03/11/2014

صوفي حضرت غمدل فقير- هيمون ڪالاڻي (Hemo Kalani)

رمزون رند ئي پروڙين
هيمون ڪالاڻي
تصوف جي مالها جپڻ سنڌ جي خمير جي مرڪ آهي، سنڌ جي سر زمين جي آغوش ۾ جهڙيءَ ريت صوفي ازم پروان چڙهي سماجي سائنس جي طرز فڪر اختيار ڪري ذات جي خودشناسيءَ کان انسانن جي وجود کي ڪائنات جي محرڪ واري حيثيت ڏيارڻ واري غرض تائين جيڪو درس ڏيئي تدريس ۽ تبليغ ڪئي آهي، ان جو مثال نه ٻڌي فڪر توڙي جين مت ۽ ٻين مذهبن جي روشن خيال زاوين ۾ به نه ٿو ملي.

02/11/2014

علي! تون خاموش ڇو آهين؟! - اقبال هاليپوٽو (Iqbal Halepoto)

علي! تون خاموش ڇو آهين؟!
اقبال هاليپوٽو

ارسطوءَ چيو آهي ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهي ۽ پيچيده آهي، ۽ فلسفي کان وڌيڪ گهرائي رکندڙ اظهار جو طريقو آهي“. اهو ته خيال آهي ارسطوءَ جو، پر حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته شاعري جيتري پيچيده ۽ ڳُوڙهي آهي اوتري وري سادي سلجهيل سُٽ جيان آهي، جيڪا ازخود روح جي گهراين تائين گهڻن الجهيل سُٽن کي سلجهائي به ويندي آهي، ۽ اها ئي هڪ شاعر جي خوبي هوندي آهي ته هو الجهيل شين کي ڪيترو سلجهائي ٿو سگهي. تڏهن ته شاعري هر محاذ تي رهبريءَ جي دعوى ڪندي رهي آهي جيڪا سچ به ثابت ٿي آهي. سماج جي ننڍن ننڍن مسئلن کان وٺي قومي بقا جي جنگن تائين شاعري ئي پنهنجي ڀرپور ڪردار سان اڳيان اڳيان هلندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ئي شاعر قومن جا نه رڳو ورثا قبول ڪيا ويندا آهن پر انهن کي اهو مقام به مهيا ٿيندو رهيو آهي جنهن تي قومون پنهنجي تاريخ ۾ هميشه ناز ڪنديون رهيون آهن. شاعري جيسين زنده هوندي آهي تيسين قومون پنهنجي بقا جي جنگ ڏاڍي جاندار انداز سان وڙهنديون رهنديون آهن. ائين اسان به پنهنجي قومي تاريخي ورثن سميت ان شاعري تي فخر ئي ڪندا رهيا آهيون جنهن جي طفيل اسان جا نسل پنهنجو ڪنڌ اوچو رکندا آيا آهن.

28/10/2014

آمريڪا جا سنڌي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

آمريڪا جا سنڌي
رکيل مورائي
جڳ مشهور يورپي ليکڪ جان ڪوليئر کي دنيا ۾ سنڌين جو گهڻ گهرو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو آمريڪا ۾ سنڌين بابت تحقيق ڪندو رهيو ۽ آخر هن ڪتاب لکيو ”آمريڪا جا سنڌي“. هن نهايت تفصيل سان هن ڪتاب ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته سنڌي اصل ۾ آمريڪا جا اصل واسي آهن، جن کي يورپي قومن الڳ الڳ نمونن سان هيٺ ڌڪي ڇڏيو ۽ هاڻ اهي پناهه گير جيڪي مختلف ملڪن مان آمريڪا ۾ اچي رهيا، انهن اصلوڪن سنڌين کي جن کي ريڊ انڊين چيو ٿو وڃي، انهن کي شهرن کان پري ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ آمريڪن ٿي ويٺا.
جان ڪوليئر جو چوڻ آهي ته اصل آمريڪا جا وارث اهي سنڌي آهن، جن تاريخ جي ستم کان آمريءَ مان سفر شروع ڪيو ۽ اڄوڪي آمريڪا ۾ وڃي وسيا، جن پنهنجي جوڙيل شهر کي آمري ــــــ ڪا سڏيو.
هاڻوڪو آمريڪا انهن آمريءَ مان سفر ڪندڙن سنڌين وارو آمريڪا ئي آهي. جن جي صديون پراڻي تهذيب، ٻولي، ڪلچر اڄ به موجود آهي اڄ جا انڊين پراڻا سنڌي آهن، ڇاڪاڻ ته ريڊ انڊين، ڳاڙها سنڌي آهن، انڊيا نالو پڻ انڊس، يعني سنڌ، سنڌوءَ تان وريل آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ کي ئي انڊس سڏيو ويندو هيو. جيڪو اصل سنڌوءَ سان جڙيل آهي ان  ڪري ڳاڙها انڊين اصل ۾ سنڌي هئا.

27/10/2014

سمنڊ جي هن پار - احمد سولنگي (Ahmed Solangi)

سمنڊ جي هن پار
(بخشل باغي جي شعري مجموعي ”سمنڊ جي هُن پارُ“ جو مختصر جائزو!)
احمد سولنگي
خليل جبران منهنجي وڻندڙ ليکڪن مان آهي. هُن لکيو آهي ته آرٽ هڪ اهڙي وِک آهي جيڪا سدائين ابديت ڏانهن کڄندي آهي.
محمود درويش جو هڪ نظم آهي ته:
شاعر لاءِ ضروري آهي،
نئون جام ۽ نئون گيت،
مون وٽ داستانن جون ڪُنجون آهن،
۽ غلامي جي دؤر جا اَڻ لَڀ پَل آهن،
مان خوشبوئن جي مهڪندڙ خزائن مان،
۽ آرهڙ جي تَتل اُس مان گذري رهيو آهيان،
۽ تاريخ کي هڪ پوڙهي شخص جي چهري ۾ ڏسي رهيو آهيان.
سنڌ جي تاريخ سنڌ جي ٻرندڙ گهٽين جو آئينو آهي ۽ سنڌي شاعري سنڌ جي تاريخ جو رزميه داستان آهي، جنهن جون ڪُنجون اڄ جي شاعر جي هَٿ ۾ آهن.

22/10/2014

مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي مجموعي جو مهاڳ - استاد بخاري (Ustad Bukhari)

استاد بخاري
هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ آهن
(مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي مجموعي جو مهاڳ)

ڊگري ڪاليج ۾ جلسو ـــــ مشاعرو ـــــ هڪڙو سانورو سنهڙو سِيپڪڙو نينگرو اسٽيج تي ايندي ئي پنهنجن تيز تِکن، بي ڊپن لفظن ۽ گجگوڙي گيتن سان مون کي ته ڇا، پر سڄي ميڙ کي ڇرڪائي ويو. سندس انگ اهڃاڻ ته ويسر ۾ وکري ويا، باقي جذباتي آواز ۽ انداز منهنجي ذهن ۾ رهجي ويو. هي هو مختيار، خود مختيار، بي اختيار، تان جو مکيار. اهي هڪ ٻئي جا پاڙيسري لفظ آهن، ڏيل ڏيک ۾ نه سهي، قافئي ۾ ئي سهي.
مختيار جو ضد مجبور آهي، ۽ مختيار پنهنجو ضد به آهي. هو هڪڙو ته مختيار ان ڪري آهي جو مائٽن اهو نالو رکيو اٿس ۽ ٻيو ته هو پنهنجي مرضيءَ جو مختيار آهي، اهو به ايتري تائين، ته ڪتاب جو مهاڳ استاد بخاريءَ کان لکرائي يا فيض بخشاپوريءَ کان. باقي بيباڪ شاعري به ڪري ۽ ڇپرائي به سگهي، ان ۾ بي اختيار لڳي ٿو، ۽ مکيار وري ان ۾، ته منهنجي مهاڳ کي لکڻ کان پوءِ ڇپرائي نه ڇپرائي، مرضيءَ جو مختيار آهي.

14/10/2014

سرويچ سجاوليءَ جي شاعري - ڀوَن سنڌي (Bhawan Sindhi)

سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد
ڀوَن سنڌي
ڪنهن مون کان پڇيو، “سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ايڏي رواني، سونهن، گهرو مشاهدو، ڌرتيءَ جو درد و ڪرب ۽ انسان جي ڪومل جذبن جي اپٽار جو آخر ڪهڙو راز آهي؟” مون چيو: تو ڪڏهن ٺٽي ضلعي ۾ مست سنڌو درياهه کي نرتڪي نار جيان هوريان هوريان قدم کڻندي، تمر جي ٻيلن سان سرگوشيون ڪندي، مانسرور کان ڪيل ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ کي ڀاڪر پائيندي ڏٺو آهي؟ سياري جي مند ۾ سائبيريا کان ڪهي آيل سيءَ جي ستايل پرديسي پکين کي ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي پناهه ۽ سڪون ماڻيندي ۽ مٺيون ٻوليون ٻوليندي پسيو آهي؟ مڪلي جي پيٽ ۾ دفن ٿيل علم، ادب ۽ تهذيب جي انمول خزانن، دولهه دليرن جي دليري ۽ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي پروان چڙهيل نوري ڄام تماچي جي پيار جي خوشبو محسوس ڪئي آهي؟ جي تنهنجو جواب ‘ها’ ۾ آهي، ته مان سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو!

ٻولي، خيال ۽ سنڌي سماج - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ٻولي، خيال ۽ سنڌي سماج
مبارڪ علي لاشاري
دنيا ۾ جڏهن به ٻار ڄمندو آهي ته ان بابت وڏا چرچا ۽ وڏيون ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي بيشڪ سندن خاندان، پاڙي يا شهر تائين محدود هجن يا ڪنهن بادشاهه جي گهراڻي ۾ ٻار ٿيڻ جي صورت ۾ سموري بادشاهت يا دنيا ۾ ٿينديون هجن. جيتوڻيڪ اهو لقاءُ نه ته ڪو نئون هوندو آهي نه ڪي اڻ ٿيڻو يا ڪنهن ماڻهو جي وس جي ڳالهه! پوءِ به ان ٻار جي ڄمڻ، صحت، خوبصورتي يا عمل بابت ڳالهيون ٿينديون آهن. ايئن دنيا جي ڪيترن ئي لقائن بابت ڳالهيون ٿينديون آهن، ايتري قدر جو ماڻهو انهن شين بابت به ڳالهائڻ ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳندا آهن جيڪي سندن وت ۽ وس ۾ نه هونديون آهن ته کين ڪير به اهميت ڏيڻ وارو نه هوندو آهي. ان سموري لقاءٌ کي اسين ٻولي ۾ سهيڙيندا آهيون ۽ هر مختلف لقاءُ کي ان جي نيچر يعني فطرت مطابق بيان ڪندا آهيون. ڪيمسٽري کي ڪيمسٽري جي رجسٽر يعني ڪيمسٽري واري ٻولي، لغت، ٽرمنالوجي، ته فزڪس ۾ وري فزڪس وارا ٽول ٽپڙ ايئن سماجي ٻولي ۾ سماجي لهجو مطلب ته اسين هر شي کي ان شيءَ جي مخصوص شناخت مطابق ڳالهائيندا آهيون.

07/10/2014

سنڌ جو شيخ اياز - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

سنڌ جو شيخ اياز
رياضت ٻرڙو

ڏات جو ڪوئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو.
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سڪار.....
ڪي صديون وهندو اِهوئي آبشار.....
ڪو اُڃايو ڪو نه رهندو، ڪو به يار.....
ڏات جو ڪوئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو،
ڪو نه پوندو.
سنڌ جي لازوال شاعر شيخ اياز جي هيءَ خوبصورت ڪوِتا پڙهي، مان سوچيان ٿو: اياز سنڌ جو آهي يا سنڌُ اياز جي آهي؟ پر وري محسوس ڪيان ٿو، اهو سوال اڻپورو آهي، يا گھٽ ۾ گھٽ ان سوال جو جواب ڳوليندس، ته درست ۽ مڪمل جواب ڄاڻي نه سگھندس. ان سوال کي اڃا به، ٻِيءَ طرح، هيئن پڇي سگھجي ٿو ته سنڌ ۽ شيخ اياز هڪ ٻئي جا آهن يا هڪ ٻئي لاءِ آهن؟ ان جو جواب اياز جي شاعريءَ ۾ ئي آهي. پر، ڪٿي؟ ڪنهن هنڌ؟ ڪيئن؟ ڪهڙيءَ ريت؟ ڏاهپ ۽ ڏات سان ڀرپور، اياز پنهنجي بي پناهه روانِي، رِدم ۽ موسيقيءَ ڀرِي، فن جي عظمتن کي ڇُهندڙ شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين ان جو اظهار ڪيو آهي:
سنڌُ ديس جي ڌرتي تو تي، پنهنجو سيسُ نِوايان،
مِٽي ماٿي لايان.
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان...
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان...
تنهنجيءَ مٽيءَ منجھ ملان جي، آءٌ امرتا پايان...

ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ جا ٻه اکر - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ جا ٻه اکر
رياضت ٻرڙو
سائنسي سوشلزم (Socialism) دنيا جو اهو فڪر آهي، جنهن پاڻ منجھ سمايل پورهيت دوستيءَ، همدرديءَ ۽ پورهيت-دوست معاشي برابريءَ توڙي تنظيم ڪاريءَ سبب پورهيت دنيا جي وڏي حصي کي بيحد متاثر ڪيو، جنهنڪري سرمائيدار دنيا نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ان کي ختم ڪرڻ ۾ به وسان نه گھٽايو. اهو فيصلو ڪرڻ ته سرمائيدار کَٽي ويو ۽ پورهيت هارائي ويو، يا ڪئپيٽلزم (Capitalism) حاوي ٿِي ۽ سوشلزم پَست، اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي. اسان بهرحال اهو ڏٺو ته سوشلزم پورهيت جي عزت ڀرئي جياپي لاءِ اُسرِي ۽ پورهيت جي حق ادائيءَ لاءِ ئي برقرار رهي آهي، پوءِ ڀلي ته ان تي ڪهڙو به ڏکيو وقت آيو هجي يا اها ٻه وکون پٺتي هٽي هجي.

28/09/2014

شيخ اياز - انجنيئر اوڀايو خشڪ (Engr. Obhayo Khushk)

شيخ اياز
ھڪ مزاحمتي شاعر
انجنيئر اوڀايو خشڪ
شيخ اياز جنهن سنڌ جي نالي واري شهر شڪارپور ۾ اڄ کان ذري گهٽ هڪ صدي اڳ ۾ جنم ورتو ته ان وقت سندس آسپاس هڪ پُر امن گلشن هيو ۽ ان شڪار پور شهر ڪيترائي ناليوارا شاعر، اديب، استاد ۽ سياستدان پيدا ڪيا. اياز کي ننڍپڻ ۾ سٺا استاد مليا جن نه رڳو سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، پر تعليم کان سواءِ ٻين صنفن جهڙوڪ ادب، شعر و شاعري ڏانهن پڻ سندس ڌيان ڇڪايو ۽ سندس تربيت ڪئي. انهن استادن جي تربيت جو نتيجو ئي هيو جو اياز اسڪول جي زماني ۾ اسڪول جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ وقت سان گڏ اهو پوکيل ٻوٽو وڌندو ويجهندو رهيو. اياز اڃا جواني کي مس پهتو ته سنڌ ۾ هڪ سياسي هلچل ڏٺائين، اها هئي سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ. سنڌ جيڪا صدين کان هڪ خود مختيار ۽ آزاد حيثيت ۾ رهي هئي، انهي کي انگريزن ۱۸۴۷ع ۾ انتظامي سهولتن خاطر بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ جي تاريخدان ۽ عظيم قوم پرست اڳواڻ محترم جي-ايم سيد طرفان لکيل ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ ۾ ان تحريڪ جو تفصيلي ذڪر آهي، سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان آخر ۲۳ جنوري ۱۹۳۶ع تي سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هڪ رياست جي حيثيت ماڻي.