25/01/2016

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“ اسير امتياز (Aseer Imtiaz)

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“
اسير امتياز
منهنجي ڪمري جي ڪٻٽ ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي مون بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن سان گڏ ڪجھ اهڙا بہ ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي اڃا تائين مون کوليو بہ ڪونهي، اُھا سُستي چوان يا بدذوقي، پر الائي ڇو اُهي ڪتاب بنا پڙهڻ ۽ پرکڻ جي اڄ تائين منهنجي مطالعي جي انتظار ۾ رهن ٿا.
شاعر جو پنهنجو موڊ هجي ٿو، هُو پنهنجي موڊ تحت سوچي ٿو ۽ پنهنجي ئي موڊ تحت لکي بہ ٿو تہ پڙهي بہ ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن من جي بيقراري دور ڪرڻ لا ڪتابن ۾ پناھ وٺبي آهي تہ ڪڏهن وري ڪتابن کان پري بہ رهڻو پوي ٿو. اها هڪ ڪيفيت هوندي آهي.جنهن ۾ شاعر هر وقت گم رهندو آهي.
منهنجي تنهائي مون کي هر وقت ڪتابن سان ملايو آهي ۽ ڪتابن وري سٺن خيالن سان روشناس پئي ڪرايو آهي.

08/01/2016

ڪتاب ”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)

 سعيد سومري جي ڪتاب
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو
غوث پيرزادو
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر سعيد سومري جي شعري مجموعي جو نالو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته تخليقي حوالي سان سندس چوٿو ن ڪتاب آهي. هن مجموعي کان پهرين هو ”سرءُ جي اداس سانجهه“ جي نالي سان (2000ع) ۾ غزلن جو مجموعو پڙهندڙن کي پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو شعري مجموعو ”درد جي باک“ (2001) ۾ ڇپيو ۽ وري 2006ع ۾ هن ”دعا مان ڪريل لفظ“ جي نالي سان شاعراڻي نثر جو هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آندو.

02/01/2016

ڪتاب ”بارش جي دعا“ - بنسي خوبچنداڻي (Bansi Khubchandani)

ڪتاب ”بارش جي دعا“
بنسي خوبچنداڻي
منهنجو وشواس آهي ته هر ڪنهن انسان جي اندر ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي ڪوتائون، ڪيئي ڪتاب اُڪريل آهن. ڪن کي وجهه ملي ٿو اُهي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ۽ گهڻا آهي افسانا پاڻ سان کڻي ٿا وڃن. ائين به ٿيندو آهي ته اُهي ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ وارتائون ڪيترا سال اندر ۾ پچي ڪري راس ٿيون ٿين ۽ پوءِ هڪ ٻوڏ وانگر من جون سڀيئي ديوارون ٽوڙي اکرن جي ڇوھ کڻي اچي ٿيون پڙهندڙن جي من کي ڌونڌاڙين!
ائين ديوي ناگراڻيءَ سان به ٿيو هوندو، نه ته هوءَ ٿورن سالن ۾ ئي سنڌي ۽ هندي ادب کي ايترا ڪتاب ڪيئن ڏيئي سگهي ها؟
ڪراچيءَ(سنڌ) ۾ جنم وٺي هوءَ ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ آئي ۽ پوءِ وڃي آمريڪا جو شهر نيو جرسي وسايائين جو نيويارڪ جي بلڪل ئي ويجهو آهي. نيوجرسي ئي ديوي ناگرانيءَ جي ڪرم ڀومي ٿي رهيو. هاڻي ديوي ڪجهه وقت نيو جرسيءَ ۾ رهندي آهي ۽ شايد انکان گهڻو وقت باندرا-ممبئيءَ ۾.

12/12/2015

فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري - محمد پنهل ڏهر (Muhammad Punhal Dahar)

 محمد پنهل ڏهر

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور پاران رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قائم ڪيل مشهور ۽ قديم سچل سرمست لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ جي نالي سان 1997ع ۾ اردو ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪئٽلاگ جو مرتب محترم محمد يوسف خشڪ آهي، جو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مشهور اسڪالر جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف فاضل مرتب خود هن طرح ڪيو آهي: ”هن لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو راز مون تي منهنجي استاد محترم پروفيسر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر نجم الاسلام ظاهر ڪيو هو ۽ ان سان گڏ قلمي نسخن جي تفصيلي فهرست مرتب ڪرڻ لاءِ به صلاح ڏني هئي. استاد محترم جو مشورو مون لاءِ حڪم برابر هو. انهن قلمي نسخن تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم نه هو، خاص طور تي اهڙي شاگرد لاءِ جيڪو خادم العلم ته آهي، ليڪن محقق نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جھڙا انسان جنهن کي به چاهين ادبي لائين تي بيهارين.  مون کان به اهڙيءَ طرح هي وڏو ڪم ڪرايو ويو. حڪم جي تعميل ۾ دير ضرور ٿي، ليڪن خدا جو شڪر آهي جو تڪميل خير خوبي سان ٿي.“ (فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري، صفحو 13).

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا اکر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا  اکر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب، انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾ شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ ”اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ ’سنڌو‘ جا پرچا ڏيان.“
’سنڌو‘ رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي مون کي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين، جلد ٻڌل پرچا، نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھي صاحب ڏنو ھيم.

09/12/2015

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“ (Dr. Memon Abdul Majeed Sindhi)

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
تازو سنڌي زبان جي مقبول ۽ مشهور شاعر ادستاد بخاريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لهر لهر دريا“ نالي سان ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو“ طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صحفن تي مشتمل آهي، ان ۾ استاد بخاريءَ صاحب جا چؤسٽا ۽ رباعيون آيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ چؤسٽا آهن. شروع ۾ جيڪي چؤسٽا آهن. انهن مان هر هڪ  چؤسٽي تي جدا جدا عنوان آهي، ان کان پوءِ مختلف عنوانن تي سلسليوا چوسٽا آهن. ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نَو چؤسٽا ۽لال لطيف جي عنوان هيٺ ٻارنهن چؤسٽا آيل آهن. اهڙي طرح سلسليوار ٻيا چؤسٽا به آيل آهن.
ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ رباعيون آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتابي سلسلي جي بانيڪارن طرفان ”مقصود گل“ جو شاعر ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ان کان پوءِ مشهور شاعر ” سرڪش سنڌيءَ“ جو مزرا جي عنوان هيٺ مهاڳ ڏنل آهي.

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“ مبصر: عبدالقيوم صائب (Abdul Qayoom Saib)

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“
مبصر: عبدالقيوم صائب
هي ڪتاب اصل ۾ يونان جي وڏي ڏاهي شخص- افلاطون- لکيو هو. ايڏو ته اهم ۽ مکيه ڪتاب آهي، جو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان جي انگريزي ترجمي ”Republic“ تان سنڌي ٻوليءَ ترجمو ڪري، ان جو ”رعيتي راڄ“ نالو رکيو ويو آهي. اهو ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي ڪيو آهي، جيڪو نهايت سليس، روان ۽ فصيح ٻوليءَ ۾ آهي، تنهنڪري هر ڪا ڳالهه پڙهڻ سان چٽيءَ ريت سمجهڻ ۾ اچي ٿي.

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”ڳوٺاڻو ڳڙ“ لاءِ لکيل ”ٻه  چار  لفظ“
 رياضت ٻرڙو

سنڌ جي لوڪ ڏاهپَ؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي روپ ۾، سنڌي ماڻهن جي رويّن ۽ مزاجن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي رهي آهي. سنڌي ماڻهو، جڏهن، پهاڪن ۽ چوڻين جو ٺهڪندڙ ۽ بَر وقت واهپو ڪن ٿا ته ڄڻ انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي سماجي ڪارج ۽ ڪردار کي ادا ڪن ٿا ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ کي لفظن جي خوبصورتيءَ ۽ ادائگيءَ ۾ اظهارڻ سان گڏوگڏ معنى ۽ مفهوم جي بامقصد سرگرميءَ مان لطف اندوز ٿيڻ سُوڌو، پاڻ کي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سمايل آزمودن ۽ تجربن سان سلهاڙين ٿا.
ڏسڻ ۾ اهو پڻ اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون؛ اسان جي ماضيءَ جا مشاهدا ۽ تجربا پڻ آهن، جن جو عملي استعمال حال ۽ مستقبل جي متوقع بهتريءَ، تنبيهه ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف، پهاڪن ۽ چوڻين جي لفظن منجھان، انهن لفظن جي لغوي توڙي سماجي ۽ اصطلاحي معنائن جو دلچسپ مطالعو پڻ ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن جي قدامت کي پڻ پرکي سگھجي ٿو.

26/10/2015

ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا
جامي چانڊيو

غلط تصور ۽ مفروضا جيتوڻيڪ غلط ته هوندا آهن، پر اُهي انساني تهذيب جا ڪي منفي عنصر نه آهن، جن جو تاريخ ۾ رڳو منفي ڪردار هجي. جيڪڏهن انساني تهذيب ۽ سوچ جي ارتقا جي سفر ۾ انسان جا غلط تصور ۽ غلط مفروضا نه هجن ها، ۽ فطرت، ڪائنات، زندگيءَ ۽ ٻين انيڪ موضوعن بابت انسان جا تصور، خيال، قدر، ڏند ڪٿائون ۽ ڌُڪا جيڪڏهن غلط نه هجن ها ته انساني تهذيب ۽ فڪر جي اؤسر جو هيءُ سفر ايئن اڳتي وڌي به نه سگهي ها. انڪري اهو جيڪو چيو ويندو آهي ته جيڪا شيءِ غلط آهي، اُها پنهنجي اثر ۽ نتيجن ۾ به مڪمل طور منفي هوندي، فلسفي جي خيال کان ايئن نه آهي. هي جيڪي به فطرت، ڪائنات ۽ سماج جا موضوع آهن، انسان انهن بابت شروع ۾ ظاهر آهي ته رڳو ڌُڪا هنيا آهن ۽ غلط ڳالهيون ئي ڪيون آهن. اصل ڳالهه اِها آهي ته انسان انهن شين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ تصور تخليق ڪيا آهن، انهن شين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا ماڻَ ماپا، اندازَ ۽ ڍنگَ اختيار ڪيا آهن. اڄ فطرت، ڪائنات، سماج ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن موضوعن جي باري ۾ جيڪي به تصور آهن، انهن جو بنياد اِهي غلط تصور ئي هئا. جيڪڏهن غلط تصور نه هجن ها ۽ ماڻهو انهن جو اعتقاد نه ڪن ها، ته ماڻهو ڪا جستجو ئي نه ڪري ها- ماڻهو ڳولا ئي نه ڪري ها، ان ڪري هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته غلط تصور ۽ مفروضا جيتوڻيڪ غلط هوندا آهن پر انهن جو اثر ۽ آخري نتيجو لازمي طور ۽ هر لحاظ کان رڳو غلط نه هوندو آهي.

ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج
جامي چانڊيو
زندگيءَ جو ڪوبه شعبو ۽ انسان جو ذهني ۽ تخليقي پورهيو يا ڪم مڪمل، آخري ۽ ڪمزورين کان آجو ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۽ انساني شعور ۽ احساس هڪ مسلسل تبديل ٿيندڙ، متحرڪ ۽ زندهه عمل آهي. ان ڪري زندگيءَ ۽ سماج جي هر سوچ، عمل، وهنوارُ ۽ مظهرَ جي لاڳيتي پرکَ ۽ ڇنڊڇاڻَ ٿيندي رهڻ گهرجي، ان بابت گفتگوءَ ۽ سوچَ وِيچار جو عمل هر سطح تي جاري رهڻ گهرجي ۽ ان کي ئي سماج جو تنقيدي شعور چئبو آهي. جنهن سماج ۾ تنقيدي شعور نه هوندو، يا اُهو متحرڪ، تخليقي ۽ ذميوار نه هوندو ته اُهو سماج عقلي، احساساتي، ذهني ۽ فڪري ترقي ڪري؛ اِهو ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري عقليت پسند ۽ سائنسيت توڙي منطقيت جي حامل فلسفين ۽ مفڪرن هميشه تنقيدي شعور کي سماج ۾ مسلسل وڌائڻ تي زور پئي ڏنو آهي، جنهن کانسواءِ انساني سماج اڳتي وڌي ۽ اُسري؛ اهو ممڪن نه آهي. اِن حوالي سان تنقيدي شعور جو اطلاق ادب ۽ فن تي پڻ ٿئي ٿو، جنهن کي ادبي ۽ فني پرک يا تنقيد چئجي ٿو.