فيض
انقلابي رومانويت جو شاعر
رکيل مورائي
فيض احمد فيض جي ورسيءَ تي کيس اسين ياد ڪريون
ٿا، اهو چوڻ مناسب نه آهي، هو اسان سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ دنيا جي انهن سڀني ماڻهن
کان، گروپن کان،قومن کان ۽ انصاف لاءِ وڙهندڙن کان وسريو ئي ڪڏهن آهي؟. هن پاڪستان
۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جنم ورتو، ان ڪري هن ملڪ کي فخر آهي ته ان فيض جهڙي هڪ اعليٰ
شاعر کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي، هن ملڪ جو نالو
انهن ملڪن ۾ وڌيڪ مشهرو ڪيو، جيڪي ويهين صديءَ ۾ قومي ۽ طبقاتي آزادي لاءِ
هڪ وڏي سامراج خلاف وڙهي رهيا هئا. فيض احمد فيض نه رڳو پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾
انهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪيو پر هو پاڪستان جي مظلوم عوام سان سندن حقن لاءِ
عملي جدوجهد ۾ به شامل رهيو ته جيل جون سزائون به کاڌائين.



