01/05/2015

مهندار شاعره مريم مجيدي - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

سنڌي شاعرائن جي مهندار شاعره مريم مجيدي
سرواڻ سنڌي
سنڌي شاعرائن ۾ تاريخي طور تي پهريون نالو مرکان شيخڻ جو اچي ٿو جنهن کان پوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو سلسلو مختلف دورن کان ٿيندي رخسانه پريت تائين پهچي ٿوجن ادبي کيتر ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، پر انهن سڀني شاعرائن جي جيڪڏهن مهندار شاعره چئجي ته اها ننگر ٺٽي جي شاعره مريم مجيدي ئي آهي.
مريم مجيدي پنهنجي والد سائين محمد خان مجيديءَ کان جيڪو علم، ادب، ڏات ۽ سلو پرايو اهو سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. آپا مريم کي پڙهڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي آهي ته شاعري صرف مرد ذات جو ئي ڪم نه آهي ۽ سٺي شاعري صرف مرد شاعرن جي حصي ۾ ئي ناهي آئي ۽ مريم مجيدي ان سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو نه صرف شاعرائن پر مرد شاعرن سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس شاعري هروڀرو ڪنهن مرد شاعر جي به وس جي به ڳالهه نه آهي. پاڻ سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ وڏي شاعره پڻ آهي ۽ شايد زندگيءَ ۾ به ڪنهن کي دل سان سجدو ڪرڻ جو ارواهه ٿيو ته اها آپا مريم ئي آهي جنهن کي ڏسڻ سان سدائين هڪ احساس جاڳي ٿو ته اسان گهڻن کان ڀلا آهيون جو اسان وٽ مريم مجيدي جهڙي شاعره آهي ۽ هو سنڌ جي اوائلي شهر ٺٽي سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي ذات ۾ ايتري ته معتبر آهي جو سندس ڪردار پڻ سندس شاعري وانگر گهڻن جي مٿان حاوي آهي. آپا مريم ڪڏهن به پنهنجي وڏائي ۽ قد وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن کي به منٿ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري گهڻن کي ياد هوندو ته آپا مريم ڪڏهن پيدا ٿي آهي ۽ سندس سالگرهه جو ڏينهن ڪهڙو آهي جو ان ڏينهن تي ڪا اسپيشل سپليمينٽ ڪڍي سگهجي، ڇو ته آپا مريم ڪڏهن به مڃتا جي بکي ناهي رهي ۽ نه ئي وري ان جي گهوري رهي آهي هو صرف لکندي رهي ٿي ۽ اهڙو لکندي رهي ٿو جو سڀني جي خواهش هوندي آهي ته ڪاش آئون اهڙو لکي سگهان.

26/04/2015

”المسالڪ و الممالڪ“ - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

ابن خرداذبه ۽ سندس ڪتاب ”المسالڪ و الممالڪ“
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي اوائلي تاريخ ، تهذيب، سياست، سرحدن جي حد بندي، مذهبي معلومات، راجائن جو ذڪر ۽ طرز حڪومت وغيره عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ محفوظ آهي. ضرورت آهي ته انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ نئين سر لکي وڃي. اهڙن ماخذن جي تلاش ۾ هڪ ڪتاب جو نالو ” المسالڪ و الممالڪ“ يعني ”رستن ۽ ملڪن جو ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ ابن خرداذبه آهي.

سونهن کي سلام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سونهن کي سلام
رکيل مورائي

سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن جي انگ ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي، ”سونهن کي سلام“. هي ڪتاب اسان جي دوست شاعر اصغر سيتائيءَ جو آهي. جيڪو تازو ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ڪتاب ۾ شاعراڻيون صنفون جيڪي ڏنيون ويون آهن, انهن ۾ ترتيب وار نظم، غزل، گيت، ڪافيون، وايون، بيت ۽ چوسٽا شامل آهن. هيءَ لاجواب ڇپيل ڪتاب، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتري اهميت ماڻيندو, اهو، جڏهن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي نظرن مان گذرندو تڏهن پتو پوندو. پر اهو سچ آهي ته جڏهن ڪو به ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اچي ٿو ته بيحد خوشي ٿئي ٿي ۽ هيءُ ته وري شاعريءَ جو ڪتاب آهي.

18/03/2015

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟ - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟
سرواڻ سنڌي

شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي. شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي. ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!

16/03/2015

امداد حسيني کي ڀيٽا - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)

امداد حسيني کي ڀيٽا
سنڌ جي ڳالهه ڪريو.....
مشتاق گبول
سٺ واري ڏهاڪي ۾ امداد حسيني وڏي واڪ هيئن چوندو رهندو هو ته:
”سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻُڌنداسين.“
امداد حسيني اُنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي. اڄ به چئي رهيو آهي ته:
”سنڌ جي سينڌ پهريان سرتي،
پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي.
سڄي دنيا وسارڻي آهي،
سِنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.“

14/03/2015

اخلاق انصاري - فياض لطيف (Fayaz Latif)

اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين جي اردو ترجمي ’سائي ۾ ڌوپ‘ تي ٻه اکر
اخلاق انصاري ــ ٻوٽيل نيڻن ۾ جاڳندڙ خوابن جو ليکڪ
فياض لطيف

اخلاق انصاري چند انهن جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن منجهان آهي، جن جديد ڪهاڻيءَ کي نه رڳو ان جي حقيقي مفهوم ۽  معنى ۾ سمجهيو آهي، پر ان کي پنهنجي پوري روح ۽ رنگ سان پيش پڻ ڪيو آهي. هُن ٿورو، پر تمام گھڻو سگهارو ۽ تخليقي فڪشن سِرجيو آهي. سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين هن جا ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، ’رُڃ ۾ رابيل‘ ۽ ’مان ڪائنات آهيان‘ ۽ هڪ ناوليٽ ’اُڏوهي‘ جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته سندس هم عصرن مان ڪيترن جا هن کان ٻيڻا ٽيڻا ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن، پر هُن هميشه لِکڻ لاءِ نه لکيو آهي، ليڪن ’لِکڻ کي عشق بڻائي‘، ’جياپي لاءِ‘ لکيو آهي ۽ بلاشبه اخلاق جون ڪهاڻيون، سنڌ ۾ پڙهيون به ويون آهن، ته انهن جو انداز ۽ اثر به اپنايو ويو آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن به آرٽسيٽ ۽ ليکڪ لاءِ اعزار کان گھٽ نه ٿي هجي، ته ان کي پڙهيو ۽ ان جي پوئواري ڪئي ويندي هجي.

منظور ٿهيم جو ناول - فياض لطيف (Fayaz Latif)

منظور ٿهيم جو ناول ــ گذري وئي برسات
فياض لطيف

سنڌي ادب ۾ 80 ۽ 90 وارا ڏهاڪا، تحريڪ، تخليق ۽ فڪري سجاڳي جي حوالي سان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت ۽ سڃاڻپ رکن ٿا. هن دور ۾ نه فقط جديد سنڌي شاعري ۾ مزاحمتي، قومي ۽ ترقي پسند رجحانن جنم ورتو ۽ اها پنهنجي فني ۽ فڪري اوج تي رَسي، پر سنڌي فڪشن، خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ نجم عباسي، ماڻڪ، سراج، امر جليل، نورالهدى شاهه، خيرالنسا جعفري، طارق اشرف، رسول ميمڻ، بدر ابڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن چڱو پاڻ ملهايو. ناول، جنهن جي شروع کان سنڌي ادب ۾ اَڻاٺ رهي آهي، اهو پڻ هن دور ۾ ڪَرُ کڻي اڳتي وڌيو ۽ انهي سلسلي ۾ سراج الحق ميمڻ، غلام نبي مغل، ماڻڪ، آغا سليم، علي بابا، حليم بروهي ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن زندگيءَ جي سچائين ۽ سماجي ناانصافين کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻايو. قومي تحريڪن سان گڏوگڏ کاٻي ڌر جي سياست پڻ انهيءَ دور ۾ سرگرمِ عمل رهي ۽ ان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهن تحريڪن ۽ آدرشي تنظيمن ئي شعوري سجاڳي ۽ سياسي بيداري پيدا ڪري، ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن کان نه رڳو آشنا ڪيو، پر انهن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ عملي طور سياسي سٿ سان سلهاڙي ساڻ کنيو. سياسي ۽ سماجي محاذن تي سجاڳي کان علاوه علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پڻ ولولي ۽ وويڪ جو ماحول هو.

10/03/2015

احساس جا 26 رنگ! مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

احساس جا 26 رنگ!
مٺل جسڪاڻي
احساس جا 26 رنگ دراصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل، 230 صفحن تي ڇپيل تازي ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود 26 مختلف ڪهاڻين تي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي. هي ڪتاب ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد نومبر 2014ع دوران پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي. پروف ريڊنگ (صورتخطي ڏسندڙ) غير ذميوار شخص (مرد يا خبر ناهي عورت) جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي! اداري پاران ”ٻه اکر“ پرهه پروين گل، ”پنهنجي پاران“ قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ ”مزاح سرجيندڙ سنڌ جي واحد ليکڪا“ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم“ شبنم گل، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي جو لکيل تعارف آهي. فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي.

08/03/2015

راشد بروهي: اونداهين جو انڪاري شاعر - عباس ڪوريجو (Abbas Koreji)

راشد بروهي: اونداهين جو انڪاري شاعر
عباس ڪوريجو
هڪ سچي شاعر لاءِ شاعري ئي ان جي تخليقي سڃاڻپ ۽ فخر جو ڪارڻ آهي، شاعري شعور جو وهڪرو آهي، علم، عقل ۽ دانائيءَ جي گفتگو آهي، جيڪا هر شاعر پنهنجي مزاج، ماحول ۽ انداز کي سامهون رکي ڪندو آهي. ائين به چئي ٿا سگهئون ته اها هڪ کوجنا آهي جيڪا شاعر دريافت ٿو ڪري. جاميٽري باڪس کولي، ان جا اسڪيل رکي جيڪا شاعري ڪئي ٿي وڃي، اها رڳي ڊکاڻڪي آهي، شعور کان وانجهيل اهي موزون لفظ جيڪي اسڪيل جي ماپ مطابق رکيا وڃن، هرگز شعر جو درجو نٿا رکي سگهن.  شاعر هڪ مفڪر هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ان شعوري وهڪري ۾ فڪر ۽ ٻوليءَ جي اڻت سان لفظن ۾ معنى، احساس، ڪيفيت، وجود ۽ سرمستي شامل ڪري ٿو.
خوبصورت ۽ ڪامياب شاعر جي اها نشاني آهي ته ان جا سرجيل لفظ ساهه کڻندا، گفتگو ڪندا، مرڪ ۽ لڙڪ ونڊيندا ۽ پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي اندر کي جنجهوڙيندا آهن. هڪ شاعر جي تخليق تڏهن وڃي ڪمال کي رسي ٿي شعر جي سٽ پڙهي لفظن سان گڏ پڙهندڙ به سحر ۾ جڪڙجي، جهومي، نچي يا وجد جي ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي.

محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“
مٺل جسڪاڻي

پاڻ وٽ ئي نه، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، جنهن به ٻوليءَ ۾ لکي پڙهي سگهبو آهي، ان ٻولي ۾ نه صرف لکيو ويندو آهي، پر لکندڙ ۽ ان جي لکڻي تي به لکيو ويندو آهي. جيڪو جيڪو به لکندو آهي، اهو بظاهر ٻئي ليکڪ ۽ ان جي لکڻي تي لکندو آهي، پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي، ته ائين نه آهي. جيڪو به لکي ٿو، اهو ڪنهن به ليکڪ يا ان جي لکڻي تي تنقيد ڪري يا وري تعريف ڇو نه ڪري، اُن لکندڙ يعني مبصر يا نقاد جي لکڻي ۾، هُو پاڻ به موجود هوندو آهي.
ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ائين ڇو هوندو؟ اوهان جي ذهن ۾ اهڙا سوال اچڻ به گهرجن، ڇو ته اوهان جي ذات ۾ به دراصل اوهان پاڻ موجود آهيو ۽ اوهان جي جهڙي به تربيت ٿيل هوندي، اوهان جي جهڙي به ذهنيت هوندي، اوهان جي جيتري به شعوري سگهه، پهچ هوندي، اوهان جي ذهن ۾ سوال به ان نسبت سان اڀرندا ۽ اوهان جي راءِ به اهڙي جڙندي.