06/02/2015

اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

وڪيل وشنداس جي لکيل

اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ

رکيل مورائي
ڪنهن زماني ۾ ٿر جي ڇيڙي ۾ آباد هڪ، ”مئو“ نالي ڳوٺڙو، ٿرَ جي سوڍن آباد ڪيو هئو، جنهن جي اڄ عمر ٽي سئو سال آهي ۽ اهو ڳوٺ اڄ اسلام ڪوٽ جي نالي سان سڃاپي ٿو، جنهن جي آدمشماري  ٽيهه هزار آهي. هن شهري کي تازو ئي تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي.
هن شهر کي ”مئو “ ڳوٺ مان ”اسلام ڪوٽ“ بڻجڻ تائين ڪيترو صفر ڪرڻو پيو آهي، اهو سمورو سفر اسان کي، ان شهر جو ڄائو، وشنداس وڪيل ٻڌائي ٿو پر زباني نه، لکت ۾. جنهن لکت کي ”اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ“ نالو ڏنو ويو آهي.

ستين آسمان جا فرشتا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نوجوان ڪهاڻيڪار ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جا اظهاريل

ستين آسمان جا فرشتا

رکيل مورائي
ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي ڪهاڻين کان اول مان سندس باري ۾ طارق قريشيءَ جي چيل/لکيل هنن لفظن سان چار سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ماڻڪ ڪنگراڻي ”ڪاڇي جي ميدانن جيڏي دل وارو ماڻهو“ آهي. ڪو به شخص ڪجهه به هجڻ کان پهريئن پنهنجي سڀاءُ مان سڃاتو ويندو آهي، ايئن ماڻڪ به!
۽ سندس ڪهاڻين جو تازو ڪتاب ”ستين آسمان جا فرشتا“ نئين ڪهاڻيءَ طور سڃاتو ويندو، ٻيءَ طرح ماڻڪ جي ننڍي عمر جون وڏيون حاصلاتون، سندس شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ سندس مرڪ آهي، جيڪا کير ٿر جي  پهاڙي جهرڻن  جهڙي شفاف هوندي آهي.

04/02/2015

هيکلو شخص برڪت بلوچ - فياض لطيف (Fayaz Latif)

هجومن ۾ هڪ هيکلو شخص: برڪت بلوچ
فياض لطيف

ڪي رواجي ۽ روايتي ماڻهو هوندا آهن. وقت سان گڏ وک کڻي هلندا آهن. جنهن رخ جي هوا لڳندي آهي، ٻيڙي جي سڙھ وانگر ان طرف رڙهندا آهن. وقت ۽ حالتون انهن جي مجبوري بڻيل هونديون آهن. انهن جي تقديرن جو تعين حالتون ۽ وقت جون هوائون ڪنديون آهن. خوشامند هنن جي قابليت ۽ موقعي پرستي سندن مزاج ۾ شامل هوندي آهي. مئل لاءِ جيئري کي ڪُهڻ هِنن جي ڏائي هٿ جو کيل هوندو آهي. هو هر موقعي کي غنيمت سمجھي، ان مان لاڀ حاصل ڪندا آهن ۽ پنهنجي غرض لاءِ هر گڏھ کي ابو چوڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا آهن. هنن جي ڪابيابي ۽ ڪامراني ايستائين قائم رهندي آهي، جيستائين منجھن ست ۽ ساھ هوندو آهي. هو پوري عمر رواجي ۽ معمولي مفادن جي پويان جيون وڃائي، جواني جوئاري جيان هارائي، پوڙهائپ ندامت ۽ پڇتاءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ جڏهن هي جهان ڇڏي ويندا آهن، تڏهن پويان ڇڏيل مال ۽ ملڪيت جي انبارن تي سندن پونئير مست اُٺ جيان اهڙو ته مارو ڪري ويهي رهندا آهن، جو انهن کان ان دولت جا ميڙيندڙ به وسري ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ اهڙي ماڻهن جا وارث فقط قبر جا جيت جڻيا ئي وڃي رهندا آهن، جيڪي پنهنجي کاڄ بڻائڻ لاءِ کين ياد رکندا آهن. اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ جڳ مشهور سرجڻهار ٽي ايس ايليٽ جي شهر آفاق نظم بنجر زمين (waste land) جون هي سٽون ڪيتريون نه ٺهڪي ٿيون اچن.

شيخ اياز جي شاعريءَ تي متقدمين جا اثر - فياض لطيف (Fayaz Latif)

فياض لطيف

شيخ اياز جي شاعريءَ تي متقدمين جا اثر

THE INFLUENCE OF SENIORS ON POETRY OF SHAIKH AYAZ


Abstract
The birth of Shaikh Ayaz is certainly 20th century mircle in Sindhi poetry and prose. He not only changed a lot with his authoritative thoughts and expressions but also bestowed a new life to Sindhi literature. He was a great intellectual asset of Subcontinent. He introduced new diction, themes, characters, rhythms, intellect and exclusive inner and objective images in his poetry. Ayaz destined to eloquent the real feelings of common Sindhi folks and pick up the social wreckage of their society to renovate their ethonational idientity, irrespective of the cultural, lingual and religious partialities.
 Shaikh Ayaz was inspired by many of his home land poets like Qazi Qadan, Shah kareem, Shah latif, Sami, Sachal and many other scholars, artists and mystics, as Shah Hussain, bulla Shah, Rumi, Hafiz, umer khayyam, kabeer, Galib, Miraan etc. Along with them a vast list of weastern poets and writers is there, whom Ayaz is intensly inspired. In this paper the comparative study of Shaikh Ayazs’ Poetry with other eastern and weastern Poets is discussed with references and try to be prove that though Ayaz has got much more from the classical as well as modern poets, intellectuals and artists but he has his own individual intellect and fragrance in his poetry and prose.

شاعرن ۽ آرٽيسٽن جي دنيا به انهن جي دل جيان وشال ۽ پکين وانگر آزاد ٿيندي آهي ۽ انهن جا خيال ۽ احساس، جذبا ۽ جولان، تخيل جي پَرن تي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ساري سنسار ۾ پرواز ڪندا رهندا آهن. جيئن پکين جي اُڏام جو آڪاش وسيع هوندو آهي، ڪائي سرحد، ڪائي پابندي سندن راهن ۽ رستن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگھندي آهي، ائين ئي شاعرن ۽ قلمڪارن جون سوچون، خواب ۽ خوبصورتيون به آزاد ٿينديون آهن. انهن جي آواز ۽ احساس جي خوشبو کي ڪائي سرحد ۽ سيما روڪي نه سگھندي آهي ۽ اها بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر ان فرد تائين پهچندي آهي، جنهن جو روح فنونِ لطيفه جي رنگن ۽ راحتن جو متلاشي هوندو آهي. اياز جو فن ۽ فڪر به اهڙين خوبين سان آراستا آهي.

03/02/2015

محبت، مزاحمت ۽ سونهن جو شاعر ــ عبدالحڪيم ارشد - فياض لطيف (Fayaz Latif)


محبت، مزاحمت ۽ سونهن جو شاعر ــ عبدالحڪيم ارشد
فياض لطيف

پيار ازل کان انسان جو حسين آٿت ۽ سُندر احساس رهيو آهي. حقيقت ۾ محبت، من ــ آڪاش جو اهڙو پنڇي آهي، جنهن پنهنجي مڌر آلاپن ۽ احساسن سان نه رڳو انسان جي دل جي دنيا کي شاد ۽ آباد رکيو آهي، پر ان پنهنجي ڪومل قرابت ۽ سُندر لطافت سان ماڻهوءَ جي فهم ۽ ادراڪ جي ڪائنات کي پڻ ڪيئي رنگينيون ۽ رونقون عطا ڪيون آهن. هن ڪاروباري ۽ منافعي خور دنيا ۾ جيڪڏهن محبتن جو وجود نه هجي ها، ته هيءَ دنيا بنھ ڇسي، بي حس ۽ بي رونق ڀاسي ها. حقيقت ۾ هن دورنگي دنيا ۾ محبت اهو معصوم جذبو آهي، جيڪو ذات پات، اميري غريبي ۽ ننڍ وڏائي جي فرق بنا هر انسان جي اندر ۾ وَسي ٿو ۽ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪائي سُٺائي ۽ سُندرتا آهي، ته اها پيار ۽ محبتن جي بدولت ئي آهي.

02/02/2015

ڪان ڪفر جي ڪک ۾ - انور سومرو (Anwar Soomro)

ڪان ڪفر جي ڪک ۾
انور سومرو
مشهور فلاسافر ڪانٽ (Kant) جو قول آهي ته: ”ڊاگميٽزم/ هٺ ڌرمي اڳتي هلي پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ صرف تنقيد ئي آهي، جيڪا نئين راهه ڏيکاريندي آهي.
”چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي“ جهڙو ڪالمي ڪتاب به هٺ ڌرمين لاءِ ”ڪان ڪفر جي ڪک ۾“ جيان تنقيدي ڇوڏا لاهيندي، هڪ ٿي جاکوڙڻ جو سنيهو ڏئي ٿو. روايتي قسم جي اڪيڊمڪ نقاد/ تبصري نگار جي ائپروچ کان هٽي ڪري هڪ تخليقي ائپروچ تي ڪاربند رهندڙ عبدالرزاق عمراڻيءَ جي لکڻين ۾ هڪ اهڙي ائپروچ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ تجسس، صاف گوئي ۽ عملي/ ادبي ديانتداري ڪارفرما هجي ٿي. هن جي لکڻين ۾ تنقيد جا چارئي لاڙا اطلاعاتي (Informational)، تاثراتي (Impressionistic)، قاعدي ۽ ضابطي پٽاندڙ (Judicial) ۽ تاثيري (Inspirational) ججهي مقدار ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.

ابن نديم جي نظر ۾ سنڌ جو علم و ادب - مختيار خاصخيلي (Mukhtiar Khaskheli)

ابن نديم جي نظر ۾ سنڌ جو علم و ادب
مختيار خاصخيلي
قديم دور کان وٺي سنڌ علم ۽ دانش جو مرڪز رهي آهي. پاڙيسري ملڪ ۽ رياستون علمي اڃ اجهائڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪندا هئا. سنڌ جي فتح کانپوءِ عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ باهمي تعلقات اڃا به وڌيا. عرب دنيا جا ڪيترائي عالم سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي عالم عرب دنيا ۾ آباد ٿيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته ”عرب دور ۾، عرب حاڪمن ڪيترن سنڌي عالمن، طبيبن ۽ ودوانن کي بغداد پهچايو. جتي انهن جي ڏاڍي قدر داني ٿي. سنڌي عالمن، مترجمن جي مدد سان علم طب، علم نجوم، علم جوتش، علم رياضي ۽ ٻين علمن تي ڪتاب لکيا ۽ ڄاڻ کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.“ عربن جي دور کان اڳ لکيل سنڌي ڪتابن کي نه صرف لائبريرين ۾ رکيو ويو بلڪه عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪيترن ڪتابن جا حوالا ملن ٿا. جن ڪتابن کي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏو نالو ابن نديم جو به ملي ٿو.

01/02/2015

ٻار اکين جا ٺار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ناميارو شاعر پريل دايو چوي ٿو
ٻار اکين جا ٺار
رکيل مورائي 
وسارڻ نه گهرجي ته پريل دايو فقط اها ڳالهه چوي نٿو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته چيل ڳالهه هوائن ۾ گم ٿي وڃڻي آهي، ان ڪري هن اها ڳالهه الڳ الڳ ننڍن ننڍن نظمن ۾ لکي محفوظ ڪئي آهي، جن سڀني نظمن کي سهيڙي هن هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني آهي ۽ ان کي هن نالو ڏنو آهي ”ٻار اکين جا ٺار“. هيءُ ڪتاب پريل دائي سنڌ جي ٻارڙن جي شعور وڌائڻ لاءِ لکيو آهي. اڄ جڏهن ٻارڙن لاءِ ادب تخليق ڪندڙ پاڻ عمر ۾ وڏا ٿي ويا آهن تڏهن ٻارڙا سندن اهميت ۾ نه رهيا آهن. سچ پچ جيڪي به اسان جا مانوارا اديب شاعر ٻاراڻو ادب تخليق ڪري رهيا آهن اهي مجموعي سنڌي ادب ۽ خاص طور سنڌي ٻارڙن تي احسان ڪري رهيا آهن.

اڄ ٻارڙن لاءِ لکيل ادب جي معرفت سندن نالو جيڪو اسانجي ٻارڙن جي ذهن تي آيو اهو ڪڏهن به ميسارجي نه سگهندو، جڏهن اهي وڏا ٿيندا تڏهن اهي، انهن نالن جو وڌيڪ احترام ڪندا، جن نالن سندن شعوري اوسر ۾ هٿ ونڊايو، ايئن اسان جو پيارو دوست پريل دايو به  انهن دلين ۾ محفوظ ٿي ويندو. ٻيءَ طرح پريل سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر آهي، پر سندس ٻارڙن لاءِ لکيل نظم بيحد سهڻا آهن، انهن جي ٻولي ۽ موضوع ٻارڙن جي مزاج وٽان آهن، جيڪي ٻارڙن جي مزاج کان مٿي آهن، انهن ۾ شاعر سندن شعور کي مٿي آڻن جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو ڪم بنيادي طور ليکڪ جو هئڻ گهرجي. پريل دائي  جو ڪتاب ”ٻار اکين جا ٺار“ ڊبل ڊيمي سائيز ۾ 63 صفحن تي ڇپيو آهي، جنهن ۾ نظمن جي مناسبت سان رنگن تصويرون پڻ ڏنل آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ خوبصورت ڪيو آهي. پڪي جلد سان رنگين ڇپائيءَ تي هيءُ خوبصورت ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، جنهن ڪري اداري جي عهديدارن ۽ اڳواڻن کي جس ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجي ذميواريون خوش اصلوبي سان نڀائي رهيا آهن، هن ڪتاب جو ملهه 125 رپيا آهي.

ٻارڙن جو شاهه - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نوجوان اديب راز شاهاڻي ٻارڙن کي سمجهائي
ٻارڙن جو شاهه
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
شاھ سائين جا بيت جيئن اسان پڙهون ٿا ۽ سمجهون شايد اسان جا ٻارڙا ايئن نه سمجهي سگهن. ۽ جيستائين اسان پنهنجي ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ شاھ سائين پڙهائي ۽ سمجهائي نٿا سگهون، تيستائين هنن جي دلچسپي انهن ڏانهن نه ويندي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ هنن جي دلچسپيءَ جا ڪيترائي واهڻ/وسيلا موجود آهن، ٻارڙن کي شاھ سائين پڙهائڻ جون ڪوششون الڳ الڳ ٿيون آهن، پر اهي اڻ پوريون آهن، ڪوششون ضرور ڪرڻ گهرجن ۽ مستقل ڪرڻ گهرجن اهڙي ئي هڪ ڪوشش، سنڌي ادبي بورڊ اسان جي نوجوان دوست راز شاهاڻي جو سهيڙيل ڪتاب ڇپائي ڪئي آهي.
راز شاهاڻيءَ شاھ سائين جا چونڊ ٻارڙن جي شعوري جي سطح کي ڇهندڙ بيت سهيڙي، انهن جي سولي سمجهاڻي سان هيءَ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جيڪو ٻارڙن جي دلچسپيءَ لاءِ گهڻو ئي مواد ميسر ڪري ٿو. اڄوڪو ٻارڙو صبحاڻي جي سنڌ ۾ شاھ کي ڪيئن پڙهندو، جڏهن هن جي شعور ۾ ئي شاھ سائين نه هوندو. ان ڪري ننڍپڻ کان ئي اسان پنهنجي ٻارڙن کي شاھ سائين جا ڪي سولا بيت پڙهڻ سيکاريون، ايئن ڪري اسان پنهنجو مست قبل محفوظ ڪنداسين.

بهرحال ٻارڙن لاءِ هيءَ هڪ اهم ڪوشش آهي، شاھ سائين کي سمجهائڻ لاءِ، ڊبل ڊيمي سائيز  ۾ رنگين پرنٽ تي ڇپيل هيءُ ڪتاب گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي. خوبصورت پني تي رنگين تصويرن سان سهڻي نموني ڇپيل هن ڪتاب ۾ 143 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 175 رپيا آهي، بورڊ جون هن قسم جون ڪوششون ياد رکڻ جهڙيون آهن.

مانجو ڪوهستان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

محترمه ج ع منگهاڻي لکي ٿي
مانجو ڪوهستان
رکيل مورائي
خاڪن جو پنهنجي نوعيت جو هيءُ نرالو ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ خاص اهميت رکندڙ ليکڪا ڀيڻ ج ع منگهاڻيءَ جي انهن سوانحي خاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪي هن الڳ الڳ وقتن تي ڪوهستان جي ڪن، اهم شخصين تي لکيا آهن. ڪتاب جي نالي مان پڌرو آهي ته هيءَ ڪتاب ڪوهستان جي ئي دائري اندر آهي ۽ ان ۾ جيڪي شخصيتون آهن انهن جو تعلق به انهيءَ علائقي  سان آهي، جنهن علائقي سان ڀيڻ ج ع منگهاڻيءَ  جو آهي، البت انهن مان ڪي شخصيتون سندس خاندان ۾ شامل آهن. جن جي صحبت  محبت ۾ رهي هن گهڻو ئي پرايو آهي.  ڀيڻ ج ع منگهاڻي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ الڳ ڏانءُ آهي ۽ سچ پچ ته اُهو سچ ته ڏانءُ هن ڪتاب جي نثر ۾ وڌيڪ اڀري ڀيٺو آهي جنهن ڪري ڪڏهن به سندس لکڻي حوالي طور ”ڪوهستاني نثر“ جي نالي هيٺ ڏئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ علائقائي خوشبو به آهي ته سٽاءُ پڻ.