17/02/2015

درد وندن جي ديس ۾ هل تون - امين چانڊيو (Ameen Chandio)

دردوندن جي ديس ۾ هل تون
امين چانڊيو
گهڙي پل ۾ دل جي ديول ۾ گهڙي ويندڙ، سنڌي ٻولي جي دلڪشن شاعر راشد مورائيءَ، سيد سعيد علي شاهه صاحب جي گهر ۾ 5 مارچ 1944ع تي تعلقي موري جي ڳوٺ (جوڻا لوءِ)۾ جنم ورتو. پوءِ دنيا دنگ رهجي وئي جڏهن سيد زادي 13 ورهين جي ٻالڪپڻي واري راند روند واري عمر ۾ شاعريءَ سان نينهن جو ناتو رکيو، نيٺ موت کي ڪو موت پوي جنهن اچي 25 مارچ 2014ع جي سانجهيءَ جو اسان کان، سنڌي ٻولي کان هڪ هيرن جو هار کسي ورتو. سندس پيش ڪيل فڪر اڄ به حقيقت جي تصوير پيش ٿو ڪري ته:
”اڌ واٽ تان واپس ٿي ورڻ ڪونه ٿو گهران
دم آهي ته ڪا هار مڃڻ ڪونه ٿو گهران
سچ آهه حياتي تي ڪوئي ڀروسو ناهي
”منزل کان اڳي پوءِ به مرڻ ڪونه ٿو گهران“
راشد مورائي جي جسماني وڇوڙي جو وَڍُ ته سنڌي ادب کي ڪاپاري لڳو آ، ان زخم تي  مرهم هڻڻ وقت جي وس ۾ ناهي، ڇو ته جيڪو قلمڪارن زندگي جي ترجماني ڪندي وڇڙي ويندو آ، عام طرح ان سماج جي زندگي جا رنگ هيڊا ٿي آخر ڌندلا بڻجي ويندا آهن. زندگي جا رنگ ان ڪري ڌنڌلا ٿيندا آهن جو انهن لطيف فن رکندڙ ماڻهن جو قول ۽ فعل ستارن جيئن جرڪندڙ ۽ اتساهيندڙ اٻوجهه ديس واسين جون راهون روشن ڪندڙ هوندو آهي.ان ڪنڊن جي راهه تي هر ڪوبه نه هلي سگهندو آ، پر ڪو ڪو بي باڪ لکاري ئي ٿي سگهي ٿو.
”هر ڪو راشد هت حقيقت آشنا ماڻهو نه آ،
”سچ چيو مون ڇو ته مان منصور جو ڪردار هوس“
”هونئن ته لکين انسان دنيا ۾، هن جو ناهي جواب
”سادو سودو ماڻهو آهي بيشڪ موتين مُل“ (راشد)
سندس ڪردار، جستجو، عمل، خدمت ۽ ان جي ڏکن، ڏاکڙن، ڪشش ڪشالن، سندس زندگي جي مختلف موڙن تي سندس ورتاءُ، لهجو، رنگ، ڍنگ اسان آڏو ٿي گذريو آهي. مان سمجھان ٿو ته پنهنجي قلم کي سڪونت اختيار ڪرايان، سندس پورهئي، فڪر، علم، آدرشن ۽ ان جي سرهي سوچ جي خوشبوءِ سان پڙهندڙن کي واس ڏياريان ته بهتر رهندو.
”گذر ٿيا سال پر پيدا نه ٿيو ڪو فرق عادت ۾
جهالت سان پيا جهيڙيون ذهينن جي قيادت ۾
زمانا! داد ڏيڻو نيٺ پوندئي منهنجي همت جو
ڏٺي هوندي ڪمي ڪڏهين نه توڪا استقامت ۾“
سندس شخصيت ڏاڍي لطف ڏيندڙ ۽ اتساهه وڌائيندڙ هئي. منهنجو پهريون شاعري جو ڪتاب ”عڪس ۾ رقص“ ڇپجي آيو ته گفٽ ڪيومانس چوٿين ڏينهن تي فون ڪري  مبارڪ ڏنائين چيومانس بابا اوهان جي همت ڏيارڻ جي ضرورت آ. چيائين همت ڀريو آهين تون، سچ پڇو همت ڀريو هوس نه پر راشد سائين جي چوڻ سان همت وڌي وئي هيم، تڏهن منهنجي ذهن ۾ سندس مشهور انقلابي غزل ياد اچي ويو هو ته:
”مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آٺا هي،
ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر،
جوکي ۾ وڌم جيءَ ڪيم جنگ امن لاءِ،
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر“
راشد مورائي جيڪا شاعري سر جي سا اثر ڪندڙ ۽ وقت جي قاتل اکين سان ڳالهائيندڙ شاعري آهي، لفظ جو لفظ ساڻ ربط اهڙو ته موتين جيان پويو اٿس جو شروعات کان اختتام تائين ماڻهو سندس سوادي ٻولي جي جادو ۾ جڙيو رهي ٿو.
علامه دائو پوٽي صاحب هڪ هنڌ نهايت اهڙن هر دلعزيز شاعرن لاءِ خوبصورت لفظ استعمال هئا ته ” شاعر اهو آهي جنهن جي دل ۾ جذبو هجي ۽ جو انهيءَ جذبي کي سهڻو لفظي لباس پهرائي سگهي“ راشد جي هن مزاحمتي نظم ۾ به جذبو ۽ لفظن جو ڪمال آهي.
”هي ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيرن جي،
مان باغي هان سو باهه ڏئي ٿو ڪريان سُڃ لٽيرن جي
هُتِ ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هِتِ توکي تياري نيرن جي
اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ جھڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي هان، مان باغي هان“
راشد مورائي جي سوچن جا سرها گل جڏهن ماڻهو جي ساڃاهه جي اڳند تي تڙن ٿا ته غير محسوس ٿيندڙ جذبا به محسوس ٿيڻ لڳن ٿا، ڇو ته سندس تخليقون مقصديت ۽ حقيقت پسنديءَ جي دنيا ۾ وٺي وڃن ٿيون، جيئن پاڻ چيائين ته:
”مقصد ساڻ سچائي گهرجي، ڳالهه آ سِرَ جي کاپي جي
جاري آهي جاري رهندي يارو جنگ جياپي جي“.
ادب جي ميدان ۾ منفرد مقام رکندڙ راشد جي قابليت، ڏات ۽ ڏانءُ  جو اعتراف اڄ جيڪو اسان سڀ ڪري رهيا آهيون تنهن جو اصل سبب ۽ منطق اهو آهي ته منفرد حيثيت رکندڙ شاعر، پنهنجي سڀني دورن جي هر پسمنظر ۾ خلوص ڀريو، آزادي جو جذبو ڏياريندڙ، ضميرن کي جاڳائيندڙ، هي ضميرن کي للڪاريندڙ، ڏکايل ۽ پيڙيل طبقي جي احساس جو اظهار ڪندڙ شاعر  آهي. سندس هن غزل مان ان نصب العين جي پرک پوي ٿي.
” درد وندن جي ديس ۾ هل تون!
راشد ساڻ ملايان توکي“

درد ئي ته زندگي جي ساڃاهه ڏيندا آهن، شاعر جا جذبا، عڪس ۽ ڏس پتو ته ڏسو، جتي پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿو، ائين جي فڪر جي ساڃاهه اها ئي ته هئي جو هن پروان ڏکن، سورن، دردن کي احساساتي طور پنهنجو سمجھي انهن سان نبرندو رهيو.

14/02/2015

ڪوتا ڪتاب ”خاموش لفظن جو رقص“ - عباس ڪوريجو ۽ علي ضمير سنڌي (Abbas Korejo & Ali Zameer Sindhi)

ڪوتا ڪتاب ”خاموش لفظن جو رقص“ جي
ٽن ”سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي“ رنگن تي مختصر نهار
عباس ڪوريجو ۽ علي ضمير سنڌي

هِنَ وِشال سنسار جا سهسين رنگِ منظر ــ ڏيک ۽ مظهرَ، اتهاس، وقت ۽ تاريخ جي طاقتور تحريڪَ هئا تَبدلَ۽ تَـغَـيُـّرَ جا ويس پهريندا، ڪنهن رمتي جوڳيءَ جيان رمندا مارڳ مٽيندا پئي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو ائين جاري ساري آهي. ڪي فرد، گروهه ۽ قومون پنهنجي وجودي ـــ هستين کي وقت جي يا تاريخ جي اَٽلَ اَمَرُ کي اکين تي رکي مڃتا ڏينديون پئي رهيون آهن. فردن ــ گروهن ۽ قومن جي وجودي هستين جي احساسَ، ادراڪ ۽ عمل جي سدا سُرهي سُرهاڻ، هر ايندڙ اڍ/نسل کي سداسُرها سُواس ارپيندي پئي رهي آهي ۽ ارپيندي رهڻي آهي. اکيون ۽ آڱريون، دماغ ۽ دليون ته خاموشيءَ جي خمارن ۾ کوئجي وڃڻيون آهن. مگر سندن سرت ۽ سعيا، سرگرميون ۽ سرجوشيون جيئريون جاڳنديون رهڻيون آهن. اکيون ۽ آڱريون، دماغ ۽ دليون زندگيءَ جي ڪتاب وسطي سهيڙ. سڳنڌ ۽ سرجڻتا جي ڪنهن سربستي سيوا ڪار سمان آهن. سنڌي ساهت ۾ اسان کي پنهنجي سنڌ ساڻيههَ جهڙي سپرين سهيوڳي سٿ جي جن ساهتڪارن، ساهت جي سُواسن سان نت نٺهائي سان پئي نوازيو آهي. تنهن سٿ مان ئي ڪوتاــ ڪلا جي ڪومل ڪَلَپِنائنِ جو ڌڻي ڪلاڪارُ سائين شبير لاکي جي تخليقي پرت ـــ وندي پورهئي جي شايد، هيءَ پهريٽي پاکر آهي جيڪا اسان کي اسان جي سنڌي ساهت کي ارپيل آهي.

13/02/2015

شير مير بحر - اعجاز علي خواجا (Aijaz Ali Khwaja)

شير مير بحر: فن ۽ شخصيت
تبصرو ڪندڙ: اعجاز علي خواجا
مولائي ملاح پاڻ به ضلعي نوشهروفيروز سان واسطو رکي ته سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو مهمان ڪردار ملهه پهلوانيءَ جي فن کي عروج بخشيندڙ، ڏيهان ڏيهه نالو ڪڍائي، رستم سنڌ جو لقب حاصل ڪندڙ ۽ خوبصورت قدڪاٺيءَ واري شخصيت، شير سنڌ شير مير بحر به، جنهن جي زندگيءَ، شخصيت، تاريخ ۽ فن تي، هن جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي سموري سفر کي ميڙي سيڙي، سهيڙي، وڻان وڻان ڪاٺي گڏ ڪري، ان کي مالا وانگر هڪ ڌاڳي ۾ ئي ٺاهوڪو سريلو، قيمتي ۽ ضخيم ڪتاب جوڙي، ڇپائي ڪري پيش ڪيو آهي.
هونءَ ته سنڌي ادب ۾ ماٺار، بي حسي ۽ ويڳاڻپ گهڻي وقت کان ڇانيل آهي ته ادبي ادارن ۽ ادبي جي گهڻگهرن دوستن جي ۽ جاکوڙ کان پوءِ ٽٽي چڪي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ ڪجهه ورهين کان بيش بها اضافو ٿي رهيو آهي. ڪتاب ۽ نڪور لکڻيون سامهون اچي رهيون آهن، جن جي ڪيتري به تعريف ڪجي ته ٿوري ٿيندي، پر چوڻ م ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿو لڳي ته مولائي ملاح جي ڪوشش، ڪاوش ۽ کوجنا ”شير مير بحر فن ۽ شخصيت“ جو منظر تي اچڻ يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت تحقيقي واڌارو آهي.

ٻه روسي ناوليٽ - ابو رافع (Abu Rafiu)

ٻه روسي ناوليٽ

”جميلا“ ۽ ”دوشين“

ابو رافع

  ان ڳالهه چوڻ/لکڻ جي ڪا خاص گهرج به نه آهي ته سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي اديب تي دنيا جي ادب مان جنهن گهڻو اثر ، اهو روسي ادب هئو. اها به حقيقت آهي ته 1917 جي آڪٽوبر انقلاب دنيا جي تاريخ ۽ سماج تي جيڪي اثر ڇڏيا اهي اڄ تائين موجود آهن. ٻيو سبب اهو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جن حالتن مان گذري آهي، ۽ اڃا به گذري رهي آهي. انهن حالتن سنڌي اديبن کي ٻاهر نهارڻ ئي نه ڏنو ۽ اهڙين حالتن ۾ دنيا جي وڏي حصي وانگر روسي ادب سنڌي ماڻهن جي به حوصلي افزائي ڪئي ۽ سنڌي اديب ان کان گهڻو متاثر ٿيو.
انهن حالتن ۾ ڪيترا روسي اديب ۽ سندن لکڻيون سنڌي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي من ۾ واسو ڪري ويٺل هُئا. ڇاڪاڻ ته اُهي سڀ هڪ طئي ڪيل راهه/آدرش لاءِ وڙهي رهيا هئا. انهن اديبن مان هڪ نالو چنگيز اعتماتوف جو به هو، جنهن جي لکڻين ۾ هڪ ئي وقت عشق ۽ انقلاب موجود هُئو. جيئن اڪثر روسي اديبن جي لکڻين ۾ موجود هوندو هو. اهو ڪيترو حيقيقي هُئو يا نه هُئو ان لاءِ هڪ الڳ اڀياس جي گهرج آهي.

پيار جو ٽڪنڊو - ابو رافع (Abu Rafiu)

سنڌي ادب ۾ هڪ نئون تجربو

”پيار جو ٽڪنڊو“

ابو رافع 

اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ادب جون تخليقي صنفون، غير تخليقي صنفن جي آڏو هار مڃي رهيون آهن ۽ پوئتي پئجي رهيون آهن، پر چاليهه سال اڳ تخليقي صنفن ۾ ڪهاڻي ۽ ناول کي گهڻي اهميت هئي. ائين ناول دنيا جي ادب ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي بيٺو رهيو. ان ۾ به روسي ناول جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ بڻجي بيٺي. اها به واڌو ٻي ڳالهه آهي ته ان ناول جي ٻاهران اڳ ئي طئي ڪيل دائرو موجود رهيو. جنهن جي خلاف نه رڳو روس جي ڪن اديبن مزاحمت ڪئي پر روس کان ٻاهر ڪيترائي ناول اهڙا آيا، جن روسي پولٽ بيورو جي سختگتريءَ جي مخالفت ڪئي، خاص طور سولزي نسٽن جي ناول، ”ڪينسر وارڊ“ جو ذڪر عالمي ادب ۾ گهڻي اهميت وارو بڻيو.
ان بحث ۾ وڃڻ کان الڳ ٿيندي مان ان تجربي ڏانهن اچان ٿو جيڪو ناول جي صنف ۾ هند ۾ هڪ نئون اظهار کڻي آيو ۽ اهو به سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو تجربو، سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندڙ دادا هري موٽواڻيءَ جي هند ۽ سنڌ کي جوڙيندڙ رسالي ڪونج جي پرچن ۾ قسطوار شايع ٿيو. هيءَ تجربو ڪيترو ڪامياب ويو ۽ ڪيترو ناڪامياب اهو سنڌ جي اڪثر اديبن جي علم ۾ نه آهي ڇاڪاڻ ته هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ ڪتابن جي مٽاسٽا لاءِ هميشه بندش رهي آهي. تنهن هوندي به ڪونج جا اهي پرچا سهڻي جي سرواڻ طارق اشرف جي معرفت ڪن اديبن تائين پهچندا هُئا. ائين اهو تجربو هاڻ گڏيل صورت ۾ سنڌ ۾ هڪ ناول جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن جو نالو آهي ”پيار جو ٽڪنڊو“.

جنهن دل پيتا عشق دا جام - فياض لطيف (Fayaz Latif)

جنهن دل پيتا عشق دا جام
 فياض لطيف
تصوف دل جي دنيا آهي ۽ دل جي دنيا کي، حُسن ۽ حقيقت جو هڪ پنهنجوحسين جهان هجي ٿو. دنيا ۾ جن ماڻهن دل جي راه ورتي آهي، انهن کي دنيا جا رند ۽ پنڌ راس نه آيا آهن ۽ جن دنيا جو دڳ ورتو آهي، انهن کان دل جو دڳ وڃايل ئي رهيو آهي.
دنيا جي دڳ ۾ ڪنڊا ۽ ڪدورتون آهن. دوکا ۽ فريب آهن، پر دل جي دڳ ۾ پيار ۽ پريت آهي. خواب ۽ خوبصورتيون آهن ۽ وڏي ڳالھ ته ان ۾ عشق جو آجپو ۽ آجپي جو عشق به آهي، ته موھ جي مجذوبي ۽ مجذوبيءَ جو موھ به. تڏهن ئي ته سچل، سرمست بڻجي، ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
گِھڙن جي گھيڙاءُ، تانگھو عشق تن جو
جن کي عشق عليل ڪيو،سي اينديون اوَتڙاءُ
جي سُور چَکنديون سُاءُ،ميهر سي ماڻينديون!

10/02/2015

سجاد مهر جي روح جو رقص - محمد سليمان وساڻ (Muhammad Suleman Wasan)

سجاد مهر جي روح جو رقص
تحرير: محمد سليمان وساڻ
خوبصورت شاعر ۽ تخليقڪار سجاد مهر جي شاعريءَ جو ڇپيل پهريون ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سجاد مهر جي شاعري هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا سان گڏ مختلف ادبي مخزنن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ سندس شاعريء کان متاثر ٿي انهن تي پنهنجا تعريفي رايا به لکندو رهيو آهيان. شاعريء جي ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ يا ان تي تنقيد لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ان ڪري ته مان پاڻ ڪو شاعر ناهيان.
سجاد مهر سان پهرين ملاقات ۾ شاعري، ادب ۽ تعليم ئي گهڻو ڪري زير بحث رهيا هيا. وقت گهٽ هيو ۽ ڳالهيون گهڻيون، تنهنڪري ان محدود وقت ۾ اهو بحث اڻپورو ئي رهجي ويو. سجاد ڇو ته هڪ سٺو ڪالم نگار به آهي تنهنڪري سندس شاعريء ۾ سماجي انارڪي، ڏاڍ، محبت، عشق، پنهنجائپ، بي وفائي جهڙا موضوع نمايان نظر اچن ٿا. سجاد مهر شاعريءَ جي ڪهڪشان جو اهو اڀرندڙ ستارو آهي جنهن وٽ موضوعن جي گهڻائي ۽ سولي ٻولي جي استعمال ۽ لفظن جي جڙيل سهڻي مالا کيس چمڪ ڏني آهي.

09/02/2015

وينا شرنگي -علي نواز آريسر (Ali Nawaz Areesar)

پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا
وينا شرنگي
علي نواز آريسر
آءٌ اڃا سنڌ ۽ هند جي ناليواري ليکڪا، شاعره، سفرنامانگار، محقق ۽ آل انڊيا ريڊيو جي پهرين سنڌي براڊڪاسٽر محترمه وينا شرنگيءَ جي سنڌ جي سفرنامي  ’پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا‘ جي سحر مان نڪري نه سگهيو آهيان. وينا جو هي سفرنامو، مون گهڻو اڳ ۾ پڙهيو هو، پر تڏهن آءٌ اڃا شعوري طور بالغ نه ٿيو هئس، تنهنڪري هن سفرنامي مون تي ڪو خاص اثر نه وڌو هو، پر اڄ جڏهن ٻيو ڀيرو پڙهڻ جو موقعو مليو ته هن سفرنامي جي سحر ۾ جڪڙجي ويس. هيءُ نه يورپ جو سفرنامو آهي ۽ نه يونان جو، نه سنگاپور جو، نه انگلينڊ جو، پر هي سفرنامو هن جي پنهنجي ماتر ڀومي، پنهنجي جنم ڀومي، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سنڌ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ هُن سنڌوءَ جي وهڪري وانگر وهندڙ يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ مان وهي نڪري ٿي سنڌوءَ جي امرت ڌارا!

07/02/2015

قاضي عبدالحي قائل هڪ خوبصورت نثر نويس - فياض لطيف (Fayaz Latif)


قاضي عبدالحي قائل هڪ خوبصورت نثر نويس
فياض لطيف
ساڳي خوشبو ڏين، ڇڄي گل گلاب جا
وڃي امر ٿين،  ڪوي مرن ڪينڪي.
                                  (شيخ اياز)
ڪي ماڻهو پنهنجي انفرادي ۽ شخصي ڪردار ۾ فقط پنهنجي ذات ۽ زندگي جي فلاح ۽ بهبود تائين محدود هوندا آهن. انهن جو هر عمل صرف پنهنجي ذات جي سنوار، سڌار، ترقي ۽ ترويج لاءِ هوندو آهي. هنن جي جاکوڙ ۽ جستجو فقط پنهنجي سک ۽ سهنجائي خاطر هوندي آهي. هو فردي آسائش ۽ آجپي کي ئي مقصدِ حيات سمجھندا آهن ۽ پنهنجي غرض لاءِ هر حد پار ڪري گذرڻ جا قائل هوندا آهن. سندن سموري زندگي عيش عياشي ۽ دولت جي پويان ڊوڙندي اجائي اڊمبر ۾ گذري ويندي آهي, هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندا آهن.
 ڪي ماڻهو پنهنجي ذاتي ڪردار ۽ عمل ۾ انتهائي اڪيلائي پسند، ڪُنڊائتا ۽ گوشا نشين هوندا آهن. هو نه ڪنهن کي ڏيندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏکائيندا آهن. پنهنجي ئي ڌيان ۽ گيان ۾ گم وجود جون وارتائون ووڙيندا رهندا آهن. هو خود شناسيءَ ۾ ئي خدا شناسي جا قائل هوندا آهن. هن گدلي سينور جھڙي دنيا کان دور پنهنجي ئي ”ڏک سُکن“ جي دنيا آباد ڪري پنهنجي پرينءَ کي پرچائڻ ۽ روح کي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان کي ئي جيون جو حقيقي مقصدِ حيات سمجھندا آهن. حافظ شيرازي جيان هُنن لاءِ دل جي ڪُنڊ  ئي ڪائنات سمان هوندي آهي، پر هن ڪل جُڳ جي جھان ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جو جيءُ جياپو سڳنڌ جيان هوندو آهي. هو جتي به هوندا آهن، پنهنجي علم، عمل ۽ ڪردار جي خوشبو سان ان وستي ۽ واهڻ کي واسي ڇڏيندا آهن. هو پنهنجي ذات ۾ ان سج وانگر هوندا آهن، جيڪو بنا ڪنهن فرق جي ساري سنسار سان پنهنجي جوت جا ڪرڻا ونڊيندو ۽ ورڇيندو رهندو آهي. هنن جو هر عمل ۽ احساس انسانيت جي خدمت لاءِ هوندو آهي. هو گلن جيان جيون ڀر ماڻهن ۾ پنهنجي اخلاق، علم، اُنس ۽ خيرخواهي جون سڳنڌون ۽ خوبصورتيون ورهائيندا آهن ۽ وڇڙڻ کان پوءِ پنهنجي پويان عمل ۽ ڪردار جا اهڙا ٻج ڇڏي ويندا آهن، جيڪي کين هڪ لازوال ۽ امر جياپو ارپي ڇڏيندا آهن. سائين قاضي عبدالحي قائل جو شمار به اهڙن سُماني ۽ سُلڇڻي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.
هو  جو  سرءُ  واءُ  ۾، ڇڻي  ويو  گل
هر هر تنهن جو هُل، ڦلواڙيءَ جي واس ۾.
 قاضي عبدالحي قائل بنيادي طور تي استاد هئا. پاڻ ظاهري ڏيک ويک ۾سادا، سٻاجھا ۽ عام، پر علم ۽ عمل ۾ گوهرِ ناياب هئا. هڪ عام ۽ روايتي استاد جي نسبت هو خود دار، کرا، محنت جي عظمت ۾ ايمان رکندڙ ۽ غير روايتي معلم هئا. اهو ئي سبب آهي، جو اسڪول کان پوءِ ساري حياتي سندن گھر غريب شاگردن لاءِ فري بورڊنگ هائوس ۽ معاوضي بنا ٽيوشن سينٽر بڻيل رهيو، جتي پاڻ نه فقط اڻ ڳڻئي مستحق ۽ مفلس شاگردن جي مالي سهائتا ڪيائون، پر انهن جي اولاد وانگر علمي ۽ اخلاقي تربيت ڪري، انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي قابل پڻ بڻايائون. اڄ سندس انهن شاگردن مان ڪيئي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اعلى عهدن ۽ حيثيتن تي فائز آهن. سندن هڪ لائق شاگرد عبدالقادر منگي پنهنجي استاد جي وڇوڙي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجن احساسن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ”سائين قاضي استاد جو نمونو هيو. ٻاهران اکروٽ وانگر سخت اندران گدري جھڙو نرم. استاد جو احترام ڪئين ٿيندو آهي، اهو کيس ڏسي ۽ هاڻي ياد ڪري محسوس ڪري سگھجي ٿو. شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿيندو هيو، ته سائين قاضيءَ جو ڀو کڻي ۽ فارغ التحصيل ٿيندو هيو، ته سکيا جا موتي ميڙي...استاد جو لفظ زبان تي ايندو، ته سائين قاضيءَ جي شخصيت ذهن جي اسڪرين تي اڀري ايندي.“(قاضي منظر،1992ع ص41)
قاضي صاحب پنهنجي وجود ۾ علم ۽ فهم جو ڀنڊار هو. هن پنهنجون علمي صلاحيتون نه فقط تعليمي ۽ تدريسي شعبن ۾ صرف ڪيون، پر ان سان گڏوگڏ هُن ادب، صحافت، اشاعت، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پڻ خوب پاڻ ملهايو. سندس شخصيت جا اهي ستئين انڊلٺي رنگ پنهنجي پنهنجي حوالي سان ايترا ته اهم ۽ وقعت وارا آهن، جو انهن مان هر هڪ تي، دل گھڻو ڪجھ لکڻ گُھري ٿي، پر جئين ته  مون کي قاضي صاحب جي شخصيت جي ادبي پهلو، ۽ اهو به خاص ڪري سندس نثر نويس واري حوالي تي، ڪجھ لکڻو آهي، انهيءَ ڪري آءٌ هتي ڪوشش ڪري سائين جي تخليقي ۽ پُرتاثير نثر مان ڪجھ خوبصورت رنگن جون جھلڪيون پيش ڪندس، جنهن مان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگھبو، ته هن وينجھار جو وکر ڪيترو نه اَمُلھ ۽ انوکو هو.
سائين عبدالحي قائل کي ادب سان دلچسپي پنهنجن وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. سندن والد قاضي عبدالحق ۽ چاچو حڪيم قاضي عبدالله پنهنجي وقت جا وڏا عالم، ادب ۽ انسان دوست ماڻهو هئا، جن جي صحبت مان سائين قائل علم، ادب، سچائي، سادگي ۽ انسان دوستيءَ جا سندر سبق پرايا ۽ پاڻ ان علمي ۽ ادبي  روشنيءَ کي پنهنجي پوين تائين جنهن احسن نموني سان پهچايو اٿائون، اهو سچ ته ڏاڍو موهيندڙ ۽ مثالي آهي. سندن اها علمي ۽ ادبي پوکي ئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي چند ادبي خاندانن ۾ رتيديري جي ”قاضي ادبي ڪٽنب“ جو نالو وڏي عرصي کان پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ماڻي چڪو آهي. علم تدريس، ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ هن خاندان جو ڪم ۽ ڪردار انتهائي اهم ۽ مثالي آهي. مصوري ۽ مجسماسازيءَ ۾ قاضي منظر ۽ خضر حيات، شاعري ۽ نثرنويسيءَ ۾ قاضي مقصود گل ۽ ياسر ۽ تعليمي ميدان ۾ قاضي اختر حيات جي خدمتن کي ڪنهن به طور تي فراموش ڪري نه ٿو سگھجي ۽ هن پوري ادبي ڦلواڙي جا باغ بان بلاشڪ  ته سائين قاضي قائل ئي آهن.
جي  تون  سرجڻهار،  جيءُ  انوکو جڳ ۾؛
واري  پنهنجي  جندڙي  جوڙِ اهو  جنسار،
توکان پو سنسار، سرسُ ٿئي ڪجھ سونهن ۾.
ادبي کيتر ۾ سائين قائل جي پهرين سڃاڻپ هڪ سڄاڻ ۽ سُچيت شاعر واري آهي، پر پاڻ پنهنجن احساسن، خيالن، خوابن ۽ فڪري خوبصورتين کي نثر ۾ پڻ اظهاريو ۽ اوتيو اٿائون، جيڪو به سندن نظم جيان سولو، سادو ۽ سوادي آهي. عام لکڻين وانگر هن جي نثري تحريرن ۾ لفظن جي اجائي پٽاڙ ۽ ڊيگھ نه آهي، پر انهن ۾ سلاست، سادگي، مقصديت ۽ اظهار جو تُز انداز ملي ٿو، جيڪو سندس لکڻيءَ کي روايتي ليکن کان الڳ پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ ۽ حيثيت عطا ڪري ٿو.
سائين جي نثري تخليقن جو توڙي جو ايڏو وڏو تعداد ڪونهي، پر ان جي باوجود جيڪو مواد ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، ان جو جيڪڏهن تجزياتي جائزو وٺنداسين، ته اهو هيٺين پنجن مختلف موضوعن تي مشتمل نظر ايندو.
1.       اصلاحي مضمون
2.       معلوماتي مضمون
3.        تحقيقي ۽ تاريخي مضمون
4.       مزاحيه ۽ تفريحي مضمون
5.       شخصيتن جا سوانحي خاڪا وغيره
قاضي صاحب جي نثري تحريرن ۾ لفاظي ۽ مبالغي بدران مقصديت ۽ اصلاح جا نقطا جابجاءِ ملن ٿا. هو عملي طور تي خود برجُستو ۽ جاکوڙي ماڻهو هو، انهيءَ ڪري سندس تحريرون سچائي، جدوجھد ۽ انسان دوست قدرن جون پرچارڪ ۽ چڱائي جو درس پيش ڪن ٿيون. هن پنهنجي علمي ۽ عملي زندگيءَ ۾ سماج کي سدائين نيڪي، محبت، شعوري بيداري ۽ جرئت سان جيئڻ جا سبق سيکاريا، سندس تحريرون انهن ئي قدرن جو عڪس ۽ آئينو آهن. سندس اهڙين اصلاحي تحريرن ۾”مغل شهزادو بيوسيءَ جي حالت ۾، فرشتو ۽ نوشيروان عادل“ قابل ذڪر آهن.
سائين قائل جون نثري تخليقون جتي انفرادي ۽ سماجي اصلاح جا گس ۽ پيچرا پسائين ٿيون، اتي اهي ڄاڻ ۽ ججھي معلومات پڻ فراهم ڪن ٿيون. ان حوالي سان ”سفينئه صحرا يا خشڪيءَ جو ٻيڙو“ جي عنوان سان اٺ تي لکيل   سندن مضمون نه فقط  تحريري اندازِ بيان جو شاهڪار آهي، پر اٺ جي حوالي سان ڏنل ايتري مفصل معلومات حيران پڻ ڪري ڇڏي ٿي. اٺ جي جسماني ڍانچي جو تفصيلي خاڪو، ان جي مضبوطي ۽ صحرائي سفر ۾ چستي ۽ تيزيءَ سان هلي سگھڻ جي ڪارڻن ٻڌائڻ کان وٺي، ان جي مختلف ٻولين ۾ مختلف نالن، ان جي قسمن، جنس ۽ عمر جي لحاظ کان مقرر نالن، رنگن، عادتن، اٺ بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج چوڻين، ۽ اٺ جي بيمارين ۽ علاج جي تجويزن تائين، مضمون ۾ ڏنل معلومات پڙهي ۽ پسي، قاضي صاحب جي علم ۽ دانش، جاکوڙ ۽ جستجوءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي. مضمون  پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، ڄڻ قاضي صاحب ڪو پارکو اوٺوال آهي، جنهن اٺن جي وڳ سان وڏي عمر گذاري آهي ۽ پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ مان انهن بابت مضمون ويهي تحرير ڪيو اٿائين. ان مضمون مان سندس اندازِ بيان جي سادگي ۽ ڄاڻ خزاني جو هي حسين مثال ته ڏسو:”اٺ هڪ ڪارائتو جانور آهي. هي ڪيترو وقت کاڌي ۽ پاڻي کان سواءِ پنهنجو سفر جاري رکي سگھي ٿو. خاص طرح هي جانور صحرا ۾ تيزي ۽ چستيءَ سان هلي سگھي ٿو. هن جا موڪرا وڇايل پير، جن کي عام ٻوليءَ ۾ داڦوڙا چئجي ٿو، سي کيس واريءَ تي هلڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. صحرا ۾ تيز رفتاريءَ سان هلڻ ڪري کيس ”سڪيءَ جو ٻيڙو“ يا ”سفينئه صحرا“ به چئبو آهي.
اٺ کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: ڪرهو، ڏاگھو، ميو، توڏو، گورو، ليڙو، اوڳو وغيره. ان کي عربي ۾ جمل، فارسي ۾ شتر، سنسڪرت ۾ شٽر، ڪوهستاني ۾ باريگ، پراڪرت ۾ اُٽ، هندي ۽ اردو ۾ اونٺ چون ٿا...اٺ ٽن چئن سالن ۾ سامائبو آهي ۽ ڄڻڻ ڄڻائڻ لائق ٿيندو آهي. اٺ جي نر ڦر کي گورو ۽ مادي کي گوري چون. ٿر ۾ گوري کي پانگڙ ۽ گوريءَ کي توڏي ڪوٺن. اٺ جي مادي کي تڙاڦ يا ڏاچي چون. ڏاچين جي ميڙ کي وڳ ۽ اٺ جي ميڙ کي گلو سڏيندا آهن. اٺ جي پير کي تڙاڦ، چنگل يا داڦوڙو چون. ڏاچي يارهين ٻارهين مهيني ويامندي آهي، سندس کير ٿورو ڪسارو ۽ کٽو ٿيندو آهي، جيڪو جلندر جي بيماري لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو. ڏاچي جي کير مان ڏهي ۽ ڌونئرو ڪونه ٺهندو آهي....اٺ جي تازي ڄاول ڦر کي گورو، ٻن سالن کان پوءِ گوري کي مازدا يا اٿوڙ، ٽن سالن کان پوءِ ٽهاڻ يا ڪنواٽ، چئن سالن کان پوءِ ان کي چوگو يا چوسالو، پنجن سالن کان پوءِ دوٰنڪ، ڇهن سالن کان پوءِ ڇڳو، ستن سالن کان پوءِ پڪو ڇٽ ۽ اٺن سالن کان پوءِ ان کي تج سڏن. اٺ جڏهن نيش يا ڪير ڪڍندو آهي، ته اها ان جي ڦوھ جواني هوندي آهي. ٻارنهن تيرنهن سالن ۾ اٺ پيريءَ ۾ پير پائيندو آهي ۽ ان کي ارموش، ڪلپور يا ڏاگھو سڏيندا آهن.“ (قاضي منظر 1992ع ص102)
مضمون ۾ ڇا ته علم، لوڪ دانش، تحريري فصاحت ۽ بلاغت جي پالوٽ آهي! مضمون پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ جي من ۾ خود بخود هڪ عجيب سرهائي ۽ سرت جي جوت جاڳي پوي ٿي. ويتر سون تي سُهاڳي واري ڳالھ اها ٿي آهي، جو  آخر ۾ قاضي صاحب، شاھ سائين جي شاعري ۾ اٺ جي ذڪر وارا بيت ڏئي مضمون کي نه صرف وڌيڪ مفيد ۽ مُلهائتو بڻائيو آهي، پر شعرن جي چاشني ڪري تحرير اڃان به پُرتاثير ٿي پئي آهي ۽ اها ئي سائين قائل جي نثر جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي آهي.
سائين عبدالحي قائل تاريخي ۽ تحقيقي نوعيت جا  مضمون پڻ لکيا آهن، جن ۾”ڪوھِ نور هيري جي حقيقت، ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾، ۽ خيرو ديرو مکيه ڳوٺ“ شامل آهن. هنن مضمونن ۾ سندس اظهار سليس ۽ انداز مدلل آهي، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ اُڪتاهٽ بدران ڪجھ حاصل ڪرڻ ۽ پلئه پائڻ جو احساس ۽ اطمينان نصيب ٿئي ٿو. سندس نثر ۾ نه صرف لفظي رواني ۽ ٻوليءَ جو ٺهڪندڙ ۽ تُز استعمال موجود آهي، پر شاعر هجڻ ڪري ان ۾ خيال جي انوکي اڏام ۽ احساساتي حسناڪي  پڻ محسوس ٿئي ٿي، جنهن جي هڪ سُندر جھلڪ ”افلاطون، وريل فقير ابڙو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ وتايو فقير“ تي لکيل سندس سوانحي خاڪن ۾ چڱيءَ پَرِ پَسي سگھجي ٿي. جيتوڻيڪ قاضي صاحب پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ انتهائي سنجيده ۽ برد بار هئا، پر سندن طبيعت ۾ ملنساري ۽ مزاح جي حس موجود هئي، اهو ئي سبب آهي، جو ”مولڻ موالي، عقل دي ڊوڙ، ڪاريءَ تي پير، ڪمن ڪوريءَ جو بخار ۽ انجيڪشن“ جھڙيون حسين طنز ۽ مزاح واريون تحريرون تخليقي سگھيا آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ چپن تي نه صرف مرڪون پکڙجي وڃن ٿيون، پر انهن ۾ هڪ چڀندڙ احساس ۽ نصيحت ڀري چُهنڊڙي به موجود آهي، جنهن مان هڪ حساس ۽ سُچيت ماڻهو گھڻو ڪجھ پائي ۽ پُرجھي سگھي ٿو.  
 شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته،” نثر پنڌ ڪندو ۽ شاعري رقص ڪندي آهي.“ سائين قائل جي نثر کي جڏهن پڙهجي ٿو، تڏهن سچ ته اهو ڪٿي خيالن ۽ دليلن  جي دڳ تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿو، ته ڪٿي اظهار ۽ احساس جي راهن ۾ مور جيان رقص ڪندي محسوس ٿئي ٿو.

افضل سليمان قاضيءَ جو ڪتاب - يوسف شاهين (Yousif Shaheen)

افضل سليمان قاضيءَ جو ڪتاب
”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام“
يوسف شاهين
نه واهي، نه ويڄُ، نه مُک، نه مسيحُ،
ڏسي حال ڏيههَ جو، جُهري پيم جيءُ،
عجبَ منجهان ايءُ، اوريم سُور اُڀ سين. -يوسف
جُهرندڙ جيءَ سان فضل سليمان قاضي سنڌ جا سور سنڌين سان اورڻ لاءِ هڪ ڪتاب قلمبند ڪيو آهي، جنهن جو نالو رکيو اٿائين: ”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام“. دراصل هيءُ ڪتاب گذريل 66 سالن دوران، سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو ڪچو چٺو آهي، جنهن ۾ هن مرد مجاهد ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان ويندي اڄ تائين ڪيئن سنڌين کي ڦريو ويو، ڪيئن هنن جا پيداواري وسيلا ۽ روزگار جا حق ماريا ويا، ڪيئن سنڌين کي بک، بدحالي ۽ غربت ڏانهن ڌڪيليو ويو آهي. اُهو هڪ طويل ۽ دردناڪ داستان آهي، جنهن لاءِ مصنف ڪيترائي دستاويزي ثبوت، مختلف تاريخدانن ۽ عالمن جي لکيل متعلقه ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن.
سڀ کان اول مصنف جناح صاحب جي هڪ ابتدائي تقرير  ۽ 1940 واري ”قرارداد لاهور“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ مسلمان اڪثريت وارين رياستن يا صوبن کي اهو يقين ڏياريو ويو هو ته اُهي آزاد ۽ خومختيار هونديون. انهن کي آزاد رياست (State) جو درجو حاصل رهندو. مرڪز وٽ فقط دفاع، مواصلات ۽ خارجه معاملن واريون وزارتون هونديون. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خاص طور سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست بدران ڪالونيءَ طور هلايو ويو. اهو سنڌ سان پهريون دوکو ٿيو. ايتري قدر جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪا پهرين ڪابينا ٺاهي ويئي، ان ۾ ڪوبه سنڌي وزير نه کنيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سنڌين جو خواب بيسود ثابت ٿيو.
مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ 1935 واري صوبائي قانون تحت سنڌ کي جيڪا صوبائي خودمختياري حاصل ڪئي، اها به ختم ٿي ويئي. سنڌ کي سيلز ٽيڪس (Sales Tax) اوڳاڙڻ جو حق حاصل هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو به ڦرجي ويو. پاڪستان تي ٿاڦيل پهريون وزيراعظم لياقت علي خان حيران ڪندڙ ڳالهه ڪئي ته ”صوبا فقط انتظامي سهوليت لاءِ وجود رکن ٿا.“ مصنف لکي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ شرط تڪراري فيصلا ڪيا ويا جن ۾ ننڍن صوبن جي قيادت ۽ عوام کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو. سنڌ جون زمينون، مالياتي وسيلا ۽ نوڪريون ”قبضه گروپ“ جي حوالي ڪيون ويون.
ڪراچي شهر ۾ مهاجرن سنڌي هندن جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ کين پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو جنهن عهدو سنڀالڻ شرط 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ نواب شاهه جي ڪليڪٽر مسعود کي لاهور موڪليو ويو، جتان هو مهاجرن جون ته ٽرينون ڀرائي نوابشاهه پهتو، جتي انهن کي آباد ڪيو ويو.
مارچ 1948ع ۾ جناح صاحب مشرقي پاڪستان جو دورو ڪيو، جتي هن پلٽن ميدان ۾ اعلان ڪيو ته هاڻ اڙدوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏجي ٿو، جيڪا دراصل فقط ٻه سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي هئي. ايڏي وڏي فيصلي بابت پاڪستان جي سياسي اڳواڻن سان مشاورت نه ڪئي ويئي. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان سنڌي عوام سان ڪهڙيون ناانصافيون ڪيون ۽ ڪيئن انهن کي پوئتي ڌڪيليو، ان جا مصنف ڪيترائي مثال .قلمبند ڪيا آهن.
اڳتي هلي مشرقي پاڪستان جي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي. هنن جي اڪثريت واري حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب وارن برابري (Parity) جو ڪوڙو نعرو هڻي ”ون يونٽ“ قائم ڪيو. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو. سنڌ جي تاريخي حيثيت، سنڌ جو نالو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪڙي ئي ڌڪ ۾ ختم ڪيو ويو. ون يونٽ جي آڙ ۾ پنجاب وارا پاڪستان جون 90 سيڪڙو نوڪريون ۽ 90 سيڪڙو آمدني کائي ويا. ايتري قدر جو زڪوات جو پيسو به نه ڇڏيائون.
پاڪستان جي فوج ۾ اڃا تائين ڪوبه سنڌي جنرل جي عهدي تي نه پهتو آهي. پاڪستان نيوي ۽ ايئرفورس ۾ سنڌين جي نمائندگي نالي ماتر آهي. ايئرمارشل عظيم دائود پوٽه کي حق مطابق ايئرفورس جو سربراهه مقرر ڪرڻ بدران هن کي افريڪا جي هڪ ملڪ زمباوي ڏانهن موڪليو ويو.
مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته پاڪستان جي عوام اقتدار تي لڳاتار فوجي قبضي سبب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هڪ ڀيري جيل ڪوٽڙيءَ مان لکيو ته هن ملڪ تي جيترو ڊگهو عرصو مارشل لا رهندو اوترو ئي پاڪستان جو وجود خطري هيٺ رهندو. ڀٽي صاحب اڳڪٿي ڪئي ته بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواه) کان اڳ سنڌ پاڪستان کي خدا حافظ چوندي.
1971ع ۾ مشرقي پاڪستان جي ڌار ٿيڻ سبب باقي بچيل پاڪستان سياسي توڙي معاشي طور انتهائي ڪمزور ٿي ويو. خاص طور پاڪستان جي سرحدن لاءِ ڪئين خطرا پيدا ٿيا. اهڙين حالتن کي سامهون رکندي سنڌ مان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي اول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ پوءِ وزيراعظم طور قبول ڪيو ويو. بعد ۾ کيس سياسي ميدان مان خارج ڪرڻ لاءِ قتل ڪيو ويو. اهڙو ئي حشر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ٿيو. اڄ پاڪستان جي 72 سيڪڙو آمدني سنڌ ڀري ٿي. ان کان علاوه پاڪستان کي 90 سيڪڙو تيل ۽ 70 سيڪڙو گئس پڻ سنڌ ڏي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جون 90 سيڪڙو نوڪريون فقط هڪ صوبي کي حاصل آهن. پاڪستان جي سڀني وفاقي وزارتن، واپڊا، پاڪستان ريلوي، پي آءِ اي، پلاننگ ڪميشن، پاڪستان ٽيليويزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ۽ ٻين سوين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.
بهرحال، جناب فضل سليمان قاضيءَ سنڌ سان گذريل 66 سالن دوران ٿيل ناانصافين جو هڪ ڊگهو پوتا ميل ڏنو آهي، جيڪو سڀني سنڌين کي ڏاڍي ڌيان سان پڙهڻ گهرجي. مصنف هڪ عالم، محقق ۽ باهمت قلمڪار آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته 66 سالن جي ڦرلٽ کان پوءِ اڄ سنڌي قوم حق گهرڻ يا وڃايل حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد بدران آهستي آهستي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ هرحال تي راضي رهڻ ۾ سلامتي سمجهي ٿي. هن کان اڳ جيڪي ڌريون سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪنديون هيون، انهن مان ڪيترائي هاڻ فيڊريشن ۾ رهڻ جي تبليغ ڪن ٿا.  اُهي سنڌ جي حقن بابت ڏاڍي خوف ۽ محتاط انداز ۾ ڳالهائين ٿا. فيڊريشن ۾ رهڻ سٺي ڳالهه آهي. پر هنن مسئلن جو ڪير جواب ڏيندو ته سنڌي قوم تمام تيزيءَ سان ”اقليت“ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي اڪانامي سنڌين کان ڦري ڌارين جي حوالي ڪئي ويئي آهي. سنڌ جا پيداواري وسيلا، ۽ روزگار جا حق مجموعي طور ڌارين جي قبضي هيٺ آهن. ڪڏهن ڪڏهن قومون ڊگهي عرصي تائين ناانصافيون برداشت ڪرڻ ۽ جبر سهڻ جون عادي ٿي وينديون آهن. هن وقت سنڌي قوم وٽ فقط هڪ مطالبو وڃي بچيو آهي ته .”نوڪريون ڏيو.“
افسوس آهي ته سنڌي قوم دنيا ۾ ٿيندڙ تيز انقلابي تبديلين کان پاڻ کي آگاهه رکڻ لاءِ تيار ناهي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان ويندي اڄ تائين دنيا جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ غلام قومون آزاد ٿي چڪيون آهن. وڏيون وڏيون بادشاهتون، جيڪي دهشتگردي ذريعي قائم ڪيون ويون، اهي لڳاتار ڀورا ڀورا ٿي رهيون آهن. هن وقت دنيا ۾ آزاد ملڪن جو تعداد 200 کان به وڌي ويو آهي. اهي آزاد ٿيل قومون صدين کان پوءِ پنهنجون مادري ٻوليون، مذهبي عقيدا ۽ تهذيبون بحال ڪري سگهيون آهن. صدين کان پوءِ هو پنهنجي مالي ۽ پيداواري وسيلن جا مالڪ ٿيا آهن.
سنڌ جي موجوده ساڍا اٺ ڪروڙ آباديءَ ۾ چار ڪروڙ ڌاريا ماڻهو آهن. چون ٿا ته پاڪستان جي آئين مطابق سڀني کي حق آهي ته هو ڪنهن به صوبي ۾ آباد ٿي سگهن. پر پاڪستان جي آئين ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته چار ڪروڙ ڌاريا فقط سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي ”اقليت“ ۾ تبديل ڪيو وڃي. سنڌين لاءِ اهو عمل ته فوجي ڪاهه کان به خطرناڪ ثابت ٿيندو. پاڪستان جي آئين ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته سنڌ جي لکين ڪارخانن جا سمورا  مالڪ فقط ڌاريا هجن. سنڌ جو سمورو ڪاروبار، سموري اڪانامي ڌارين جي حوالي هجي. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي اهو لکيل آهي ته سنڌ جون اڌو اڌ زرعي زمينون ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنيو وڃن هن وقت سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 50 لک افغاني آهن ۽ اوترائي پشتون فاٽا ۽ صوبي پختونخواهه کان سنڌ ۾ آيل آهن. موجوده حڪومت گهٽ ۾ گهٽ افغانين کي سنڌ مان ڪڍڻ جو سکڻو نعرو هنيو آهي، پر هڪ به افغانيءَ کي ڪڍي نٿا سگهن. انهن وٽ سنڌ پوليس کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار آهن. هاڻ ته اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ فوجي آپريشن سبب اتي جا لکين ماڻهو سنڌ پهچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پر اها محض خام خيالي آهي. انهن ماڻهن جا لکيل مٽ مائٽ اڳ ۾ ئي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ موجود آهن جيڪي وڏا وڏا ڪاروبار ڪن ٿا. اهي سڀ جا سڀ بنا رنڊڪ سنڌ ۾ آباد ٿي ويندا.
ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت سنڌ مان سٺ لک بنگالي ۽ بهاري ڪڍڻ لاءِ مهم هلائي هئي مگر هڪڙو به بنگالي يا بهاري سنڌ مان نه نڪتو. انهن کي هڪ سياسي پارٽيءَ گاڏيون ڀرائي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا.
اڄ حالت اها آهي ته سنڌ جي اڌواڌ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. اهي سنئون سڌو ڏاڍ مڙسيءَ سان چون ٿا ته هو پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائيندا. سنڌ حڪومت پورو زور لڳائڻ جي باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهي.
آخر ۾ اهو ئي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جناب فضل سليمان قاضيءَ کي سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙن بابت ٻيا ڪيترا مرثيه لکڻا پوندا. ڪڏهن اهي مرثيه رنگ لائيندا، ڪڏهن سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿيندو، اسان ڪڏهن ماٺ جي اعتڪاف مان نڪرنداسين.
اچو اچو ته اوريون، سڀئي گڏجي سورَ
ڪن گهڻا، ڪن ٿورا، ميڙي ٿيون مخمور
ان پر ڪري اسورَ، رات کٽايون روڄَ جي. - يوسف