26/10/2015

ناول ”گذري وئي برسات“ - امر لغاري (Amar Lighari)

منظور ٿهيم جو ناول ”گذري وئي برسات“
سنڌ جي تاريخ سان مڪالمو
امر لغاري
Novelists are forever trying to distance themselves from politics, but the novel itself closes in on politics. Novelists are so concerned with “man’s fate” that they tend to lose sight of their own fate. Therein lies their tragedy. —Joseph Stalin      
جوزف اسٽالن جي نالي سان مٿئين ڪوٽيشن خبر ناهي ته اسٽالن جي آهي به يا نه، پر اها ڪوٽيشن جڏهن مون چيني ناولنگار مويان جي ناول Garlic Ballads جي شروعات ۾ پڙهي ته مون کي ياد آيو ته اسان جي ليکڪن جي گھڻائي وانگر دنيا جا اڪثر ليکڪ پڻ ان بحث ۾ مٿو کپائيندي نظر ايندا آهن ته ادب جو سياست ۾ ڇا وڃي! پر جڏهن مُڙي ادب ڏانهن ڏسجي ٿو ته دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ادب اهوئي نظر اچي ٿو جنهن ۾ سياست هڪ اهم جُز طور شامل هوندي آهي. ڪافي ماڻهو سياست اصل ۾ سياسي پارٽين، سياسي نظرين ۽ سياسي جدوجهد کي سمجھن ٿا. پر حقيقت هيءَ آهي ته سياست اتان ئي شروع ٿئي ٿي، جتان توهان ڪنهن سان ڪنهن ڳالهه تي اختلاف رکو ٿا يا سهمت ٿيو ٿا، يا ان اختلاف ۽ سهمتگيءَ جي حق ۾ پنهنجي راءِ حقيقتن ۽ ثبوتن آڌار دليلن سان پيش ڪيو ٿا. جنهن بعد نقطئه نظر وجود ۾ اچي ٿو. سياست ڪنهن به ڳالهه کي سمجھڻ، سمجھائڻ، سلجھائڻ، حالتن کي تبديل ڪرڻ جو مکيه هٿيار هجي ٿي. خاندان، قبيلن، ذاتين، قومن، سماجن ۽ رياستن جي تنظيم جو بنياد به سياست تي رکيل هوندو آهي. ان ڪري ادب مان سياست ڪڍي ڇڏڻ ايئن آهي، جيئن ڪنهن تلاءُ يا ڍنڍ ۾ تازو پاڻي ڇڏڻ بند ڪري ڇڏجي. انڪري مٿئين ڪوٽيشن ۾ اها ڳالهه برحق ٿي لڳي ته دنيا ۾ ناولسٽن جي گھڻائي جيترو پنهنجي پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اوترو ئي انهن جون لکڻيون ان ۾ وڪوڙيل نظر اچن ٿيون. مويان کان ويندي، اورحان پامڪ، ڪامو، سارتر، اسٽئينبيڪ، ٽامس مان، سولزي نٽسن، پاسترناڪ، جيمس جوائس، ٽالسٽاءِ، نارمن ميلر، ڪٽزي، بين اوڪڙي، وي ايس نائپال، ڊي ايڇ لارينس، مارگريٽ ايٽووڊ، جيڪ لنڊن، سنڪليئر ليوس، ڊورس ليسنگ، هرٽا مولر، ميلان ڪُنڊيرا، نجيب محفوظ، جارج آرويل، جون گالزوردي، ولادمير نوبڪوف، چنوئي اچيبي، اي ايم فوسٽر، هيمنگوي، ڪادري، ڪاپوشينسڪي، شولوخوف، گورڪي، خوشونت سنگھه، ڪپلنگ ۽ سوين ٻيا پنهنجي لکڻين مان سياست کي ٻاهر نه ڪڍي سگھيا، بلڪه انهن مان ڪيترائي سياسي لکڻين ڪري مشهور ٿيا. انڪ ري اهو چوڻ ته نظرين جي ناولن ۾ ڪا گنجائش ناهي پنهنجي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ جي برابر آهي.

19/10/2015

دليل ۽ مشاهير نگاريءَ ۾ فرق - علي آڪاش (Ali Akash)

دليل ۽ مشاهير نگاريءَ ۾ فرق
علي آڪاش
هن بحث جو اهم مامرو ”غزل کي انڪار“ ۽ ”عروض جي قبر“ وارو آهي. آئون ان پاسي تي سوچيندو پئي آيو آهيان ته نيٺ به ڳالهه ڪندڙ دوست کي اهو خيال ڇو آيو؟ ڇو هن هڪ جڙي راس ٿيل ۽ عام مقبول صنف نثري نظم جي ٺهيل ٺڪيل ۽ عاليشان عمارت جي ٻاهران ”گجراتي برانڊ نئين ڪوتا“ جو بورڊ لڳايو. ان عمل جو ڪو ته محرڪ هوندو يا ڪو ته ڪارڻ هوندو. مثال طور نام نهاد نئين ڪوتا جو حمايتي دوست پاڻ عروض جو سخت پابند شاعر آهي. ان حد تائين جو اهو يورپ ۾ اڻلڀ ٿيندڙ سخت ساخت وارا سانيٽ به رائج عروضي پابندين هيٺ لکي رهيو آهي. انهن جو به ڪريڊٽ کيس ان طرح ڏنو پيو وڃي ته جهڙوڪ هن ئي اها صنف متعارف ڪرائي هجي. توڻي جو اها صنف اڳي به، اڃا به ويجهي ماضيءَ ۾ به، گهڻن شاعرن سرجي آهي، جنهن جي ڪري کيس ملندڙ ڪريدٽ تي به سوال اٿاريا ويا آهن. اها به حقيقت آهي ته گهڻن شاعرن جي اڪيچار ڪوششن کان پوءِ به، سنڌي شاعريءَ ۾ سانيٽ جي صنف پنهنجي پاڙ پختي ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي. تنهن هوندي به، ڪو شاعر ان کي ٻيهر لکي ٿو ته اهو به ٺيڪ آهي. کيس اهڙي تخليقي آزادي هئڻ کپي ته هو پنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر لکي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اڳين دورن ۾ ان صنف لاءِ حالتون ٺهڪندڙ نه هجن. متان هاڻي اها پنهنجي جڙ جوڳي نموني سنڌي شاعريءَ ۾ هڻي بيهي ۽ سنڌي شاعريءَ هڪ وڌيڪ صنف جو واڌارو ٿي پوي. صنفون جيتريون گهڻيون هونديون، شاعر لاءِ اظهار جا رستا اوترا ئي گهڻا ۽ کليل هوندا. عروضي صنفن هو دوست پاڻ لکي ٿو ته پوءِ عروض يا ڇند جي مخالفت ڇو ڪري رهيو آهي؟ عروض ۽ ڇند وديا تي آڌاريل يا سرجي ويندڙ اهم ۽ عام مقبول صنف ”غزل“ جي مخالفت به ڪري رهيو آهي. ان لاءِ هو اهڙي راءِ رکي رهيو آهي ته غزل هڪ شاعراڻي اظهار جي وسيلي طور وڌيڪ جٽاءَ نه ٿو ڪري سگهي ۽ سچ چوڻ واري ”ڪڙي گوري“ هو ئي کائي رهيو آهي! جڏهن ته ٻئي پاسي هو پنهنجا سرجيل غزل عامن اڳيان به پيش ڪري رهيو آهي. اهو هڪ ڳالهه رکندڙ جي ذهن جو تضاد آهي ۽ لڳي ٿو ته هو ٻڏتر جو شڪار آهي. يعني هو ان ئي شيءِ يا عمل خلاف اعتماد ۽ وڏي واڪي ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو هو پاڻ ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ ڪو مثال قائم نه ٿيندو آهي. ان لاءِ موقف ۽ عمل ۾ هڪجهڙائي ضروري هوندي آهي. مثال طور شيخ اياز پنهنجيءَ ڄمار جي پڇاڙڪي حصي ۾، جڏهن ذهني طرح نئين پنڌ تي هو ته هن پنهنجيءَ پوئينءَ شاعريءَ تان کڻڻ جو اعلان ڪيو هو. اها سندس هڪ فنڪاراڻي ايمانداري هئي ته هن وقت ۾ جيڪو درست سمجهيو، اهو چيو. اهڙي جرئت ان دوست کي به ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ”گجراتي برانڊ نئين ڪوتا“ يا ”حقيقي طور موجود نثري نظم“ ۾ هو ايتري سگهه سمجهي ٿو ته کيس هڪ مثال قائم ڪرڻ کپي، جنهن جي پوئواري ڪري سگهجي. پڪ سان، سندس اهڙو اعتراف ۽ اعلان کيس ادبي تاريخ ۾ نمايان ڪري بيهاريندو ۽ ان جي اهڙي عمل کي هر طرح ساراهي سگهبو.

11/10/2015

سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Ji...

سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Ji...: ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ مٺل جسڪاڻي پهاڪا ۽ چوڻيون علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري ٻولي جي سونهن آهن، ۽ پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا ...

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“
مٺل جسڪاڻي
پهاڪا ۽ چوڻيون علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري ٻولي جي سونهن آهن، ۽ پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا به تفصيلي ڳالهه ڪرڻ، ردعمل ۾ ڊيگهه ڪرڻ کان سواءِ به مقصد ڀري تمام وڏي ڳالهه ڪري سگهبي آهي.
سنڌ اتر، لاڙ، وچولي، ٿر (ريگستان)، ڪوهستان (جابلو پٽي، ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ ورهايل نه هجڻ باوجود ورهايل آهي. سنڌ جي مجموعي ٻولي هڪ سنڌي ئي آهي، پر سنڌ جي مختلف خطن ۾ ان هڪ سنڌي زبان جا لهجا به مختلف آهن.
ٻولي جي لهجن بابت گهڻا سال اڳ پڙهيو هئم، پر جيئن ته سنڌي منهنجو مضمون نه رهيو، ان ڪري ٻولي جي حوالي سان ڪا خاص ڄاڻ به نه اٿم.

26/09/2015

ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ تي هڪ نظر ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ تي هڪ نظر
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جي برجستي صحافي، شڪارپور ڄائي نسيم بخاريءَ جو ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ شايع ٿي ادبي دنيا ۾ پهتو آهي. نسيم بخاري گھڻي عرصي کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو. هن پنهنجي لکڻين ۾ عوام جي اهنجن، ايذائن ۽ مسئلن جي اپٽار ڪري پنهنجي فرض شناسائي جي روايت قائم رکي آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ سنڌ جي سورن ۽ پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور جي ڀوتارن جي ڀوائتي شڪل ڏيکاري آهي ۽ انهن جي ارادن ۽ وارداتن کي عوام آڏو پيش ڪري وڏيرڪي ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي.

ارم محبوب: احساسن ۽ رنگن جي شاعره - اسحاق انصاري (Ishaq Ansari)

ارم محبوب: احساسن ۽ رنگن جي شاعره
اسحاق انصاري
مون کي زندگيءَ ۾ ٽن ڳالهين نه ٿيڻ جو افسوس رهندو آهي، هڪ ته شاعر نه ٿي سگھيس، نه وري ڪو ڳائڻو ٿي سگھيس ۽ نه وري ڪو آرٽسٽ/پينٽر ٿي سگھيس. مون کي آرٽ جا اهي ذريعا پنهنجين ڪيفيتن کي امالڪ ۽ ان گھڙي اظهارڻ جا انسٽنٽ طريقا لڳندا آهن. اسان نثر لکڻ واري ماڻهو کي پنهنجو هڪ اظهار ڪرڻ لاءِ به ڪيترن لمحن، ڏينهن جوانتظار ڪرڻو ٿو پئي ته ڪو موڊ ٺهي ته ان اظهار کي سنواري پيش ڪجي. پر جيئن ته آرٽ جون اهي ٽئي فيلڊون مون وٽ موجود ناهن ان ڪري اهي وڻنديون به گھڻيون آهن. هونئن به انسان وٽ جنهن شيءِ جي کوٽ هوندي آهي ان جي جستجو يا ان لاءِ پسنديدگي گھڻي هوندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن هڪ ئي صنف يا آرٽ جي ميدان ۾ گھڻن پاسن جو مرڪب ٿي پوندو آهي. ڪڏهن نثر ۾ شاعري نظر ايندي آهي ته ڪڏهن وري شاعريءَ ۾ پينٽنگ جيان عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا آهن. ته ڪٿي وري انهن لفظن يا رنگن کي هڪ جيئرو وجود به ملي پوندو آهي بالڪل ايئن جيئن سرنهن جي ڪنهن ٻنيءَ جو فوٽو يا پينٽنگ ڏسي ان جا رنگ جيئرا ٿي پوندا آهن ته ان وقت ان ٻنيءَ ۾ پکين جون لاتيون به ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته وري ٻنيءَ جي ڀر ۾ ٺهيل ڪچي گھر مان نڪرندڙ دونهون به نظر ايندو آهي. ائين شاعري ۾ به رنگ، احساس، خوشبو جيئريون ٿي پونديون آهن. مون جڏهن ارم محبوب جو ڪتاب ”۽ پوءِ...“ پڙهيو ته مون کي اهو ئي احساس جاڳيو ته اهي لفظ نه، پر احساسن جي صورت ۾ ڪي اولڙا، ڪي رنگ ۽ ڪي خوشبوئون چوڏس پکڙجي ويون آهن. ان جو ثبوت اوهان کي ميڊم ماهتاب جي چند سٽن مان به ملندو جيڪي مان حوالي طور تي هتي ضرور ڏيڻ چاهيندس.

30/08/2015

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب - محمد سليمان وساڻ (Mohammad Suleman Wasan)

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب
ڳالهيون پيٽ ورن ۾
تبصرو: محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ٻن جُلدن ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نامناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سلطانا وقاصي سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سلطانا وقاصي جي ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون. 

20/08/2015

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب - اسحاق سومرو (Ishaq Soomro)

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب
اسحاق سومرو
سنڌ ۾ دانشوري به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ حرفت طور استعمال ڪئي ٿي وڃي. اسان جا ڪيترائي دوست، مها ڏاها، دانشور، صحافي ۽ اديب پنهنجي قلم کي قوم دوست بجاءِ خود دوست رکڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا آهن. اسان جا ساڳيا دوست قلم جي نوڪ مان نڪتل ڏاهپ کي سماجي چڱ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پاڻ کي ڪو سياسي فائدو ڏيارڻ يا سماجي رتبو مٿڀرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هيءَ صورتحال اهڙن معاشرن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي جي رهواسين وٽ ضمير ۽ قومي سوچ نالي ڪو وکر نه هجي ٿو ۽ هو هڪ اهڙي ميڙ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا آهن، جتي هرڪو ماڻهو ذاتيات جي ڪيمسٽريءَ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي. سندن سياسيات، سماجيات، معيشت ۽ زندگيءَ جا ڪلي ونهوار وکريل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي قومي وحدت ۽ فڪر جي اجتماعي سگهه ۽ وجود جي باقي رهڻ جو سوال، اسان جي خالي دماغن مٿان لامار ڏيندو رهي ٿو.

15/08/2015

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا!
مبارڪ علي لاشاري
سماجي، سياسي ۽ مذهبي انتشار پوسٽ ماڊرن حقيقت ۽ صورتحال جو اهو نمونو آهي جيڪو کيس ماڊرن ۽ نيو ڪلاسيڪل روايتن مان مليو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال انهي مظهر کي پڻ پنهنجي فلسفي ۽ فڪر جي جوهر ۾ سمائي افسوس بجاءِ مثبت ترقي سڏيو آهي جيڪو ڪافي حد تائين تاريخ جو سبق ۽ ارتقا جو ڏاڪو آهي. ارتقا جي انهي ڏاڪي تي پهچندي پوسٽ ماڊرن سوچ ۽ فلسفي جتي ميٽا نئريٽوز تي تنقيد ڪئي آهي اتي اضافيت جي پرچار ڪري ڄڻ کاٻي ڌر جي انتهاپسندي کي پڻ للڪاريو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال جتي ڪيترائي فڪري لاڙا پاڻ ۾ سمايا آهن ۽ انهن مان نوان لاڙا ۽ گس پڻ ڪڍيا آهن پر پوءِ به وقت جي سماجي سائنسدانن هيل تائين انهي سوچ کي ڪو مضبوط لاڙو، نظريو يا فڪر نه سڏيو آهي، منهنجي نظر ۾ شايد ان جو اهو سبب به هجي جو پوسٽ ماڊرن صورتحال اڃا پوري طرح ڪٿي سهيڙجي ڪنهن جامع تجزيي يا فڪري تڪ تور ۾ نه اچي سگهي آهي جو ان جي باري ۾ ڪجهه حتمي چئي سگهجي ڇوته هي صورتحال پنهنجي فڪر، جوهر ۽ ڦهلاءَ ۾ ايڏو وسيع ۽ ڳنڀير آهي جو ان کي ايتري مختصر عرصي ۾ سهيڙڻ ممڪن نه هجي. تمام گهڻين پيچيدگين جي باوجود هي فڪر پنهنجي دامن ۾ ڪائناتي سماج جي هر قوت ۽ سوچ کي پاڻ ۾ سمايو آهي. ان لاءِ هن فڪر جي ڪنهن به حتي الامڪان گهٽ ۽ گهيڙ جو ڪو ڪاٿو نه آهي. ان پسمنظر ۾ ڪرسٽوفر بٽلر 2003ع جو تجزيو آهي ته پوسٽ ماڊرنزم “a loosely constituted and quarrelsome political party.”” هڪ ڍلي طرح اڻيل ۽ هڪ جهڳڙالي سياسي تنظيم وانگر آهي. يعني ان جي اڻت سخت قاعدن ۽ قانون بجاءِ کليل قاعدن وانگر ۽ دنيا و سماج جي هر فڪر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سياسي تنظيم وانگر آهي.

03/08/2015

تاريخ مظهر شاهجهاني - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

يوسف ميرڪ جو ڪتاب
تاريخ مظهر شاهجهاني
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي تاريخ جا اوائلي ماخذ گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ۾ دستياب آهن. عربي ۾ لکيل اڪثر ماخذ عربن جي سفر نامن ۽ تذڪرن ۽ حوالن ۾ ملن ٿا. فارسيءَ ۾ لکيل تاريخون درٻاري مورخن ۽ ليکڪن جون لکيل آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل هوندوا آهن. عوامي خوشحالي يا تنگدلي جو احوال بنهه گهٽ ڏنل هوندو آهي يا هوندو ئي نه آهي. اهڙيون تاريخون، محض آقائن يا حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ انعام ۽ اڪرام حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون وينديون آ  هن. پر مظهر شاهجهانيءَ جي نالي سان، سنڌ جي مغل دور حڪومت بابت هيءَ تاريخ فارسيءَ ۾ يوسف ميرڪ لکي، جنهن ۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي زيادتين ۽ ظلمن جو ڪچو ڄٺو ڏنل آهي.