27/05/2015

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر - وسيم سومرو (Waseem Soomro)

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر
وسيم سومرو
منهنجي نظر ۾ شاعري خوبصورت فطرت جيان آهي ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ گيت اداس ڪويل جي ڪوڪ جيان آهي. شاعريءَ جي تنقيدي ڇيدن ۾ هڪڙو منهنجي پسند جو ڇيد هي آهي. ته ڪابه تخليق پڙهندڙ جي آڏو زيرو معنيٰ رکندي آهي. هاڻ پڙهندڙ جي پنهنجي تصور جي سگهه ان کي معنيٰ بخشيندي آهي.
منهنجي نظر ۾ جيئن جو تيئن AS IT IS اظهار ڪڏهن به شاعري ناهي هوندي. مون ڪجهه هفتا اڳ گلزار جو ڪتاب ”رات پشميني ڪِي“ پئي پڙهيو، ان ۾ هڪڙو نظم ”آرسي“ جي عنوان سان هو، جنهن جي پهرين سٽ آهي:
آئيني هاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.

20/05/2015

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر - راز شر (Raz Shar)

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر
راز شر
ريني ڊيڪارٽ جو قول آهي ته مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان، ماڻهوءَ جي وجود ۽ عزم کي سندس سوچ ئي ڌار ڪري ٿي. انسان کي سندس سوچ ئي ان جي منصب لاءِ مجبور ڪيو ته انسان اشرف المخلوقات سڏائي. اشرف المخلوقات مان مراد مڙني تخليقن کان اعليٰ ۽ اُتم. اهو به ان ڪري جو انسان نه رڳو سوچي ٿو پر ڳالهائي به ٿو، ان ڪري هُن اهو منصب پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو. نه ته انسان پنهنجي عادتن، خصلتن ۾ جانور کان به هيٺئين درجي وارو مقام رکي ٿو. توهان ڪڏهن جانور کي ٽوٿ برش ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر پوءِ به ان مان ڌپ نه ايندي آهي، پر انسان جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڏندڻ نه ڏئي ته ان جي ڀرسان بيهڻ به ممڪن نه هوندو آهي.
انسان بنيادي طور تي اشرف المخلوقات ناهي پر اها ان جي منزل آهي يا جيڪو هن خدا جي بابت سوچي رکيو، اها ئي مخلوقي اشرافيت يا مٿانهون درجو آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ ڪنسيڊر ڪري ٿو.

19/05/2015

راءِ گھراڻي جي تاريخ - ابو رافع (Abu Rafiu)

تاريخدان عبدالجيد نائچ جو ڪتاب
راءِ گھراڻي جي تاريخ
ابو رافع
سنڌ جي تاريخ تي ڪيترو ئي مواد موجود آهي، پر ان سڀ کي سهيڙڻ جي گهرج شايد سدائين رهندي. ڇاڪاڻ ته جيستائين اهو سمورو مواد سهيڙجي نٿو وڃي، تيستائين سنڌ جي اصلي تاريخ ليکي نه سگهبي.
تازو ئي راءِ گهراڻي بابت هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو آهي محترم عبدالمجيد نائچ، جيڪو راءِ گهراڻي بابت چڱي معلومات ڏئي ٿو. تفصيل ۽ ترتيب سان تاريخ لکڻ لاءِ هيءُ ڪتاب عربن جي فتح کان اڳ سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ خاندان بابت ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
ڪتاب ۾ مجموعي طور راءِ گهراڻي جي دور جو مختصر جائزو ڏنل آهي ۽ پوءِ جن راجائن بابت لکيو ويو آهي، انهن ۾ راجا راءِ ڏياچ، راجا راءِ سهيرس، راجا راءِ سهاسي،  راجا راءِ سهيرس ٻيون، راجا راءِ سهاسي ٻيون،  راڻي سونهن ديوي ۽ آخر ۾ ڏنل آهن، راءِ گهراڻي جا وزير.
راءِ گهراڻي جي دور جا هٿيار ۽ جنگي اوزار. سڀ گڏي ڪتاب راءِ خاندان تي روشني وجهندڙ آهي. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. هونئن سڀ ڪتاب پڙهڻ جهڙائي هوندا آهن، پڙهندڙ موضوع جي چونڊ پنهنجي پسند جي ئي ڪندو آهي.

تاريخ جي هڪ دور بابت هيءُ ڪتاب سانڍڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ ستر صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي ۽ هن ڪتاب کي ڇپايو آهي مارئي اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.

ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ - ابو رافع (Abu Rafiu)

بلوچ صحبت علي جو ڪتاب
ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ
ابو رافع 
بلوچ صحبت علي ان ٻوليءَ جو شاعر آهي جيڪا صدين جي تاريخ رکي ٿي ۽ اُن ڀونءِ تي رهي ٿو جيڪا اڄ جي تاريخ تائين ڀاڱا ٿيڻ کان بچي وئي آهي، پوءِ به هو پنهنجي تصور ۾ ائين محسوس ڪري تو ته ڀونءِ ڀاڱا ڀاڱا ٿي وئي آهي ۽ ان ڀونءِ  جو نوحو آهن هيءُ نثري نظم، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪتاب جو نالو آهي ”ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ“. نثري نظم سنڌ ۾ چڱو ئي لکيو ويو آهي پر ان کي اها اهميت اڄ تائين نه ملي سگهي آهي، جيڪا هند ۾ ان ساڳي صنف کي ”نئين ڪوتا“ جي نالي ۾ ملي آهي.
بلوچ صحبت علي هونئن سنڌي ٻوليءَ جو برجستو شاعر آهي، کيس شاعراڻي  علم عروض جي به چڱي ڄاڻ آهي ۽ غزل خوبصورت لکندو رهيو آهي پر هن ڪتاب ڇپائڻ وقت نثري نظم کي اهميت ڏني آهي. سندس هنن نثري نظمن ۾ شاعراڻا احساس آهن، ٻولي آهي، شاعراڻو اظهار آهي،  ڇاڪاڻ ته شاعر جو نثر سٺو ئي هوندو آهي، پر هر سٺي شاعر جو نثر به سٺو هجي، اهو ضروري نه آهي. صحبت جون ڪيتريون ئي سٽون روح تائين رسائي ڪن ٿيون ۽ اڄ جي نه رڳو عالمي حالتن پر ساڳئي وقت ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جو پڻ احوال ڏين ٿيون.
ان سڀ سان گڏ شاعر جو اعتماد پڻ موجود هجڻ گهرجي، جيڪو ڪتاب ۾ گهٽ نظر اچي ٿو.

هن هڪ سئو پنجونجاهه صفحن جي ڪتاب ۾ اسي صفحا نثر آهي، جيڪو صحبت عليءَ ۽ ٻين جو آهي، ان وقت فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو ته هي نثر جو ڪتاب آهي يا نظم جو؟ ساڳئي وقت ليکڪ جو پنهنجي لکڻ تي اعتماد/اعتبار به زخمي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ضربجڻ نه گهرجي. هن ٻه سئو رپين جي ملهه واري ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. اداري ڪتاب سهڻو ڪري ڇيو آهي. ان لاءِ ادارو جس لهڻي ۽ ان کان پهريان شاعر!

سنڌ جون شاعر عورتون - ابو رافع (Abu Rafiu)

غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
سنڌ جون شاعر عورتون
ابو رافع
هيءُ ڪتاب پنهنجي نالي مان اهو ته ٻڌائي ٿو اهو شاعر عورتن جي باري ۾ آهي پر ڪتاب جي وضاحت اها آهي ته هن ڪتاب ۾ شاعري آهي ۽ اها سڀ شاعري شاعر عورتن جي آهي، جنهن کي غلام مصطفيٰ  سولنگيءَ گهڻي  محنت سان گڏ ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ چاليهه شاعرائون آهن، جن جي چونڊ شاعريءَ سان گڏ سندن بايوڊيٽا ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڪن شاعرائن بابت مختلف اديبن جا ويچار پڻ ڏنل آهن، ائين هيءُ ڪتاب عورت شاعرائن جو هڪ گڏيل خوبصورت مجموعو ٿي پيو آهي.
شاعرن ۽ شاعرائن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ٺيڪ نه آهي پر هن ڪتاب مان سنڌي شاعراڻي ادب ۾ اسان جي محترم شاعرائن جو حصو چٽو ٿي بيٺو آهي، جيڪو ڪنهن تڪڙي حوالي کڻڻ لاءِ آسانيءَ سان ملي سگهندو، ان لاءِ غلام مصطفيٰ سولنگي جس لهڻي.
هن قسم جي ڪتابن تي ڪيترن محنت ٿئي ٿو اها فقط اهي شخص ڄاڻن ٿا، جيڪي اهڙو ڪم ڪن ٿا. چاليهن شاعرائن جو مواد هڪ هنڌ مليو آهي، ان کي سنڌي ادب لاءِ سٺو عمل چئبو، اهو ممڪن هئو ته ڪتاب کي ڪنهن ترتيب سان جوڙيو وڃي ها ته ان ۾ وڌيڪ نکار اچي ها!

سندي ادب جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سنڌي شاعرائون اڃا رهيل آهن جيڪي مرتب چواڻي ٻئي جلد ۽ ان کان وڌيڪ جلدن ۾ ترتيب ڏنيون وينديون، ڇو ته هيءُ ڪتاب جو پهريون جلد ڪري ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي سئو ويهه صفحا آهن ۽ ڪتاب تي چاليهن شاعرائن جا  چهرا پڻ نظر اچن ٿا. پڪي جلد واري هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي ڪتاب کي ڇپائيندڙ ادارو آهي سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ.

03/05/2015

ترڇا تير - ابو رافع (Abu Rafiu)

صدا لاشاريءَ جو شاعراڻو ڪتاب
ترڇا تير
ابو رافع 
”ترڇا تير“ اسان جي دوست صدا لاشاريءَ جو پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ هو علمي ادبي طور چڱي عرصي کان لکندو رهيو آهي، سندس مقالا، مضمون، ڪالم ۽ ليک الڳ الڳ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، پاڻ قانون جهڙي شعبي سان لاڳاپيل هوندي به شاعريءَ سان پريت رکي ٿو. اها هن جي اندر جي اساٽ آهي، جنهن کي هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري، پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو.
سندس شاعري ۾ سنڌ جا اهي سڀ مسئلا آهن، جيڪي اظهارڻ لاءِ هو هر وقت بيچين رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سوچيندڙ پڙهيو، ڪڙهيو ذهن آهي ۽ وري وڪالت جهڙي پيشي سان واسطو هجڻ سبب زندگيءَ جا ڪيترائي مشاهدا سندس اکين ڪيا آهن، جيڪي هن نثر توڻي نظر ۾ آندا آهن.

هن ڪتاب ۾ صدا هڪ نئين شاعر طور ظاهر ٿيو آهي، ٻيءَ طرح هن جو ادب سان لاڳاپو هڪ پڙهندڙ طور به رهيو آهي ته لکندڙ طور به! هاڻ جڏهن هو صاحب ڪتاب بڻيو آهي ته پڪ سان اسان جون واڌايون لهڻي ٿو ۽ اڳتي کانئس اها اميد به ڪجي ٿي ته هو لڳاتار شاعريءَ معرفت  نثر  معرفت سنڌي ادب کي ڪجهه ڏيندو رهندو. ”ترڇا تير“ ڪتاب نهايت حسين ڇپيل آهي ٻن رنگن جي ڇپائي ۾ ڪيترائي اسڪيچ وغيره پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آهن. جن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. ڪتاب جو مهاڳ اسان جي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي صاحب جو لکيل آهي، هن حسين ڪتاب ۾ هڪ سئو يارهن صفحا آهن ۽ ان جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. ڪتاب کي سهڻو ڇاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سر تي آهي.

ذهن جي ڪرشماتي طاقت - ابو رافع (Abu Rafiu)

ننگر چنا جو ترجمو ڪيل ڪتاب
ذهن جي ڪرشماتي طاقت
ابو رافع 
علم جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪيتري ئي تحقيق سامهون اچي وئي آهي ۽ اها انساني سماج ۾ قبوليت به ماڻي چڪي آهي. ڊاڪٽر جوزف مرفيءَ جو ڪتاب ذهن جي ڪرشماتي طاقت پڻ انهن ڪتابن مان آهي، جيڪي ڪتاب انساني شعور ۾ هڪ اهڙو واڌارو ڪندا آهن، جيڪو انسان کي عملي زندگيءَ ۾ ته ڪم ايندو ئي آهي پر اهو علم هن کي پنهنجي ذهني قوت کي پرکڻ لاءِ پڻ اتساهيندو آهي.
هيءَ ڪتاب پڻ اهڙو آهي، جنهن مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته انسان پنهنجي اندر موجود لڪل قوتن کي ڪيئن ڪتب آڻي سگهي ٿو. نوجوانن لاءِ رهنمائي ڪندڙ هي ڪتاب انهن ڪتابن مان به هڪ آهي جيڪي ڪتاب رڪارڊ وڪرو ٿيندا آهن  ۽ نه رڳو اهي پڙهيا ويندا آهن پر انهن مان ڀرپور لاڀ به ورتو ويندو آهي. اسان جي ملڪ جهڙن پٺ تي پيل ملڪن ۾ هن قسم جي ڪتابن کي سچ پڇ نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته نصاب نوجوانن سان سڌو لاڳاپو رکي ٿو ۽ اهو هن جي پڙهائي جو حصو آهي. ان ڪري هو ان کي لنوائي نٿو سگهي.

”ذهن جي ڪرشماتي طاقت، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ جو مقصد به اهو آهي ته ان مان سنڌي نوجوان فائدو وٺي، هن ڪتاب جو ترجمو اسان جي نوجوان اديب دوست ننگر چنا ڪيو آهي. هن قسم جو علم سنڌي نوجوان کي ڏيڻ جو نيڪ ڪم اسان جي شعوري واڌ لاءِ سدائين جاکوڙيندڙ اداري سنڌيڪا پاران ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻه سئو صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي. سنڌ جي نوجوانن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

ڪهاڻيون، ساروڻيون ۽ خط - ابو رافع (Abu Rafiu)

سليم نور حسين جون
ڪهاڻيون، ساروڻيون ۽ خط
ابو رافع 
اهو ته سچ آهي ته هر نج تخيلقڪار پنهنجي تخليقن ۾ پاڻ کي ئي تلاش ڪندو آهي، ٻئي ڪُجهه جي تلاش ٻئي نمبر تي آهي. اڳوڻو خواجه سليم ۽ اڄ جو سليم نور حسين هڪ ذهين ۽ خوددار ليکڪ/ شخص آهي. هن بنهه گهٽ لکيو آهي، پر جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان ۾ سندس اعتماد نظر ايندو آهي. چڱو ئي وقت ٿيو هن شايد ڪهاڻيون لکڻ هُڳائي ڇڏيون پر هن ڪيترين ئي سنڌي ڪهاڻين جا ترجما ڪيا، نظمن جا ترجما ڪيا ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾. خاص طور اياز جي گيتن جو انگريزي ترجمو ”سانگ آف فرينڊم“ سندس کاتي ۾ هڪ اهڙو ترجمو آهي، جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو. هو ڪنهن به نماءَ کانسواءِ اهڙو لکندڙ آهي، جيڪو ٿورهو لکندو آهي پر شانائتو لکندو آهي.

سندس اصلوڪي ميڙي چونڊي هيءَ ڪتاب آهي، جنهن کي سندس ڪليات به  ڪوٺي سگهجي ٿو. جنهن کي هن نالو ڏنو آهي. ”ڪهاڻيون، ساروڻيون، خط“ ڪتاب جي نالي سان ظاهر آهي ته سندس ڪجهه ڪهاڻين کان پوءِ ساروڻين نما مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪي سندس انهن دوستن اديبن بابت آهن، جيڪي سندس ساروڻين ۾ محفوظ آهن. جن ۾ حفيظ شيخ، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، مرغوب بجاري، ناصر مورائي، اشفاق قاضي، حميد سنڌي، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شيخ اياز شامل آهن، ساڳي وقت سندس پنج ڪهاڻيون ۽ هڪ اردو نظم ”خط“ جي نالي سان ڪتاب ۾ شامل آهي. ٻه سئو صفحن جي هن خوبصورت ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز پنهنجي رنگن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان جو ملهه رکيو آهي ٻه سئو رپيا.

نٽهڻ اس ۾ اڪيلو ماڻهو - رئوف عباسي (Rauf Abbasi)

نٽهڻ اس ۾ اڪيلو ماڻهو
رئوف عباسي
ادل سولنگي صاحب، ڪَوتا نگر ۾ ڪو نئون نالو يا تعارف ناهي. هن پنهنجي پاران ۾ پنهنجي مختصر ادبي سفر جي ڪٿا ٻڌائي آهي. نه فقط شاعريءَ ۾ پر، نثر جي ٻين حصن، بشمول صحافت ۾ به هُن پاڻ موکيو آهي. سندس مجموعو ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ ڪَوتا نگر ۾ توڙي جو هن جي پهرين وک آهي، پر اها وِک اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيندڙ آهيس. سندس مجموعي۾ رومانوي شاعريءَ جي وڏن نالن جا معتبر تبصرا ٿيل آهن، جن کي ورجائڻ جي ڪا گهڻي ضرورت ناهي.

مجمل التواريخ - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

مجمل التواريخ ۾ آيل سنڌ جو ذڪر
مختيار احمد ملاح
جيتري سنڌ قديم آهي، اوترو ئي سنڌ جي تاريخ تي ملندڙ ڪتابن جو ذڪر قديم آهي، اهو ذڪر گهڻو ڪري ان دور جي مؤرخن ۽ سياحن پنهنجي ڪتابن ۾ڪيو آهي. قديم دور کان سنڌ ڏاهپ، علم ۽ ادب جو مرڪز رهي آهي. پر خود سنڌ ۾ لکيل ڪتاب محفوظ رهي نه سگهيا. قديم هندن جي ڪتابن ويدن ۽ مهاڀارت ۾ انيڪ دفعا سنڌ جو ذڪر آيو آهي. يونانين پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌ جي ساراھ لکي آهي. عربن عالمن ته ڪيترين ئي جاين تي اعتراف ڪيو آهي ته هنن سنڌي زبان جي ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو عربيءَ ۾ ڪيو آهي. اهي ڪتاب علم ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي هئا. انهن ڪتابن جا اصل ليکڪ ڪير هئا، اهي ڪتاب ڪڏهن لکيا ويا هئا ۽ ڪهڙي رسم الخط ۾ لکيا ويا هئا، اسان وٽ انجي تحقيق صحيح نموني اڃا ڪو نه ٿي آهي. اهڙن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب مجمل التواريخ جو ذڪر عرب عالمن  گهڻو ڪيو آهي.