07/01/2015

فاطمه ڀرڳڙي جي ’احساس جا رنگ‘ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود 10 ڪالم منهنجي نظر ۾
’احساس جا رنگ‘
مٺل جسڪاڻي
هر ڪنهن جي سوچ پنهنجي. اڪثر پڙهندڙ اخبار توڙي اخبار جي ڪالم جي عمر هڪ ڏينهن چوندا ۽ مڃيندا آهن، جڏهن ته پراڻي اخبار به نه رڳو سنڀالي رکي ويندي آهي، پر ضرورت وقت ڳولي ڳولي پڙهي به ويندي آهي. اڄڪلهه ئي نه، سالن کان، ناميارا توڙي نوان ڪالم نويس پڻ، سندن لکيل ۽ مختلف يا هڪ ئي اخبار يا رسالي ۾ ڇپيل ڪالم سهيڙي، مجموعا به ڇپرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه نامياريون اخبارون وري مستقل سلسلي طور، سندن پراڻي ڪاپي جو مواد ٻيهر ڇپينديون رهيون آهن.
اخباري ڪالم جو ڪو هڪ نه، ڪيترائي گهاڙيٽا آهن. ڪالم هڪ رخا به ٿيندا آهن، ته گهڻ رخا به هوندا آهن. گهڻ رخا ڪي ڪالم ترتيب ۾ هوندا آهن، ته ڪي وري ترتيب ۾ نه هوندا آهن. ڪالم رکا به ٿيندا آهن، ته سڻڀا، مصالحي دار، چٽ پٽا، مزيدار به ٿيندا آهن. ڪي ڪالم سخت سڏبا آهن. ڪي ڪهر جا ڪالم به ٻڌا آهن. هڪڙا ڪالم اهڙا، جيڪي بلڊ پريشر وڌائيندا آهن، ته ڪي وري گهٽائيندا آهن. 

04/01/2015

ڪتاب: اُسر اُڀن ڏانهن - ستار پيرزادو (Sattar Pirzado)

ڪتاب: اُسر اُڀن ڏانهن
ستار پيرزادو
حقيقت ۾ سرو آهي، هڪڙي ڪتاب جو ۽ ڪتاب جو خالق ۽ مترجم آهي، انجنيئر آسودو مل، واهه! سائين! ڪتاب اسلامي تصوف جي ڄاڻ جو درياهه ۽ ماڻهو چوندا ته لکندڙ غير مسلم، مان آسودو مل کي انهن ماڻهن ۾ ڳڻڻ چاهيندس، جن جي لاءِ سنڌ جي وڏي ڏاهي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هيئن چوڻو پيو:
ڪهڙي ڪام ڪا پڙي، ٿا اهڙي روش رون،
نه ڪادل  دوزخ ڏي، نه ڪي بهشت گهرن،
نه ڪو ڪم ڪفار سين، نه ڪا مسلماني من
اُڀا ائين چون، پرين ڪج ٻانهن جو.
لڳندو اٿم ته آسودو مل چاند واڻيءَ ۽ سندس پورو خاندان جنهن نموني خدمت خلق ڪندو اچي، ڄڻ ”سفر در خلق“ واري زمري ۾ اچيو وڃي.
آسودو مل چاند واڻيءَ جي ٿورڙي سڃاڻپ ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان، هو پاڻ اصل ۾ سائنس يا انجنيئرنگ جو طالب علم آهي، مئٽرڪ جو  امتحان ڏوڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ انٽر سائنس مخدوم نوح سائنس ڪاليج هالا مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ان وقت جي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو مان روڊس ۽ بلڊنگس ۾ انجنيئرنگ پاس ڪري، حڪومت ۾ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، سنڌ حڪومت سندس خدمتون تڏهوڪي ڪي ايم سيءَ جي واٽر ۽ سيوريج بورڊ حوالي ڪيون ۽ هو اتان 2010ع ۾ خير خوبي سان رٽائر ٿي، هاڻي به ڪن خانگي ۽ حڪومتي پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي.
آسودو مل چاند واڻيءَ جو خاندان يعني سندس والد موهن داس ۽ ڏاڏو هرچند راءِ اصل م ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جا ويٺل هئا ۽ پوءِ پنهن جي سونارڪي ڌنڌي خاطر لڏي وڃي ڏوڪريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، سندس خاندان وارا اڃا به انهي ڌنڌي سان واڳيا اچن ۽ پنهنجي تر ۾ بيحد مشهور ۽ ايمانداري جي لحاظ کان هاڪارا آهن.
آسودو مل جو خاندان سنڌ جي صوفي هستي نقشبنديءَ جي مهندار خواجه محمد انور الزمان لواريءَ وارن سان واڳيل رهيو آهي ۽ اڄ تائين اها واٽ نه وساري اٿن، ان ڪري سندن خاندان ۾ اهو هندو-مسلم وارو نظريو ڪا اهميت نه رکندو آهي، هنن لاءِ انسان وڏي ڳالهه آهي.
آسودو مل چاندواڻيءَ کي پنهنجي پڙهائي جي دوران صوفي هستي سان لڳاءُ شروع ٿيو ۽ هو پنهنجي انجنيئرنگ جهڙي سخت تعليم مان وقت ڪڍي صوفي هستي بابت وڏن وڏن نالي وارن صوفين جون لکڻيون حاصل ڪري نه صرف پڙهندو رهندو هو، اڃا به ائين چوڻ ۾ ڪو هرج نه ٿيندو ته هو انهن کي حفظ ڪندو رهيو، صوفين جي مخصوص ٻولي، لهجي، اصطلاحن ۽ اشارن، ڪناين کي پاڻيءَ جيئن پيئندو رهيو، ان دوران جتي هنن ايران، عرب، هنڌ ۽ ٻين ملڪن جي صوفي ڏاهن کي اردو ۽ انگريزيءَ وسيلي پڙهيو ۽ پرجهيو، اتي هن خواجه محمد الزمان جي شاعري ۽ ملفوظات کي به پنهنجو اوڙهڻو ۽ وڇاڻو ڪري ڇڏيو.
مٿي ذڪر ڪيل عنوان  پڻ خواجه محمد الزمان جي هن بيت مان حاصل ڪيو اٿس، بيت هن ريت آهي:
اُسِرُ اُڀَـن ڏانهن، مَ ڇڻ رَهين رُڃُـن ۾،
جزي جائز ناهه، ڪُـل ريءَ ڪَـٽـِڻ ڏينهڙا.
انسان اصل ۾ ان ڪل جو جزو آهي، جنهن کيس پنهنجو پاڻ سڃاڻپ لاءِ تخليق ڪيو آهي.
هاڻي اچون ٿا اصل ڳالهه يعني ڪتاب جي تعارف ڪرائڻ ڏانهن. ڪتاب ”اُسِرُ اُڀـَن ڏانهن“ پهريون ڀيرو آڪٽوبر 2013ع تي لواري شريف ادبي ڪميٽي ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪل 16 مختلف ليکڪن جا مضمون ترجمو ڪيل ۽ ٽي مضمون سندس لکيل ۽ ٽي مضمون ڊاڪٽر عاشق حسين البدويءَ جا، هڪ مضمون سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ، سائين غلام محمد گرامي صاحب جو ۽ چار مضمون پروفيسر يوسف سليم چشتيءَ جا ڏنا اٿس، پروفيسر يوسف سليم چشتي جو ڪتاب ”تاريخ تصوف“ اسان وٽ مٿس نور احمد مسٽر، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو.
هي 16 ئي مضموم صوفي هستي جي واکاڻ ۾ لکيل آهن، اسان جي سنڌ ۾ صوفي جي هستي جي ڄاڻ اٽي ۾ لوڻ برابر هئڻ ڪري، هنن اوتارن ۾ ويٺل، ٽوٽي، سست، ڪاهل، چرس ۽ ڀنگ جو استعمال ڪندڙ ۽ راڳ سان لنوءُ لائيندڙ ماڻهو ڄاتو وڃي ٿو، جڏهن ته صوفي اهو آهي، جيڪو اسلام جو ڏسي ٿو، عمل ڪري ٿو يا اهرو، ”داناءُ عاشق آهي، جيڪو خدا جي رازن ۽ رمزن جو ڄاڻو، جهانن لاءِ رحمت آهي، اي سڄڻ اها علم جي نشاني آهي“. اها راءِ مولانا روم جي آهي، هن ڪتاب ۾ ٻه آيل ليکن لاءِ پبلشر جو نوٽ ۾ آسودو مل لکي ٿو، ”هي صاحب علم ۽ ادب جي خدمت ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا رهيا آهن، عربي، فارسي، اردو، هندي ۽ ٻين ٻولين تي عبور رکندڙ آهن، هنن جو تقابلي مطالعو، تصوف تي عالماڻي ڄاڻ سندن مشغلو رهي آهي“ صوفين بابت معتزلي ابو القاسم الڪلبيءَ جو چوڻ آهي ته ”اديب کانئُن علم لغت حاصل ڪن ٿا. نثر نگار کانئن اظهار جا نت نوان انداز سکن ٿا، فيلسوف سندن خيالن مان فيضياب ٿين ٿا، شاعر وٽائن فن شاعري جي خوبين جو اڀياس ڪن ٿا، عالم وٽائن علم جا نڪتا پرائن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌندڙن جي ذهن ۽ علم کان مٿانهين هوندي آهي“.
هاڻي مٿين انتهائي وڏن صوفين پاران صوفين بابت اهڙا رايا پڙهڻ کان پوءِ ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسان جي سنڌ جي اهڙن صوفين جي ساٿارين جي درگاهن تي رهندڙن کي صوفين جي قطار ۾ بنهه آخر ۾ بيهاري نه ٿو سگهجي ته پوءِ کين انهن جي متي ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري سگهجي. صوفين بابت شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تيهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
صوفين بابت ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”عرفانيت (تصوف) سڄي علم کي سولي عمل سان سهڻي سريلي عرفان پرائڻ جو نالو آهي، صوفيت، چاهت، چاهنا، پريم رس، رحمت ئي رحمت آهي، هو اڳتي هلي ان ڳالهه جو به اقرار ۽ افسوس ٿو ڪري ته هن دور ۾ نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ صوفي اسڪالرن جي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي، ويندي تصوف تي صحيح معنيٰ ۾ لکڻ وارا به گهٽ آهن.“
هن ڪتاب جا ٻيا ليکڪ، جن ۾ سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل ٻه شخصيتون آهن، هڪڙو آهي، سائين مولانا غلام محمد گرامي، جنهن جي مضمون جو عنوان ”سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ“ آهي، جيڪو سندس ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير تي“ تان ورتل آهي، هن مضمون ۾ گرامي صاحب جنهن سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ ڄاڻايا آهن، اها سنڌ سندس دور کان به گهڻو ماضي بعيد جي دورن جي اهڃاڻن جي نشاندهي ڪئي آهي، کيس پنهنجي دور ۾ به ڪو اهڙو صوفي نظر نه آيو هو ته پوءِ اسان اڄ جي هن اليڪٽرانڪ دور ۾ جنهن ۾ مادي پرستي چوٽ تي چڙهيل آهي، انهي دور ۾ ڪهڙي اميد رکي ٿا سگهون. هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي پر هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ تصوف جي ابتدائي ڄاڻ هجڻ بيحد ضروري آهي.
ٻي شخصيت آهي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سندس مضمون جو عنوان آهي، ”ويدانت ۽ تصوف“ سندس مضمون جو حاصل مقصد آهي ته هن وقت جي ويدانت ۽ صوفي ازم، جيڪا مذهب اسلام جو روح سمجهي وڃي ٿي، اهي ٻئي ساڳيءَ منزل جون راهي آهن، سندس چوڻ آهي ته ”اسلام جي معنوي اصولن تصوف جي صورت ورتي جيئن ويدانت جو ٻج اصل کان ئي هندن جي ويدن شاسترن ۾ ڇٽيل هو، تيئن تصوف جا سَلا پڻ اسلام مان ئي نڪتا آهن“. اصل ۾ پنهنجي طور طريقن ۽ اصولن احوالن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، هن سائين جن وڏن صوفين جي وجداني ڪيفيتن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن پاڻ ئي پنهنجي عمل جو ظاهري طور انڪار ڪيو آهي ۽ چيو اٿائون ته ائين چوڻ بندي لاءِ جائز ناهي پر صوفي سالڪ جي اها وجداني ڪيفيت جڏهن هن تي طاري ٿي ويندي هئي ته هنن کي پاڻ کي ان جي ڄاڻ نه هوندي هئي. ”نڪي کڻن پاڻ کي، نڪي ساڻن پاڻ“، تصوف جي هن تعريف جي عنوان سان ڊاڪٽر عاشق حسين البدويءَ جو مضمون آهي، جنهن پوري ڄاڻ ڏني آهي ته صوفي ڪير آهي ۽ سندس مول متا ڇا آهن، مثال: ”تصوف مزار پرستي ناهي، ڪرامتن کي تصوف نه چئبو، پير پرستي سچو تصوف ناهي، نشو پتو صوفيت ناهي، سيريت به طريقت ناهي، تصوف غير مذهبي يا غير ديني ناهي، تصوف عقلي فلسفو به ناهي، تصوف جديد سائنس جي آڏو غلط ناهي، تصوف ڪو سياسي يا معاشي نظام ناهي، تصوف ڪا مافيا يا خفيه تنظيم ناهي، صوفيت ۾ رهبانيت ناهي، جيڪڏهن ايترو ڪجهه تصوف ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟ ”تصوف (صوفيت- طريقت)، راهه، ماڳ، واٽ يا طريق آهي، جنهن کي راهه سلوڪه چوندا آهن“. صوفين وٽ سڀ کان اول پاڻ سڃاڻ آهي، ڇو ته جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن رب کي سڃاتو، پاڻ سڃاڻ جا مرحلا آهن، علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين. تڏهن ئي وڃي بندو خالق جي سڃاڻ حاصل ڪري سگهندو. ”اول وڃائي پاڻ، پڇج پوءِ پريتنڻو.“

پروفيسر سليم يوسف چشتي، جي مضمون جو عنوان پڻ ويدانت ۽ تصوف آهي، هن يار پنهنجو تقابلي جائزو وٺندي لکي ٿو ته تصوف ڇا آهي؟ خدا سان ملڻ يا ان کي دريافت ڪرڻ يا ان کي ڏسڻ جي شديد ترين آرزوءَ جو ٻيو نالو آهي، يا ”انساني روح جو پنهنجي اصل خدا سان ميلاپ ماڻڻ جي چاهت“.

هدايت بلوچ جو ڪتاب: سارو ڏيهه ڏکارو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هدايت بلوچ جو ڪتاب: سارو ڏيهه ڏکارو
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هدايت بلوچ صاحب، سچ پچ اهڙو شاعر ۽ شخص آهي، جيڪو پيڙهي وڇوٽيءَ کان سواءِ، اياز کان وٺي اڄ تائين مڙني ٽهين جو دوست به رهيو آهي ته همعمر پڻ!
اڄ جڏهن سندس ورهين پڄاڻا پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ”سارو ڏيهه ڏکارو“ ڇپجي آيو آهي ته لڳ ڀڳ سڀني دوستن کي سرهائي ٿي آهي، جيتوڻيڪ اڄ سندس ٻه دل گُهر يا دوست ۽ شاعر، سائين شمشير الحيدري ۽ سائين تاجل بيوس هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر اهو يقين آهي ته عالم ارواح ۾ هو ٻئي به بيحد خوش ٿيا هوندا، هدايت بلوچ صاحب جي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خبر ٻڌي،  ڇابه هجي نيٺ هدايت صاحب جو شاعراڻو ڪتاب آيو!

03/01/2015

روبينه ابڙو: دراوڙ ڌيءَ ڌرتيءَ جي - اعجاز منگي (Aijaz Mangi)

روبينه ابڙو: دراوڙ ڌيءَ ڌرتيءَ جي
اعجاز منگي
عورت ڪوڙي شاعري نه ڪندي آهي. هن جي شاعري منظوم ڊائري هوندي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجو پورو جنون سُرن اندر سمائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هن جي ڪويتا ڪشيده ڪاري هوندي آهي. هوءَ سوچ جي سئيءَ ۾ ردم جو ريشمي ڌاڳو وجهي، ڪڏهن ......!! هوءَ ڪاغذ جي ڪپڙي تي، ڪڏهن ڪو گل چٽيندي آهي. ڪڏهن ڪا ٽار جوڙيندي آهي. ڪڏهن ڪو وڻ اڀاريندي آهي ۽ ڪڏهن چنڊ کي قيدي ڪندڙ آسمان ۾ اڏامندڙ ڪوئي آواره بادل هوءَ ڀرت وانگر ڀري وٺندي آهي. ڪڏهن هو ايندڙ اونهاري جي آجيان ڪندي ڪمرڪ جي ڪنهن پهراڻ تي ڪا ول پوکيندي آهي. ڪڏهن ميز جو پوش ڪينواس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪنهن رومال تي هڪ نشاني اڪريندي آهي. ته ڪڏهن هوءَ ڪنهن اڻ ڏٺي مهمان لاءِ وهاڻي جي ڇ و مٿان محبت جو مخفي پيغام لکي ڪنهن خواب جو انتظار ڪندي آهي. 
اهي ڳوٺ جيڪي ڳهر جي پهر ۾ ستارن سان رهاڻيون ڪن ٿا. جيڪي هوائن جون سرگوشيون سمجهن ٿا. جن جي مٽيءَ ۾ رڳو مينهن جي نه پر نينهن جي مهڪ به هوندي آهي. جنهن ۾ ڦٽندڙ ڦٽيءَ جا کيت سمنڊ جي لهرن وانگر لڏندا آهن. جتي مکڻ ماٽيون سازن وانگر وڄنديون آهن. جتي صبح جو ڪڪڙ سج جا ڪرڻا چڳندا آهن. جتي نٽهڻ اس ۾ ڪانو پنهنجي ڀرپور ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن. جتي شام جو مال جون ٽليون مندرن جي گهنٽڙين وانگر وڄنديون آهن. جتي رات ترل رل هوندي آهي. جتي تارا جهل مل ڪندا اهن ۽ نينهن نيراڻ کي تڪيندو آهي پر ڪو ”ڀورل“ ڀليءَ جي ڀاڻ نه ايندو آهي!!
۽ اهي شهر جيڪي ڳوٺن وانگر شرميلا هوندا آهن. جتي شعور پنهنجو اظهار لڄارن لفظن ۾ ڪندو آهي. جتي هر خوشي خوف ۾ ويڙهيل هوندي آهي. جتي بغاوت رئي کي ڪنهن ٻٽ وانگر ٻڌي پنهنجي راهه ٺاهيندي آهي ۽ جتي هڪ هرڻيءَ کي جهرڻي تائين پهچڻ لاءِ بگهڙن ۽ شينهن مان گذرڻو هوندو آهي ۽ جتي هر ڇال آڏو هڪ ڪوڙڪي وڇايل هوندي آهي پر پوءِ به هٺيلي هرڻي هار نه مڃيندي آهي ۽ هلندي رهندي آهي، ان ردم سان جنهن ردم سان غزالن جا کر واريءَ کي وکيري وڌندا آهن!!
انهن ٻنهي پس منظرن ۾ موجود سنڌ ۽ هن جي سڀيتا کي پنهنجي سرن ۾ سمائڻ واري شاعره تي صرف ان رات ۾ جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن رات جو تذڪرو ڪندي هن ڌرتيءَ جي امر شاعر لکيو هو ته:
”ڪالهه ڪويتا جي ڪنٺي ٿي
سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ بيٺي
چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
سالن کان پوءِ ٻيئي ويراڻيون
ساڳي تڙ تي گڏجي آيون
شايد پيدا ٿيو آ
مهان ڪوي ڪو...!“
هوءَ ڇوڪري به ڪنهن اهڙي پهر ۾ پيدا ٿي هئي، جڏهن چرخ جا چرخا، ڪنهن اهڙي موڙ تي اٽڪي پيا، جنهن موڙ تي پورو وايو منڊل خواجه فريد جي ان ڪافيءَ وانگر گونجيو هو ته:
”ڏاچي واليا موڙ مهاڙ وي....!!“
روبينا جي شاعريءَ کي جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته هو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ”مسڪراءِ مرکان“ جي عنوان سان هڪ اهڙو پيراگراف ضرور لکي ها، جنهن ۾ صرف ماسڪو جي سرد راتين ۽ پئرس جي غمگين شامن جو تذڪرو نه هجي ها. جنهن ۾ اهي ”نيڻن جا ٻه ٻيٽ“ به هجن ها، جن کي ڳوڙها هميشه ٻوڙيندا رهندا آهن. جنهن ۾ سج جو ڌنڌلو ٿيندڙ منظر ۽ پوءِ ڌنڌلو ٿيندڙ پس منظر به هجي ها. جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي ڀٽن جي اها ڀڻ جهڻ به هجي ها، جيڪا انهن تڪين کي ناراض اکين سان تڪيندي آهي، جيڪي تڪيا يادگيرين جي تاڪين وانگر کلندا ويندا آهن.
اها ڳالهه صرف اياز کي معلوم هئي ته شاعري ردم نه پر هڪ رمز هوندي آهي. 
اياز چانڊڪا تي اڀري آيل چنڊ جهڙي شاعريءَ تي اهو ڪئين نه لکي ها ته ”ان ۾ صرف پنهنجي نادان دل جا نغما ناهن پر هڪ داناهه دماغ جا دليل به آهن“ اهي دليل جيڪي شاعر تاريخ جي عدالت ۾ پيش ڪندا آهن. صرف اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ته شاعر ئي هن جڳ جا حقيقي قانون ساز هجن ٿا! اهي قانون ساز جيڪي ڪي ساز کڻي اچن ٿا. ڪي عجيب ڳالهيون ڪن ٿا. ويس وڳن جون نه پر ”عشق جي انهن الفين جون“ جيڪي ستارن ۽ سيارن وانگر گردش ڪنديون آهن. جيڪي اهو راز منڪشف ڪنديون آهن ته ”اگهاڙپ به اوڇڻ هوندي آهي“.
هي سنڌي سماج جنهن ۾ سسئي جي چني اڄ به هن جو ڪفن ٿي وڃي ٿي. چريائپ جي اداڪاري ڪندڙ ان سنڌ ۾ ڪا درواڙ ديواني به آهي، جنهن جو روح ”رام ڪليءَ“ جي راهه تي هوريان هوريان هلي ٿو. جيڪڏهن ازل جو روح روبينا جو انتخاب نه ڪري ها ته هن ”برگر دور“ دور ۾ انهن ڪن پٽ ڪاپٽ ڪاپڙين جو تذڪرو ڪير ڪري ها؟ جيڪي هنگلاج جا هيرا آهن. جن جي لاءِ اهم پٿر صرف اهو آهي، جيڪو سسئي جي پير ۾ پيهي ويو!! اهو پٿر ڪيترو نه قيمتي هو، جنهن کي هڪ جنون جي رت ريٽو ڪري ڇڏيو!!
اها خواهش صرف ٻن انسانن جي نه هئي، جن روبينا جو جنم ڏنو. پر هن جي جنم جي اصل تمنا ان مور ڪئي هئي، جنهن جي سڪي ويل سرير مٿان بادل برسيا!! اها روبينا جنهن لکيو آهي ته:
”وسي پيو ٿر سڄو پر مان
مري وئي مور ۾ آهيان...“
جيڪڏهن اها ڇوڪري سنڌ جي هن ”ڪمال نما زوال“ واري دور ۾ جنم نه وٺي ها ته اهي سٽون ڪير لکي ها؟
”نچي پيو نظم ڪاڳر تي
اڃا ڪنهن غور ۾ آهيان“
اهو شعر معمولي ناهي. ان ۾ شاعره پنهنجي فن جي هٿان اغوا ٿي نه ٿي وڃي. پر ان ۾ هوءَ پنهنجي ان فڪر کي سنڀالي ٿي وٺي، جنهن جي جاءَ ۾ رکي، لطيف مارئيءَ جي حوالي سان وفا جو لازوال داستان قلمبند ڪيو هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ته هن جي ڪويتا ۾ بار بار اهو ٿر ڪيئن اڀري اچي ها، جنهن جي اڃ صحرا جا بدن ۽ جزيرن تي رهندڙ روح محسوس ڪندا آهن
۽ روبينا جو اهو شعر هڪ لوڪ گيت آهي. جنهن جو عنوان آهي ” ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“
ان شعر کي پڙهڻ نه گهرجي پر ڳوٺاڻي شاديءَ تي ڳائڻ گهرجي. جنهن لوڪ گيت ۾ پنجابي ماهين کان وڌيڪ وارفتگي ۽ مهڻي ڀري ميار آهي. جنهن ۾ صرف شڪايت نه پر اها سموري خوبصورتي آهي، جيڪا سانت ۾ هوندي آهي. اها سانت جيڪا شهر جي شور ۾ ياد ايندي آهي. حالانڪه ان سانت جا ڪي آواز به هوندا آهن. ان پينگهه جو آواز جيڪا لڏندي آهي. اها تانگهه جو آواز جيڪا ڪڏندي آهي. ڇا موسيقي صرف ان ڇڻڻ واري لوٽي مشين ۾ هوندي آهي؟ ڳيرن جي ”گهون گهون“ ته واڄٽ بڻجي وڄندي آهي پر ”ماڪ وسڻ واري موسيقي“ کي پنهنجي نظم ۾ آڻڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي!! اها صرف ۽ صرف ان تخليق ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي، جيڪا سياري جي تڙڪي تي وار ڇنڊيندڙ وينگس ۽ نم جي ٻور جي خوشبو کي پاڻ ۾ سمائي، اڃان اهو گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿي، جيڪو بيان نه ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ تذڪرو نه ايندو آهي، ان درويش جهڙي پپل جي وڻ جو، جيڪو سالن کان چانڊوڪيءَ ۾ سڙندو رهندو آهي ۽ ان جهنگلي ڪبوتر جو، جيڪو دلين ۾ آکيرا جوڙيندو آهي. پر اها شاعري صرف پنهنجي زمان ۽ مڪان جي قيدي ناهي. اها صرف مارئيءَ جي پڪار ناهي. اها ان مريم جي ماٺ به آهي، جنهن جي بيان جي لاءِ انجيل نازل ٿيو!!

روبينا جي شاعريءَ ۾ مينهن جي منظر جهڙو موهه آهي. پر ان کي وري وري پڙهڻو پوندو ۽ سمجهڻو پوندو ۽ ان شاعرن جي دل تائين پهچڻو پوندو، جيڪا ان ”نوٽ بڪ“ جهڙي جنهن ۾ سڀ کان سٺا نظم اڃا محفوظ آهن. جنهن ۾ بغاوت جون صدائون پنهنجي اظهار جي آزاديءَ جي پڪار بڻجي گونجن ٿيون. جنهن ۾ هڪ آغاز ته آهي پر انجام ناهي. جنهن ۾ سرن جو سفر آهي. اهو سفر جيڪو منزل ناهي پر هڪ مسلسل جستجو آهي. جيڪو لاحاصل جي تلاش آهي. جيڪو سمجهه ۽ سوچ کان اڳتي وڌي، ڪنهن نئين تجربي جي واديءَ جو ويزا وٺڻ کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جي ضد ڪري رهيو آهي. اها شاعري هڪ پاڻيءَ جو سفر آهي. پهاڙن کان هيٺ لهي وادين ۾ پاڻ کي وڃائيندڙ پاڻيءَ جو سفر جيڪو سمنڊ کان پوءِ ساحل تي انتظار ڪندڙ اکين ۾ ايندو آهي ۽ نيڻن جا ٻيئي ٻيٽ ٻوڙي ڇڏيندو آهي!!

23/12/2014

رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ - ڊاڪٽر اسحاق انصاري (Dr. Ishaq Ansari)

رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ
ڊاڪٽر اسحاق انصاري
رضوان گل سنڌ جو هڪ سجاڳ ليکڪ آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هو مستقل لکندڙن مان آهي سندس قلم ڪڏهن به سستي منجھان سُتو ناهي. مون کي ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا ڪجھ ئي تخليقڪار شايد اهڙا آهن جيڪي ايتري مستقل مزاجيءَ سان لکندا رهندا هجن. رضوان گل نه رڳو ليکڪ آهي پر ان کان علاوه هن انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ آرٽسٽن جا البم ۽ مختلف ڪتابن جا خوبصورت ٽائيٽل پڻ ٺاهيا آهن.

17/12/2014

گلزار هڪ شاعر - اشفاق آذر (Ishfaq Aazar)

گلزار
هڪ شاعر!
اشفاق آذر
”سنگيت ڪنهن گهوڙي وانگر هوندو آهي ۽ شاعري ان جون واڳون، جنهن وسيلي توهان گهوڙي سواري ڪري سگهو ٿا!“ لفظن ۾ حيران ڪرڻ جي صلاحيت به هوندي آهي ته خوش ڪرڻ جي به، اهو انهيءَ تخليقڪار تي دارو مدار آهي ته هو انهن لفظن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. اهي گلزار جا لفظ آهن، هڪ اهڙي شاعر جا، جيڪو  لفظن کي بي رنگ، بي بوءِ ۽ بي جان سنگي مجسمن بدران هڪ اهڙي زندگيءَ ۾ بدلائي ٿو، جنهن ۾ حرارت آهي ته حسناڪي به، هڳاءُ آهي ته حيرت به!

14/12/2014

ريٽا شهاڻي - تاج جويو (Taj Joyo)

وئي هوءَ اُڏري اڪيلي اڪيلي...!
تاج جويو
من ته نه ٿو مڃي، پر موهن مدهوش چوي ٿو ته کيس لليتا فون ڪري چيو آهي ته، ”مميءَ جي ميز تي سوين ڪاغذ، اڌوريون ڪهاڻيون ۽ اڌورا گيت ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، پر ممي هلي وئي، پرلوڪ پڌاري وئي!“الا! ڪجهه ڏينهن ئي ته ٿيا هوندا، جو ريٽا پوني مان فون ڪري، مون کان منهنجي طبيعت جي باري ۾ پڇيو هو، ته مون کيس چيو هو ته، ”دِيدي! پنهنجو خيال رکجو، سياري ۾ توهان کي سهڪو ٿيندو آهي، پنهنجي صحت جي سنڀال ڪجو“ ۽ هُن هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”تاج! پريشان نه ٿي، آئون اڃا جيئري رهنديس.“ پر اڄ قلم کي لڙڪن ۾ ٻوڙي لکڻو پوي ٿو ته اڃا دادي سُندري اتمچنداڻيءَ کي سرڳواس ٿئي ٻه مهينا ست ڏينهن مس ٿيا آهن ۽ 16 سيپٽمبر تي سندس سدوري نياڻي آشا چاند، ”پوپٽي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش“ جي انٽرويوئن تي مشتمل هڪ وڊيو ڪئسيٽ ”سنڌي ساهت جون ٽي برک ليکڪائون“ نالي سان، دبئي ۽ ممبئيءَ مان هڪ ئي وقت رليز ڪرڻ واري آهي ته هڪ ڏينهن اڳ ريٽا، پوني ۾ بوٽ ڪلب روڊ واري پنهنجي گهر ۾، ڌيءَ لليتا ۽ ڪمار سميت، اسان سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن کي دلي صدمو رسائي، سرڳ لوڪ ڏانهن هلي وئي ۽ وڃي پوپٽي ۽ سندريءَ سان ملي، جڏهن ته ڪلا پرڪاش، اسان وانگر اڪيلي لڙڪ لاڙيندي رهجي وئي!
ريٽا سان منهنجي پهرين ملاقات 1987ع ڌاري سندس گهر، 8- فلورينا اسٽيٽس، بوٽ ڪلب روڊ، پوني ۾ ٿي هئي، جتي آئون، موهن ڪلپنا ۽ پنهنجي دوست جمن دربدر سان گڏ بنا اطلاع وڃي سندس مهمان ٿيو هوس. اُتي ڪچهريءَ دوران ريٽا جي شعري مجموعي ’منهنجي حد آڪاش‘ مان جڏهن جمن دربدر هڪ گيت ’اڪيلي اڪيلي‘ پنهنجي سُريلي آواز ۾ ڳاتو هو ته ريٽا هڪدم ڊوڙندي گهر جي ڪمري ۾ وئي. هن ٽيپ رڪارڊ کڻي اچي جمن جي ڳايل ڌُن رڪارڊ ڪئي. اُن ئي زماني ۾ ريٽا نوجوان ڇوڪرين جي هڪ نرتيه گروپ وسيلي پنهنجي ڪتاب ’گيت رامائڻ‘ (منظوم) کي ’دور درشن‘ ۽ اسٽيج ذريعي پيش ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان کيس شيخ اياز جي مشهور وائي ’سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان‘ کي به ساڳئي نرتيه گروپ ذريعي پيش ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي، جنهن جو هُن وعدو ڪيو هو. ائين پوءِ ريٽا سان ادبي ناتو اهڙو جُڙيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري پساهن تائين جاري رهيو.
هوءَ جڏهن پهريون ڀيرو 2001ع ۾ سنڌ آئي هئي ته سندس ٻن ڪتابن جو هتي مهورت ٿيو هو. سندس ناول ’گونگي گگن سان گفتگو‘ جو مهورت، ماهتاب محبوب جي گهر ۾ ٿيو هو، ۽ هي منفرد نفسياتي ناول هُن ماهتاب محبوب کي هنن لفظن ۾ ارپيو هو: ”سڳوريءَ سنڌ جي سينڌ جي سونهن، ماهتاب محبوب- سنڌ ڄائيءَ کي، سنڌ ڄائيءَ وٽان“. اهڙيءَ طرح سندس ٻيو ڪتاب گوناگون مضمونن تي مشتمل ’جيون ۽ ساهت‘ جو مهورت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ ٿيو هو، جيڪو ڪتاب هن ”وليرام ولڀ ۽ تاج جويي“ کي ارپيو هو. ريٽا، سنڌ ۾ ’سنڌيت جي سفير‘ هري موٽواڻيءَ سان گڏجي آئي هئي ۽ ماهتاب محبوب جي گهر ’ارم نما‘ ۾ اچي رهي هئي ۽ پهرينءَ رات آڌيءَ ويلي هُن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هيٺيون سٽون درج ڪيون هيون:
”مان ڪهڙي جڳهه تي پهتي آهيان؟ هتي، جتي منهنجون جڙون آهن، منهنجي پرکن (وڏن) جو شهر! پوين چند سالن کان مون پاڻ کي ڪيڏو نه اڪيلو محسوس ڪيو هو، بلڪل تنها هئس مان ۽ جيئن تيئن جي رهي هئس، ڪنهن کي منهنجو قدر ڪونه هو، منهنجي حياتي وئرٿ هئي. مان جيئان يا مران، ڪهڙو فرق پوڻو هو؟ هرڪو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ بيحد مصروف هو، شهري زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان ڪجهه اهڙي آهي، پر هِتي پهچي مون کي پروڙ پئي آهي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجو قدر ڪرڻ وارا، مون کي چاهڻ وارا هن جهان ۾ موجود آهن. منهنجي زندگي اجائي ناهي، منهنجو به ڪو ملهه آهي. هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سڃاڻي سگهيا آهن، مون کي سمجهي سگهيا آهن، اسان جي Wave Length لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. زندگيءَ ۾ نئون اتساهه جاڳيو آهي، مون کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پختي جڳهه ملي آهي. مان تنها ناهيان، اڪيچار قدردان، منهنجا خيرخواهه، منهنجا متر آهن ۽ منهنجو جيون معنيٰ خيز بڻجي پيو آهي.“
1997ع ۾ جڏهن ريٽا شهاڻيءَ جو ور، وشنو شهاڻي وفات ڪري ويو هو ته هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي پئي هئي، پر جڏهن هوءَ 2001ع ۾ سنڌ ۾ آئي ۽ پنهنجن سان اچي ملي ته سندس اڪيلائيءَ وارا احساس ختم ٿي ويا هئا. ريٽا شهاڻيءَ جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ درسگاهن جي ٽمورتي- نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول جي ڀرسان ٿيو هو. سندس دل چاهيو هو ته پنهنجي پراڻي گهر جو درشن ڪري، ننڍپڻ جي يادن کي سهارو ڏئي، پر جڏهن هوءَ وليرام ولڀ ۽ اسان سان گڏ، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جي ڪُنڊ وٽ پهچي، پنهنجي اباڻي گهر کي ڳولڻ لڳي هئي ته اوچتو سندس اکين مان لڙڪن جون لارون وهي هليون هيون، ڇاڪاڻ ته سندس سهڻو ٻه ماڙ گهر ڊهي پٽ ٿي چڪو هو ۽ اُن جي جاءِ هڪ بدنما پلازه والاري چڪو هو، جنهن جي هيٺان دڪانن جون قطارون هيون! ريٽا حيدرآباد ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندي هئي، تڏهن جولاءِ 1947ع جي 23 تاريخ هئي، جو کيس پنهنجي مائٽن سان گڏ پيءُ جي بيماريءَ ڪارڻ لکنؤ وڃڻو پيو هو. کين اتي ٻه مهينا رهڻو هو ۽ پيءُ جي ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچڻو هو، پر 21 ڏينهن به نه گذريا هئا ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ لڪير ڇڪجي وئي ۽ ريٽا به هري موٽواڻيءَ وانگر، پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ هند ۾ رهجي وئي. 55 سالن کانپوءِ هُن پنهنجو وطن سنڌ ته اچي ڏٺو، پر پنهنجو گهر ٻيو ڀيرو وڃائي ويٺي. اُهي سموريون يادون، هن پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ ۾ لکيون آهن. هوءَ لکي ٿي ته جڏهن سندس سنڌ وڃڻ جي ڄاڻ سندس اديب دوستن کي پئي ته هري دلگير ۽ ٻين کيس نيڪ خواهشن وارا خط لکيا، پر پوني جي بزرگ شاعر ڀڳوان کلناڻيءَ، کيس خط سان گڏ هڪ غزل ڏياري موڪليو:
کڻي وڃ اسان جون دعائون کڻي وڃ،
اُتي جون سُڳنڌي هوائون کڻي اچ.
اتي جي، جي مٽي نه آڻي سگهين تون،
مٽيءَ سان ڀريل سي فضائون کڻي اچ.
وطن جي جدائيءَ ڏنا زخم جيڪي،
ڇُٽائڻ لاءِ تن جون دوائون کڻي اچ.
گهٽين ۾ اڃا گونجنديون جي هجن ڪي،
سي راندين ڪرڻ جون صدائون کڻي اچ.
بهارون سدائين رهن سنڌ ۾ شل،
سنڌي پيار جون هت گهٽائون کڻي اچ.
هوءَ سنڌ آئي، سنڌ مان اڻ مئي پيار سان گڏ ڪي ڏُکارا منظر به پاڻ سان کڻي وئي، 15 سيپٽمبر جو نڀاڳو ڏينهن هو، جڏهن هوائن جي دوش تي اها خبر اچي پهتي ته ريٽا پرلوڪ پڌاري وئي. موهن جي ڇا حالت ٿي هوندي، سا هُو ئي ڄاڻي، پر مون کان اوڇنگار نڪري وئي. جڏهن سندس سٻاجهي پٽ ڪمار سان فون تي رابطو ٿيو ۽ کيس پرچاڻي ڏنم، تڏهن مون محسوس ڪيو ته ڪمار ۽ منهنجي نيڻن ۽ دل جي ساڳي حالت هئي، پر ريٽا شايد پنهنجو ئي هيٺيون گيت ڳائي اڪيلي اڪيلي اُڏامي وئي!
پکي ٿي مان هيڪر، اُڏامان مان جيڪر،
وڃان آئون اُڏري اڪيلي اڪيلي!

                                                             (ريٽا)

سڄڻ سونيءَ تند جئن! - تاج جويو (Taj Joyo)

سڄڻ سونيءَ تند جئن!
تاج جويو
”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي:
ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا.

فيض - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

فيض
انقلابي رومانويت جو شاعر
رکيل مورائي
فيض احمد فيض جي ورسيءَ تي کيس اسين ياد ڪريون ٿا، اهو چوڻ مناسب نه آهي، هو اسان سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ دنيا جي انهن سڀني ماڻهن کان، گروپن کان،قومن کان ۽ انصاف لاءِ وڙهندڙن کان وسريو ئي ڪڏهن آهي؟. هن پاڪستان ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جنم ورتو، ان ڪري هن ملڪ کي فخر آهي ته ان فيض جهڙي هڪ اعليٰ شاعر کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي، هن ملڪ جو نالو  انهن ملڪن ۾ وڌيڪ مشهرو ڪيو، جيڪي ويهين صديءَ ۾ قومي ۽ طبقاتي آزادي لاءِ هڪ وڏي سامراج خلاف وڙهي رهيا هئا. فيض احمد فيض نه رڳو پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ انهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪيو پر هو پاڪستان جي مظلوم عوام سان سندن حقن لاءِ عملي جدوجهد ۾ به شامل رهيو ته جيل جون سزائون به کاڌائين.

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا - سيد يار محمد شاهه (Syed Yar Muhammad Shah)

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا
سيد يار محمد شاهه
ميڊيا تي سدائين مسخري پئي ٿيندي آهي، اڄ اسان ميڊيا مسخريءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين. ان تاريخ ۾ به اسان سنڌي مسخرن جي ميڊيا مسخريءَ تي مختصر جائزو وٺنداسين. انگريز مسخرا چارلي چپلن کان وٺي اٺ جي مسخري تائين انڊيا ۾ گوپ يعقوب کان وٺي اڄ جي جاني ليور تائين. پاڪستان جي نذر، لهري، رنگيلا کان وٺي عمر شريف، شڪيل صديقيءَ تائين. سنڌيءَ ۾ محمد مسخري کان وٺي علي گل ملاح ۽ لطيف مني تائين. سنڌي مزاحيه اداڪارن جي مختصر تاريخ آهي. سنڌي فلم عمر مارئي ۾ هندوستان مان آيل ميمڻ (گجراتي) انڊيا جو مشهور مزاحيه اداڪار لطيف چارلي جنهن فاضلاڻي صاحب جي سنڌي فلمن ۽ شيخ حسن جيڪو پڻ گجراتي هو جي ڪجهه اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. بليڪ اينڊ وائيٽ سنڌي فلمن ۾ جيڪي مزاحيه اداڪار آيا انهن ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻي جيڪي ٽيليويزن جا به وڏا اداڪار هئا، تمام گهڻين فلمن ۾ اهي ٻئي بطور مزاحيه اداڪار طور لازمي ڪاسٽ ڪيا ويندا هئا، انهن کان علاوه جن ٻين سنڌي فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري ڪئي انهن ۾ ساقي صاحب، شيخ سنڌي، انور سولنگي، خميسو جانوري ۽ لطيف منو به شامل آهن. سنڌي فلم انڊسٽري هڪ ڀيرو فلم عمر مارئي ۽ پرديسي واري ڪمال کان پوءِ وري زوال تي اچي وئي ۽ وري ٻيهر مشتاق چنگيزي جيڪو مزاحيه اداڪار ٿيڻ شيخ حسن وٽ آيو هو ان کي هيرو بناڻي ڇڏيائين، ان کانپوءِ ملڪ انوکي جو دور هليو ويو ۽ انڊسٽري وري ڊائون ٿي ويئي ۽ وري ساڳي ٽيم جي فلم “مٺڙا شال ملن” وري سنڌي فلم انڊسٽري ڪجهه عرصي لاءِ ساهه کنيو. ان عرصي ۾ ڪراچيءَ جي لاسي برادران جيڪي سنڌي فلمون ٺاهيون انهن ۾ گهڻو ڪري خميسو جانوري ۽ انور شيخ يا مشتاق جسڪاڻي شامل هوندا هئا. جڏهن ته ڪراچيءَ کان ٽيليويزن جي شروعات ٿي ته ان وقت مرحوم عبدالڪريم بلوچ ريڊيو پروڊيوسر هو پر لطيف فن جي ان سفر جا راهي بلوچ صاحب کي مسيحه محسوس ڪندا هئا. ان جي معرفت ڪيترائي راڳي، ڪيترائي ليکڪ، ڪيترائي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ ڪاميڊين آيا ۽ بلوچ صاحب پاڻ به ڪيترائي مزاحيه ڊرامه لکيا ۽ ڊائريڪٽ ڪيا. سندس ڪمال اهو هو جو هن خوبرو نوجوان هيرو اداڪارن کي به مزاحيه اداڪار بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ منظور قريشي جيڪو خوبرو مزاحيه اداڪار ۽ هدايتڪار طور پاڻ مڃائي چڪو هو، حالانڪ اردو ڳالهائيندڙ پروڊيوسر تاجدار عادل، ذوالفقار نقوي ۽ اقبال لطيف وارن به سنڌي پروگرام ڪيا.