21/09/2014

سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه - سعيد چانڊيو (Saeed Chandio)

سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه
 سعيد چانڊيو
سال جا اڪثر ڏينهن ڪن مخصوص واقعن جي ڪري اهميت ڏئي ملهايا ويندا آهن جيئن چوڏهن فيبروري پيار ۽ محبت جو ڏينهن ۽ پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري 21 فيبروريءَ جو ڏينهن مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، جنهن جي سفر جي شروعات 2008ع کان ٿي. هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ٻين ٻولين جي قلم ڌڻين جيان سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ محقق پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ، وڌاءُ ۽ بقا لاءِ پنهنجون لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻائيندا آهن. وري ڪي ته انهن جي جواب ۾ ڪالم/ بحث لکندا آهن منهنجي خيال ۾ اها ڪوشش رڳو اخبارن ۽ رسالن تائين محدود رهجي ويندي آهي. حقيقت ۾ اهي لکڻيون فقط وقتي بحث طور لکيون وينديون آهن ۽ ڪوبه عملي تحرڪ پيدا ناهن ڪري سگھيون ۽ وري نئين سال اچڻ تي ساڳيو نئون رينگٽ شروع ڪيو ويندو آهي.

20/09/2014

ڪچهريءَ جو ڪَنورُ - سرمد چانڊيو (Sarmad Chandio)


ڪچهريءَ جو ڪَنورُ
سرمد چانڊيو
                                                
                    
                 استاد  پيرل قنبر سان پهرين ملاقات  محبوب شاهه بخاريءَ  جي ميلي تي ٿي. جو ادي پناهه خاتون ميراثيءَ سائينءَ جو ڪلام ڳايوڪلام ڇا جهڙو ڪر سڄي ميلي تي ادي پناهه خاتونءَ منڊُ مُنڊي ڇڏيو هو.
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي!
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي!
تنهنجي گهر گهر ۾ آ وائي.
دمان دم ڀيڄ ڀٽائي
واهه واهه جا واڪا هئا، مٿس نوٽن جي برسات هئي! سِرائي محمد نواز ناز ته تختين جون تختيون کولي پئي اُڏايون. ٻئي پاسي کان علي حسن خان گُراماڻي منهنجي دوست غلام  رسول ظفر جو والد صاحب هو، اُن جو به جواب ناهي. منهنجي ماما سائين جي زبان تي اهي لفظ ها ته واهه ڙي پيرل واهه ! اها ملاقات چئجي يا نه چئجي! پر استاد پيرل قنبر جو نالو سڀني ماڻهن جي زبان تي واهه واهه سان گڏ پئي هليو. ڪنهن چيو پيرل ماستر آهي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ احترام اڃا به وڌي ويو، ڇو ته منهنجو استاد عبدالرحمان مَهِجُورُ به ته شاعر هو. اها منهنجي ٻاراڻي عمر هئي، سياري جي موسم هئي، ميلي جو موقعو هو. 1960ع جو دؤر هو. هاڻي ٽئين درجي کي الوداع چوڻ وارو هئس.

پيرل قنبر لافاني شاعر - احمد علي ”صابر“ چانڊيو (Ahmed Ali Sabir Chandio)


پيرل قنبر لافاني شاعر
احمد علي ”صابر“ چانڊيو

دکيءَ دل جو نه منزل تي گهڙي  پل ڪاروان پهتو،
چمن ۾ مس بهار آئي ته پيغامِ خزان پهتو.

                هن ڌرتيءَ ڪيترائي خليل جبران، غالب، سقراط، بقراط گوئٽي، شيڪسپيئر، شيلي، شيرازي، ملٽن ۽ اقبال ڏنا آهن، پر اسان جي سنڌڙي اتي لطيف، سچل، سامي، استاد، اياز، تارڪ، بيدل، بيڪس، دادن، بيوس، شيرل ۽ پيرل جهڙا ڏاتيار شاعر پڻ عطا ڪيا آهن. سرتاج الشعراء حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڳالهه نرالي آ، سندن جي ڀونءِ تي جيڪي به شاعر، شاعريءَ جي ڏات کڻي آيا تن ۾ هر هڪ جي پنهنجي خوشبوءِ آهي. احمد ملاح جي پنهنجي، استاد بخاريءَ جي پنهنجي، بيوس جي پنهنجي ته اياز جي پنهنجي، پيرل قنبر جي ڏات ۾ جيڪي رمزون اسان کي ملن ٿيون تن جي بيان ڪرڻ جي سگهه شايد ڪنهن وٽ هجي.
الفت جو دَمُ اي پيرل انسان کان پڇيم،
 مقداد کان بلال کان سليمان کان پڇيم،
اويس کان دين، مذهب کان، ايمان کان پڇيم،
 ڪعبي کان طور کان قرآن کان پڇيم،
سڀ ڪنهن چيو آ افضل محبت رسول جي،
 آدم جي حد کان زور آ عزت رسول جي.

غزل گو شاعر پيرل قنبر - ڪوڙل قربدار (Koral Qurbdar)


غزل گو شاعر پيرل قنبر
ڪوڙل قربدار
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترائي عالم، فاضل، شاعر اديب، سگهڙ ۽ فنڪار نظر ايندا جن پنهنجي علم ۽ قلم ذريعي انسان کي انسانيت ۽ ماڻهپي جا درس ڏنا آهن انهن پنهنجي پيار محبت جا پيغام عام ڪيا. انهن پنهنجي لفظن سٽن، جذبن ۽ خيالن کي سهيڙي شاعراڻي گلدستي جي صورت ۾ پيش ڪيو جيڪي انهن جي نقش قدم ۽ تخليقي سفر جا پانڌيئڙا آهن انهن جي دنيا الڳ ٿلڳ هوندي آهي اهي پهنجي دنيا ۾ مست مگن رهندا آهن انهن جي ڪا معمولي دنيا نه هوندي آهي هو تخيل جي پرواز جي بلند مقام تي نظر ايندا آهن اهڙي دنيا جو رهاڪو هڪ پيرل قنبر شاعر به هو. جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات 1956ع کان باقائده ڪئي. پهريون ”تخلص“ پيرل نالي مولود، قصيده نعت ۽ حمد ججها لکيائين سندس هڪ حمد باري تعاليٰ جو هيٺ ڏجي ٿو
الله ته اهــڙو ڏيندڙ آ، نــڪي دان کٽي نڪي نان کٽي،
سـؤ سال حياتي انسان جي پر ان جو نٿو احسان کٽي،
هٿ آه شفا ڀي شافيءَ جي لوچڻ ۾ ائين لقمان کـٽــي،
هن نفس نڀاڳي گندي جو نٿو گوڙ کٽي گمسان کٽــي.
جڏهن عشق مجازي جي چوٽ لڳس تڏهن پيرل نالي مان پيرل قنبر لکيائين.

15/09/2014

سنڌي ڪھاڻي ۽ غلام رباني آگرو - مدد علي سنڌي (Madad Ali Sindhi)

سنڌي ڪھاڻي ۽ غلام رباني آگرو
مدد علي سنڌي
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڇيڙ ۽ رسائي هڪ ناسور هوندو هو. جاگيرداري سماج ۾ ۱۹ صدي جي سنڌ ڪهڙي هئي؛ ان جو چٽو پٽو عڪس، اوهان کي پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ موجود ملندو. جيتوڻيڪ سال ۱۹۱۷ع ۾، سنڌ جي مشهور سياسي رهبر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، بمبئي ڪائونسل ۾ وڏيون تقريرون ۽ دانهون ڪري، ڇيڙ ۽ رسائي خلاف هلچل هلائي. نتيجي ۾ اها عملي طور ته بند ٿي وئي هئي، پر سنڌ جو زميندار، جيئن اڄ آهي، انهيءَ زماني ۾ پڻ ساڳئي مزاج جو هو؛ اڀرندڙ سج جو سلامي ۽ پنهنجي غريب ڪڙمين کي غلام رکڻ سندن طبعيت ۾ شامل، اهڙي وڏيرڪي وايو منڊل ۾ ساھه کڻندڙ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي مظلوميت اوهان کي ربانيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ نظر ايندي. مئي ۱۹۵۵ع جي ’نئين زندگي‘ مخزن ڪراچي ۾ هن ڪهاڻيءَ ”ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا“، ڊسمبر ۱۹۵۵ع ۾ ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ جون ۱۹۵۶ع ۾ ”هوندا سي حيات“ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۱۹۵۶ع ۾ ”الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،“ آگسٽ ۱۹۵۷ع نيئن زندگيءَ ۾ ”نيٺ بهار ايندو“ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع جي ’نئين زندگي‘ ۾”اکڙيون اڃايون،“ مارچ ۱۹۵۸ع جي ’نئين زندگي‘ ۾ ”ڪوئڪ“ ۽ نئين زندگيءَ جون ۱۹۵۸ع ۾ ”آب حيات“ شايع ٿيون.

14/09/2014

پنو عاقل: ماضي حال - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ننڍي علائقي جو وڏو دستاويز
پنو عاقل: ماضي حال
رکيل مورائي
سنڌي ادب توڻي علم جي کيتر ۾ سائين سرور سيف جون خدمتون سدائين ياد رکڻ جهڙيون آهن. سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جڏهن سهيڙجي ڪتابي شڪل اختيار ڪندو ته ڏسڻ ۾ ايندو، هو اهڙو شخص توڻي ليکڪ آهي، جنهن هڪ تخليقڪار طور جڏهن کان ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو اڄ تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي هو هاڻ تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيئي رهيو آهي. شايد هن محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جي علم ۽ ادب، توڻي تاريخ کي سهيڙڻ وارو ڪم اهم آهي، جنهن ڏانهن لکندڙن جو وڏو تعداد ڌيان نه ڏيئي رهيو آهي، جنهنڪري سائين سرور سيف پنهنجو سمورو وقت تحقيق کي ڏيئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ئي هن جو محور رهي آهي. پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”کير جهڙي ڪاري“ کان وٺي پنهنجي تازي آيل ڪتاب ”پنو عاقل ماضي حال“ تائين، سررو سيف صاحب جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، اهو تعريف جوڳو ته آهي ئي پر کيس جهڙي وطن دوست ۽ پورهيت دوست ليکڪ کان اڃا گهڻو ملڻو آهي، اهڙي خواهش اسان کي سدائين رهندي.

امر جليل بابت ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سنڌ جي سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل بابت ڪتاب
هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر
رکيل مورائي 
سائين امر جليل بابت ڪجهه به لکڻ هاڻ جيترو سهنجو آهي، اوتروئي ڏکيو پڻ، پر ڪجهه به نه لکجي تڏهن به هن بابت هيءُ ڪتاب، جنهن جو نالو آهي، ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“ گهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هُن ڪتاب ۾ سندس ادب ۽ شخصيت بابت گهڻو ئي لکيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ جهڙو ۽ پروڙڻ جهڙو آهي.
دراصل هيءُ ڪتاب انهن ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي جيڪي امر جليل صاحب بابت اسان جي دوست ۽ نوجوان مختيار احمد ملاح بيحد گهڻي جاکوڙ ڪري سيهڙيا آهن. هن سلسلي جو پهريون جلد ساڳئي نالي سان ۱۹۵۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين جي مواد سان سال پهرئين ڇپجي چڪو آهي. ۽ هي ٻيو جلد آهي جنهن ۾ امر جليل صاحب بابت ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين لکيل مواد آهي ۽ ايندڙ جلد ۾ اڄ تائين لکيل مواد اچڻو آهي. اهو سچ آهي ته هنن ڪتابن تي جيڪا محنت اسان جي دوست مختيار احمد ملاح ڪئي آهي اها ساراهڻ جوڳي آهي. ڪتاب ۾ چاليهه مضمون، تيرهن مختصر رايا، ۽ سندس پنجن ڪتابن تي تبصرا شامل آهن ۽ مٿين ٽنهي بابن کي الڳ ترتيب ڏني وئي آهي. امر جليل صاحب بابت هيءُ ڪتاب الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. هونئن به ڪنهن ليکڪ کي سمجهڻ لاءِ اول سندس تخليقون اهم آهن ۽ پوءِ انهن بابت لکيل اڀياس. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ آيل سمورا ليک، اڀياسن جو پوراءُ نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪن سندس لکڻين بابت ڪي عڪس قلمبند ڪيا آهن، ڪي شخصي ليک آهن، ڪي پيار جو اظهار آهن، ڪي عقيدت جو ۽ ڪي ننڍا ننڍا تاثراتي مضمون آهن، پر جيئن ته اهي سڀ سندس حوالي ۾ آهن، ان ڪري انهن مان سندس ادب ۽ شخص جا ڪي عڪس جهٽي سگهجن ٿا، جن ۾ پڻ گهڻي عقيدت شامل آهي ۽ علمي ڇنڊڇاڻ پڻ.

13/09/2014

پرين ياد پيام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ڪهاڻي ڪتاب
پرين ياد پيام
 رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيءَ لکجي رهي آهي ساندهه!
ان جو معيار وقت طئي ڪندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي تنقيدي اڀياسن جي کوٽ واري حالت ۾ پاڻ کي ائين ئي آٿت ڏيئي سگهجي ٿو. اسان جي نوجوان دوست رئوف عباسيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”پرين ياد پيام“ تي پڻ ڪنهن تنقيدي اڀياس جي اميد رکي سگهجي ٿي جيڪو نقادن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هو نوجوان آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جا نقاد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جي ڪتاب کي ڪاٿي بيهاريندا، اهو ايندڙ وقت ڏسيندو!
”پرين ياد پيام“ جي نالي سان رئوف عباسيءَ جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي. سچ آهي ته هيءَ سندس پهرين سڃاڻپ آهي. هو زندگيءَ ۾ ادب جي حوالي سان هن ڪتاب جي نالي سان ئي پنهنجي سڃاڻپ بڻائيندو، باقي جيڪو لکندو اهو سندس ادب ۾ ڪيل سفر جي حاصلات هوندي.

سترهن اصلوڪين ڪهاڻين ۽ ٻين ترجمن واري هن بنهه معصوم ڪتاب جو مواد ئي اصل ۾ اهم شيءِ آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جڳائي. سنڌي اديب پنهنجي سنساري گهرجن کي پاسيرو رکي جيڪا ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي، اها ته ڪنهن به صورت ۾ ساراهڻ جوڳي ئي آهي، ائين رئوف عباسي پڻ ادب ۾ ۽ اهو به ڪهاڻي جهڙي ننڍي کنڊ جي اهم صنف ۾ لکڻ جي شروعات ڪري ۽ هاڻ هڪ ڪتاب ڏيڻ جي شروعات ڪري، جيڪا پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي، اها ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندي، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن ڪتاب بابت جيڪا راءِ جڙندي اها يقينن سندس لاءِ اهم هوندي. اڳتي هلي هو ان سڀ مان گهڻو ئي حاصل ڪندو، جيڪڏهن هن پنهنجي شعور حاصل ڪرڻ واري دري کولي رکي ته! هو اهو ڄاڻي ئي ٿو ته سندس دَور ۾ لکندڙن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، محنت ڪري هن کي پنهنجي جڳهه ٺاهڻي آهي، جنهن لاءِ هن جي پهرئين وک آهي هيءُ ڪتاب نالي ”پرين ياد پيام“، جنهن لاءِ کيس کوڙ مبارڪون. پيپر بيڪ تي بنهه سادگيءَ سان ڇپيل هن ڪتاب جي پنهنجي خوبصورتي آهي. 112 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 120 رپيا آهي. ڪتاب ادب لطيف پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپيو آهي. ڪتاب محترم شيخ اياز، محترم جمال ابڙي، محترم اشفاق احمد ۽ محترم قدرت الله شهاب جي نالي ٿيل آهي.

چنڊ چوانءِ سچ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ادبي ۽ سماجي ڪالمن جو ڪتاب
چنڊ چوانءِ سچ
رکيل مورائي
تمام گهٽ شخص اهڙا هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجي اهميت هڪ کان وڌيڪ ذريعن معرفت مڃرائي سگهندا آهن. ڀايان ٿو ته اسان جو دوست ستار ڀَٽي انهن ماڻهن مان آهي، جنهن الڳ الڳ حوالن ۾ سنڌي سماج اندر پنهنجي حصي ڪم ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت سماج سڌارڪ به آهي، سنڌي ڪلچر جي وارثي ڪندڙ به. ادب سان به جڙيل آهي. ته صحافي طور ڪالم به لکندو رهيو آهي، هن لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن جا پروفائيل به لکيا آهن، ته تازو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب به آيو آهي، ۽ ان کان پوءِ سندس ڪالمن جو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن جا اهي چونڊ ڪالم آهن، جيڪي هو الڳ الڳ وقتن تي، الڳ الڳ مسئلن بابت لکندو رهيو آهي.

مري شال ملهائيان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

قومي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب
مري شال ملهائيان
رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعري اڃا تائين، لڳاتار ٿيندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڃا قومي غلاميءَ ۾ ورتل آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ اسان جا قومي ڪارڪن اديب، شاعر ۽ عالم سانده لکندا رهيا آهن، جن ۾ اڄ جي لکاري/شاعر آزاد بخاريءَ جو نالو به شامل آهي، ته سندس شعرن جو مجموعو ”مري شال ملهائيان“ به شامل آهي.
هي شعرن جو ڪتاب سنڌ جي شهيدن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ۽ ڪتاب جو هر  شعر سنڌ جي قومي تحريڪ جو نعرو آهي، جيڪو ايستائين گونجندو رهندو جيستائين سنڌ پنهنجو اصل مانُ ۽ مرتبو نه حاصل ڪيو آهي.
آزاد بخاري صاحب الڳ الڳ شاعراڻين صنفن ۾ قومي شعر لکندو رهيو آهي. سندس سڃاڻپ هڪ ذهن ڀرئي ليکڪ واري آهي. هو سنڌ سان هر پل جڙيل شاعر ۽ اديب آهي. اڄ جي سنڌ جي سياسي حالتن تي هن جي نظر آهي ۽ حالتن جو اولڙو سندس شاعريءَ ۾ توڻي ٻين لکڻين ۾ موجود آهي.

ائين سندس هن ڪتاب ”مري شال ملهائيان“ ۾ به سندس سياسي ۽ قومي شعور چٽو ٿي بيٺو آهي. ٻيءَ طرح ڪتاب جو نالو پڻ اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. جيئن چهرو انسان جي اندر جو آئينو هوندو آهي، تيئن ڪتاب جو نالو به ڪتاب جي اندر جو آئينو هوندو آهي. 224 صفحن جو هيءُ شاعراڻو ڪتاب اين اي جان فائونڊيشن حيدرآباد پاران ڇپيل آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 200 رپيا آهي.