لفظن جي حرمت
ايوب گاد
عابده پروين جو ڳايل تاجل بيوس جو ڪلام، ”هڪ
قلم هڪڙو مان، ڪيئين پورو پوان“ هر روز منهنجي مٿي جي هارڊ ڊسڪ ۾ معاشري جي اڻ وڻندڙ
ڳالهين تي پيو وڄندو ۽ هٿوڙا هڻندو آهي، نيٺ اڄ قلم کڻي لکڻ ته ويٺس پر هر طرف کان
ڪيئي موضوع ڪر کڻي بيهي رهيا، مون قلم کي چيو ته ڇا تي لکان؟ ماسترن ۽ پروفيسرن جي
لکين روپيه پگهار کڻڻ ۽ پيرڊ نه وٺڻ واري ڪار تي لکان انهن تي لکان، جيڪي شاهه
لطيف جي نالي تي هٿ جا بيت ٺاهي موبائيل فون ذريعي هڪ ٻئي ڏي موڪلين ٿا، يا
سياستدانن جي انهن ڇاڙتن تي لکان، جن ڪيترن ئي نوجوانن کان لکين روپيه وٺي نوڪرين
جا ڪوڙا آرڊر ڏنا، وري جو اخبار کڻي ڏٺم ته ڍڳ مسئلن جو سنڌ جي سينڌ ۾؟ تڏهن چيم،
”ڇا لکي ڇا لکان! پوءِ اخبار رکي ٽيليويزن کوليم ته هڪ پلاٽن جو اشتهار پئي هليو،
مٿي ۾ هڪ ٻيو هٿوڙو لڳو، چئنل مٽايم اتي به ساڳيو اشتهار، وري چئنل مٽايم ته ٿوري
دير کانپوءِ اتي به ساڳيو اشتهار، ڳالهه اشتهار جي ناهي، پر ان ماڊل (اداڪار) جي
آهي، جنهن منهنجي دل کي روئاڙي وڌو، منهنجي دل شايد ان ڪري روئي پئي جو اها نازڪ
آهي، پر نئين نسل جي ”جي دل“ نه پر ”جو دل“ آهي، ان ڪري ئي شايد ڪٺور ٿيندي پئي وڃي.
ان ڪري ئي ته هنن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ٻوليءَ جو بگاڙ، لفظن جي حرمت ڇا هوندي آهي. مونکي ته ان وقت وڌيڪ
تعجب لڳو جڏهن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ راڳين شاهه جي بيت ۾ لفظ ”وٽ“ کي ”واٽ“ ڪري ڳايو ۽ بيت هن طرح
آهي ته:
شُڪر گڏياسون
سُپرين، جيئري جاني يار
ويٺي جن
جي ”وٽ“ ۾، ڪوڙين ٿيا قرار،
ڌڻيم، ڪر مَ ڌار، پاڙو تن پرين کان




