01/02/2015

مراد صاحب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

پياري نصير مرزا جو سهيڙيل
مراد صاحب
رکيل مورائي 
دنيا ۾ عالمن، اديبن ۽ شاعرن بابت ڪيتريون ڪٿائون/جيونيون لکيون ويون آهن، ساڳي طرح الڳ الڳ لکندڙ جا ڪنهن به هڪ اديب/شخص بابت ليک سهڙي پڻ انهن شخصن/ اديبن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. ايئن سنڌي ادب ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪتاب اچي چڪا آهن.
تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ ويس سائين مراد علي مرزا بابت هڪ اهڙو لاجواب ڪتاب اسان جي پياري نصير مرزا مرتب ڪيو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”مراد صاحب!“ هيءَ ڪتاب اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي انهن رٿائن مان آهي جنهن تحت ادارو مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن بابت ڪي اهم ڪتاب مرتب ڪرائي رهيو آهي.

آنءُ جي اها ئي ذات - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

امڙ فاطمه زهره چوي ٿي
آءٌ جي اها ئي ذات
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
چون ٿا ته سنڌ ۾ عورتون سڀني شعبن ۾ نظر انداز ٿيون آهن، اهو ڪنهن حد تائين سچ ته آهي، پر ائين به آهي ته سنڌ ۾ ڪي عورتون اهڙيون به ٿي گذريو آهن جن تي سنڌ جو ٻچو ٻچو فخر ڪري ٿو. الڳ الڳ شعبن ۾ سنڌي عورتون جي هڪ ڊگهي لسٽ ملندي، جن جو سنڌ جي جوڙڻ ۾ حصو رهيو آهي. مقصد فهرست ڏيڻ نه آهي، فقط ان عورت جو ذڪر ڪرڻ آهي،  جنهن ذري گهٽ صدي اڳ سنڌ کي ايترو ڏنو جو، هڪ خاتون جي ڏيڻ کان گهڻو آهي ۽ اڄ ان خاتون پنهنجي زندگيءَ جو اهو سمورو پوتا ميل لکت جڏهن سنڌين جي آڏو رکيو آهي ته حيرت ٿي ٿئي ته سنڌ ۾ عورتن ايئن نالي ۽ ناماچاريءَ کان پري رهي به سنڌ کي ايترو ڏنو آهي.

پنو پنو پڙلاءُ ڏ رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نصير سومري جو لکيل
پنو پنو پڙلاءُ
رکيل مورائي
نصير سومرو نوجوان شاعر ۽ نقاد آهي، هن جي تعريف ڪرڻ بجاءِ هن جي ان ڪتاب جي تعريف ڪرڻ ئي منهنجو مقصد آهي، جيڪو تازوئي ”پنو پنو پڙلاءُ“ جي نالي سان ڇپيو آهي. ڪتاب ۾ الڳ الڳ رنگ آهن، جنهن سان مان اسهمتيءَ جو اظهار ساڻس روبرو ڪري چڪو آهيان پر عام پڙهندڙ لاءِ هيءُ ڪتاب کين هڪ قيمت ۾ گهڻا موضوع ڏيندو. ڪتاب جو پهرين ڀاڱو انهن ڊائري جي بابن جو آهي، جيڪي پهريون ڀيرو مون کي پڙهڻ جو موقعو مليو، ڇاڪاڻ ته اهي عوامي آواز سنڊي مئگزين ۾ شايع ٿيا.

ڪتاب منفرد - حبيب ساجد (Habib Sajid)

 لَهُو لَهُو آڱرين سان لکيل هڪ ڪتاب
منفرد
حبيب ساجد 
مون کي جڏهن مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”منفرد“ هٿ لڳو ته مان هن ڪتاب کي هڪ سِٽنگ ۾ پڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس. پڙهڻ کان پوءِ مان سچ ته هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويس جو کوڙ ساترن ڪلاڪن تائين به مان هن شاعر جي منفرد لهجي، سادي سلوڻي چوڻي ۽ بيدردي سان حملو ڪندڙ تاثرن مان پاڻ کي بچائي نه سگهيس.
امداد سائين جي مهاڳ منهنجي اندر جي 40 سيڪڙو جماليات کي ماري ڇڏيو. ان ڪري مان سڄي ڪتاب مان اهو حظ، اها مسرت ۽ اها اڇوتي ڪيفيت نه ماڻي سگهيس جيڪا هن شاعر جي اِن ڪتاب جي هر پني تي پکڙيل ملي ٿي.
”منفرد“ ڪتاب ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ ايترا ته گونا گون موضوع آهن جو صرف هن ڪتاب جي تعريف ۽ تنقيد ۾ هڪ پورو ڪتاب مرتب ڪري سگهجي ٿو.
سادي ۽ سولي سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل ان ڪتاب جي شاعريءَ ۾ وضاحت طلب ڪا به شيءِ ڪانهي. هر سٽ، هر بند، هر غزل، نظم ۽ هر صنف ڪمانڊ واري ضابطي سان لکيل ملي ٿي. هن مفرد ڪتاب کي اگر غزل جو ڪتاب ڪري ڇاپجي ها ته به سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو ليکيو وڃي ها. مان هي ڪتاب پڙهندي پنهنجي مزاج ۽ پسند جا شعر Tick ڪندو ويس. جڏهن اهي سڀ ڪٺي ڪيم، Collect ڪيم ته هن ڪتاب جي اڌ جيترو ٻيو ڪتاب ٺهي ويو، جنهن جو عنوان دل چوي ٿي ته ڏجي ”اهي شعر جن ڪِلڪ ڪيو“.
سنڌ جي ماسڪو، ۽ رهبرن، شاعرن، دانشورن جو ڳوٺ ٻلهڙيجي، سامهون کان عظيم سنڌي پراچين ماڳ موهين جو دڙو ۽ ڀڪ ۾ وهندڙ عظيم شينهن دريا اوهان کي هن ڪتاب جي هر صفحي تي Live زندہ حالت ۾ جاڳندي ملندا.
ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي مسرور پيرزادي ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهندي به زندهه ۽ جاودان رکيو آهي. ان لاءِ سچ پچ مسرور کي ٻنهي هٿن سان سليوٽ.
آخر ۾ ٻه اکر مسرور جي نظم ”سُهائي رقص ۾ آهي“ جي لاءِ ته جن دوستن اگر وڏي ڪپور جي هڪ فلم ۾ منا ڊي جي آواز ۾ ڳايل گيت ”لاگا چنري مين داغ ڇپائون ڪيسي مين نه تڪي“ جو رقص ڏٺو آهي يا ريکا جا امرائو جان ۾ رقص ڏٺا آهن يا شيما ڪرمانيءَ جي رقص، پرفارمنس Live ڏٺي آهي يا کيس خدابخش ابڙي جي ۽ عطيه دائود جي نياڻي سُهائي جو رقص ڏٺو آهي تہ ان کي ھن نظم جي قدر ۽ قيمت ضرور معلوم ٿيندي. هن نظم ۾ ايتري ته خوبصورتي اوتيل آھي جو مان چند ڇَسا ۽ روايتي جملا لکي ان نظم سان انصاف نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن اها Capability مون ۾ آئي ته مسرور سان ٻروچڪو واعدو آهي ته ان نظم تي الڳ سان هڪ ليک لکندس.
آخر ۾ هي ته:
سنڌي ادب ۾، جتي روز اڻ ڳڻيا ڪتاب شامل ڪيا پيا وڃن ۽ خريدي پئسا وڃائڻ جي افسوس ۾ ويڙهجي به وڃجي ٿو. اتي هي ”منفرد“ ڪتاب اهڙو درجو رکي ٿو جنهن کي مون پنهنجي Reading priority  ۾ سڀ کان مٿي رکيو ۽ پوءِ پڙهيو به ته پُرجهيو به ۽ اها آس به رکي ته مسرور جو ايندڙ ڪتاب الاءِ ڪڏهن منظر عام تي ايندو. منتظر آهيان.

”ڪارونجهر“ - ابو رافع (Abu Rafiu)

وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو تحقيقي جرنل
 ”ڪارونجهر“
ابو رافع 

وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جو جلد ڇهون (ڊسمبر 2014) پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو آهي. هن شماري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جا ايڊيٽر ڏانهن لکيل خط، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر عبدالحنان گبول، نصير سومري، الطاف حسين جوکئي، محمد قاسم راڄپر، مجاهد حسين سولنگي، عابده گهانگهرو، طارق عزيز شيخ، علي جان ٻرڙو، امير علي شاهه، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه، ڊاڪٽر شڪيل احمد خان، اوجِ ڪمال جا مقالا شامل آهن. 220 صفحن تي مشتمل هن ڇهه ماهي جرنل جو مُلهه 200 رپيا آهي.

”ڪلاچي“ - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪراچي يونيورسٽيءَ جو تحقيقي جرنل
 ”ڪلاچي“
ابو رافع

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ”ڪلاچيءَ“ جو جلد سترهون (ڊسمبر 2014) پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن جو ايڊيٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ آهي. هن شماري ۾ ڊاڪٽر شازيه پتافي، محمد قاسم راڄپر، پروفيسر ناگپال، احسان دانش، جيئڻ خان ڪيريو، محمد آدم ٻُٽ، ريحانه نظير، ڊاڪٽر آزاد قاضي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ جا لطيفيات ۽ سنڌي ادب بابت تحقيقي مقالا شامل آهن. 200 صفحن تي مشتمل هن ڇماهي تحقيقي جرنل جو مُلهه 200 رپيا آهي.

ڪتاب: سنڌي معلم - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: سنڌي معلم
ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌ جي هاڪاري عالم، لسانيات جي ماهر، شاهه جي پارکوءَ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل هيءُ اردو ٻوليءَ ۾ اهم ڪتاب، ٻولين کي هڪ ٻئيءَ جي ويجهو آڻڻ جي سلسلي جو اهم ڪتاب آهي هيءُ ڪتاب سنڌي توڻي اردو پڙهندڙ هڪ ٻئي جي ٻولين جي باريڪين کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙي منشا موجب  لکيل سائين الانا صاحب جو هيءُ ڪتاب خاص طور اردو پڙهندڙن لاءِ هڪ معلم جو ڪم ڪندڙ ڪتاب ئي آهي. هن ڪتاب جو پڻ هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جنهن ۾ الانا صاحب ڪيترا سڌارا توڻي واڌارا ڪيا آهن، ۽ سولي اردو توڻي سنڌيءَ ۾ ٻوليءَ جي صرف نحو بابت سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هيءُ ڪتاب علمي توڻي ادبي ته آهي پر هن ڪتاب جي اصل اهميت نصابي ڪتاب واري آهي، جنهن مان نه رڳو اردو ٻولي ڳالهائنيدڙ ۽ پڙهندڙ فائدو وٺندا پر سنڌي ٻولي پڙهندڙ ۽ لکندڙ پڻ هن اهم ڪتاب مان فائدو حاصل ڪند،ا اهڙي پڪ آهي. ڊبل ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 257 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 365 رپيا آهي. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.

ڪتاب: قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو
ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌ جي قدامت ۽ ان ۾ رهندڙ قومن، قبيلن ۽ نسلن بابت هيءُ ڪتاب سنڌ جي هڪ باوقار عالم، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو چڱو ئي عرصو اڳ سنڌي بورڊ ڇپايو هئو. هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن تحت سنڌ جي تاريخ ترتيب ڏيڻي هئي ۽ ڪتاب لکرايا ۽ ترتيب ڏيارا ويا هئا. مرزا صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم قديم شهرن ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن بابت هڪ دستاويز آهي. ٻيءَ طرح مرزا صاحب سنڌ کي جيترو ڏنو آهي، سنڌ ان جو فرض ادا ڪري سگهندي به يا نه. هيءُ ڪتاب جو ستون ڇاپو آهي، جنهن مان پڻ ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب جو نئون ڇاپو نهايت سهڻي انداز ۾ شايع ٿيو آهي. پڪي جلد وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 363 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 340 رپيا آهي.

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه (جلد ٽيون) - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه
(جلد ٽيون)
ابو رافع

سنڌ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي جڳ مشهور ڪتاب جو ٽيون ۽ آخري جلد آهي، جيڪو تصوف بابت اصل فارسيءَ ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جو ترجمو مولانا نظر محمد اڄڻ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي هجريءَ ۽ تصوف بابت سنڌ جي اهم ماخذن مان هڪ آهي. هاڻ جڏهن انگريزي ٻوليءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي ۽ فارسي ٻوليءَ جا عالم ۽ ڄاڻو گهٽجي رهيا آهن، تڏهن سنڌي علم ۽ ادب بابت گهڻو الڪو وڌي ويو آهي، پوءِ به مولانا نظر محمد اڄڻ جهڙا بزرگ فارسيءَ جا ڄاڻو موجود آهن، ته انهن مان اسان جي ادارن کي فائدو وٺڻ گهرجي. اهو اهڙو فائدو هوندو جيڪو سڄي سنڌ کي هڪ اهڙي علم کان واقف ڪندو، جيڪو اسان جي نظرن کان غائب آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪتاب اسان جي اهم ماخذن مان آهي، جنهن سنڌي لباس ۾ روشني ڏٺي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي ۽ منجهس 335 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 560 رپيا آهي. پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل ڪتاب رکڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي.

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه (جلد ٻيون)
ابو رافع 

مٿئين نالي وارو نهايت اهم ڪتاب، ٻارهين صدي هجريءَ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو لکيل آهي جيڪو اصل فارسيءَ ۾ آهي. هيءُ اهم ڪتاب تصوف بابت آهي، جنهن ۾ تصوف جي واڌ ويجهه جي تاريخ سان گڏ تصوف جا مختلف مرحلا بيان ڪيل آهن. سنڌيءَ ۾ترجمو ٿيل هي اهم ڪتاب سنڌ جي اوائلي علمي ذخيري جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هيءُ ڪتاب ٽن جلد ۾ آهي، جنهن جو پهريون جلد 2012ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ڪتاب جو ٻيون جلد آهي، جنهن ۾ ڊبل ڪرائون سائيز جا 389 صفحا آهن. پڪي جلد ۽ خوبصورت پني سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل هيءُ املهه ڪتاب 670 رُپين جي ملهه وارو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل آهي.