”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو
غوث پيرزادو
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر سعيد سومري جي
شعري مجموعي جو نالو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته تخليقي حوالي سان سندس چوٿو ن ڪتاب آهي.
هن مجموعي کان پهرين هو ”سرءُ جي اداس سانجهه“ جي نالي سان (2000ع) ۾ غزلن جو مجموعو پڙهندڙن
کي پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو شعري مجموعو ”درد جي باک“ (2001) ۾ ڇپيو ۽ وري 2006ع ۾ هن ”دعا مان ڪريل لفظ“ جي نالي سان شاعراڻي نثر جو
هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آندو.



