ۾ اجالو ڀري ٿو. گذريل ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، لاڙڪاڻو برصغير جي حدن کان ٻاهر، موهن جي دڙي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. جڏھن ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ ۾، هڪ خوبصورت شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، اهڙو اضافو ڪيو جو لاڙڪاڻي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو.

01/09/2014

سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو


سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي

 هن پرنٽ، پبليڪيشن ۽ اليڪٽرانڪ جهڙي جديد دَور ۾، سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ مختلف، پر ڌاريا ۽ پراوا مؤرخ ميدان ۾ لهي آيا آهن، جيڪي پنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر، سنڌ جي تاريخ کي مروڙي سروڙي لکي رهيا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾، وقت روان واري سنڌ جي اصلي ۽ صحيح تاريخ اڻ ڌريو بڻجي ڪير لکندو؟ ڪنهن کي لکڻي آهي؟ جيڪڏهن سنڌ جي اصلي حقيقتن سان ڀريل تاريخ، هاڻي به نه لکي وئي، ته پوءِ ڪڏهن به نه لکي ويندي؟ اهڙي تاريخ نيٺ ڪير لکندو؟ لڳي ائين ٿو ته اسان جي ايندڙ نسل کي، پراون/ڌارين جي جڙتو ۽ جڳاڙي، غلط ۽  ڪوڙي لکيل تاريخ تي ڀاڙڻو پوندو!