11/03/2016

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟ - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟
سرواڻ سنڌي


شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي، ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب ”هينئڙو ڏاڙهون گل“ جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
”ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!“

10/03/2016

سنڌ جو عطار (سچل سرمست) - آزاد ”انور“ ڪانڌڙو (Azad Anwar Kandhro)

آزاد ”انور“ ڪانڌڙو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سنڌي ادب جا اهڙا انمول رتن آهن، جن تي سنڌ واسين کي هميشه ناز آهي ۽ رهندو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، پر سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سچل سرمست جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر تي پهريون ۽ بنيادي عملي ۽ تحقيقي ڪم 1902ع ۾ مرزا علي قلي بيگ ڪيو. ان کان پوءِ سچل سرمست رحه جي مختلف شارحن ۽ پارکن سندس شاعري ۽ پيغام جو جائزو وٺي سندس ڪلام جي آسان سمجھاڻي پڙهندڙن جي سامهون پيش پئي ڪئي آهي. 1959ع کان وٺي هر سال سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. 1980ع کان وٺي ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي شايع ڪرڻ جو بندوبست شروع ٿيو. 1959ع کان وٺي 1999ع تائين جي ڊگھي عرصي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پر مغز مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا. انهن مقالي نگارن ۾ ڪي اهڙا به شارح آهن، جيڪي تقريباً هر ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مقالا پيش ڪندا ٿا رهن. انهن خاص عالمن ۾ محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق به آهي.

25/01/2016

پهرين جنوري نصير سومرو (Naseer Soomro)

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم ڏينهن
پهرين جنوري
نصير سومرو
”پهرين جنوري“ زماني جي چڪر اندر چڪر سٿيل ڏينهن مان هڪ ڏينهن آهي، جيڪو هونءَ ته عيسوي سال جي پهرين مهيني جو پهريون ڏينهن آهي پر اسان جي گهڻ گهريي دوست ۽ نامياري ليکڪ انور ابڙي جو جنم ڏينهن به آهي ته هن جي نڪور ڪهاڻين جي ڳٽڪي جو نانءُ به آهي.
حياتيءَ جي آس پاس جنم وٺندڙ ڪهاڻين منجهان سرجيل ڪهاڻين جا رنگ جدت ۽ ”صوفيت“ جي گڏيل احساس جو اديباڻو اظهار آهن. هوند ۾ ڪهڙي اڻهوند آهي ۽ اڻهوند ۾ ڪهڙي هوند آهي جينيس ليکڪ ئي ڳولي پنهنجن پڙهندڙن آڏو علامتي انداز ۾ آڻيندو آهي. احساس جو هي دريافتي شعور پڙهندرن جي ستل شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۽ حياتيءَ جي هاڃن کي هر حال ۾ سهڻ جي سڪت جا امڪان ڳولي لهڻ ۾ ٻانهن ٻيلي بڻجندو آهي. هي امڪان ٻين ذريعن سان پڻ ڳولي لهڻ جون ڪوششون ڪبيون رهبيون آهن ته جيئن روحاني اوسر جو سفر جاري رهي، پر ڪتاب جو پڙهڻ رومانيويت سان ڀرپور شغل آهي جيڪو هجوم کان الڳ ٿلڳ بيهاري مهذب انسان طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو.

سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

مختيار احمد ملاح جي لکيل
سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
سنڌ ۾ لکيل سنڌي ادب جون تاريخون ڪي گهڻيون نه آهن، پوءِ به ڪي اهم تاريخون آهن، جن کي وقت سر اپ ڊيٽ نه ڪرڻ سبب اهي اهم هوندي به مڪمل گهٽ آهن.
اسان جي نوجوان دوست، مختيار ملاح چڱي عرصي کان ان سلسلي ۾ پئي پاڻ پتوڙيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن هڪ بيمثال ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي ۾ لکيو آهي، ” سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ هي هزار کن صفحن جو گرنٿ هاڻ مارڪيٽ ۾ موجود نه هجڻ سبب هو ان کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ ڪيترائي واڌارا ڪري رهيو آهي، ساڳئي وقت هن سنڌي ادب جي تخليقي صنفن تي پڻ هڪ سيريز لکي آهي، جنهن جو پهريون جلد آهي، سنڌي ناول جي مختصر تاريخ ٻيو جلد آهي سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ ۽ هاڻ ان سلسلي جو آخري ڪتاب آيو آهي ” سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ“ مختيار ملاح انهن نوجوانن مان آهي، جن ۾ سچ پچ بيپناھ جذبو آهي، محنت ڪرڻ جو کوجنا ڪرڻ جو ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪنهن به ڪم کي توڙ تائين پڄائڻ جو. اهڙيون صلاحيتون اڄ جي نوجوان ۾ خاص طور تحقيق واري پاسي وقت ڏيندڙن ۾ گهٽ ئي آهن.

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“ اسير امتياز (Aseer Imtiaz)

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“
اسير امتياز
منهنجي ڪمري جي ڪٻٽ ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي مون بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن سان گڏ ڪجھ اهڙا بہ ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي اڃا تائين مون کوليو بہ ڪونهي، اُھا سُستي چوان يا بدذوقي، پر الائي ڇو اُهي ڪتاب بنا پڙهڻ ۽ پرکڻ جي اڄ تائين منهنجي مطالعي جي انتظار ۾ رهن ٿا.
شاعر جو پنهنجو موڊ هجي ٿو، هُو پنهنجي موڊ تحت سوچي ٿو ۽ پنهنجي ئي موڊ تحت لکي بہ ٿو تہ پڙهي بہ ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن من جي بيقراري دور ڪرڻ لا ڪتابن ۾ پناھ وٺبي آهي تہ ڪڏهن وري ڪتابن کان پري بہ رهڻو پوي ٿو. اها هڪ ڪيفيت هوندي آهي.جنهن ۾ شاعر هر وقت گم رهندو آهي.
منهنجي تنهائي مون کي هر وقت ڪتابن سان ملايو آهي ۽ ڪتابن وري سٺن خيالن سان روشناس پئي ڪرايو آهي.

08/01/2016

ڪتاب ”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)

 سعيد سومري جي ڪتاب
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو
غوث پيرزادو
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر سعيد سومري جي شعري مجموعي جو نالو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته تخليقي حوالي سان سندس چوٿو ن ڪتاب آهي. هن مجموعي کان پهرين هو ”سرءُ جي اداس سانجهه“ جي نالي سان (2000ع) ۾ غزلن جو مجموعو پڙهندڙن کي پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو شعري مجموعو ”درد جي باک“ (2001) ۾ ڇپيو ۽ وري 2006ع ۾ هن ”دعا مان ڪريل لفظ“ جي نالي سان شاعراڻي نثر جو هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آندو.

02/01/2016

ڪتاب ”بارش جي دعا“ - بنسي خوبچنداڻي (Bansi Khubchandani)

ڪتاب ”بارش جي دعا“
بنسي خوبچنداڻي
منهنجو وشواس آهي ته هر ڪنهن انسان جي اندر ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي ڪوتائون، ڪيئي ڪتاب اُڪريل آهن. ڪن کي وجهه ملي ٿو اُهي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ۽ گهڻا آهي افسانا پاڻ سان کڻي ٿا وڃن. ائين به ٿيندو آهي ته اُهي ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ وارتائون ڪيترا سال اندر ۾ پچي ڪري راس ٿيون ٿين ۽ پوءِ هڪ ٻوڏ وانگر من جون سڀيئي ديوارون ٽوڙي اکرن جي ڇوھ کڻي اچي ٿيون پڙهندڙن جي من کي ڌونڌاڙين!
ائين ديوي ناگراڻيءَ سان به ٿيو هوندو، نه ته هوءَ ٿورن سالن ۾ ئي سنڌي ۽ هندي ادب کي ايترا ڪتاب ڪيئن ڏيئي سگهي ها؟
ڪراچيءَ(سنڌ) ۾ جنم وٺي هوءَ ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ آئي ۽ پوءِ وڃي آمريڪا جو شهر نيو جرسي وسايائين جو نيويارڪ جي بلڪل ئي ويجهو آهي. نيوجرسي ئي ديوي ناگرانيءَ جي ڪرم ڀومي ٿي رهيو. هاڻي ديوي ڪجهه وقت نيو جرسيءَ ۾ رهندي آهي ۽ شايد انکان گهڻو وقت باندرا-ممبئيءَ ۾.

12/12/2015

فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري - محمد پنهل ڏهر (Muhammad Punhal Dahar)

 محمد پنهل ڏهر

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور پاران رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قائم ڪيل مشهور ۽ قديم سچل سرمست لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ جي نالي سان 1997ع ۾ اردو ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪئٽلاگ جو مرتب محترم محمد يوسف خشڪ آهي، جو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مشهور اسڪالر جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف فاضل مرتب خود هن طرح ڪيو آهي: ”هن لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو راز مون تي منهنجي استاد محترم پروفيسر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر نجم الاسلام ظاهر ڪيو هو ۽ ان سان گڏ قلمي نسخن جي تفصيلي فهرست مرتب ڪرڻ لاءِ به صلاح ڏني هئي. استاد محترم جو مشورو مون لاءِ حڪم برابر هو. انهن قلمي نسخن تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم نه هو، خاص طور تي اهڙي شاگرد لاءِ جيڪو خادم العلم ته آهي، ليڪن محقق نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جھڙا انسان جنهن کي به چاهين ادبي لائين تي بيهارين.  مون کان به اهڙيءَ طرح هي وڏو ڪم ڪرايو ويو. حڪم جي تعميل ۾ دير ضرور ٿي، ليڪن خدا جو شڪر آهي جو تڪميل خير خوبي سان ٿي.“ (فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري، صفحو 13).

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا اکر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا  اکر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب، انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾ شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ ”اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ ’سنڌو‘ جا پرچا ڏيان.“
’سنڌو‘ رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي مون کي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين، جلد ٻڌل پرچا، نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھي صاحب ڏنو ھيم.

09/12/2015

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“ (Dr. Memon Abdul Majeed Sindhi)

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
تازو سنڌي زبان جي مقبول ۽ مشهور شاعر ادستاد بخاريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لهر لهر دريا“ نالي سان ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو“ طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صحفن تي مشتمل آهي، ان ۾ استاد بخاريءَ صاحب جا چؤسٽا ۽ رباعيون آيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ چؤسٽا آهن. شروع ۾ جيڪي چؤسٽا آهن. انهن مان هر هڪ  چؤسٽي تي جدا جدا عنوان آهي، ان کان پوءِ مختلف عنوانن تي سلسليوا چوسٽا آهن. ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نَو چؤسٽا ۽لال لطيف جي عنوان هيٺ ٻارنهن چؤسٽا آيل آهن. اهڙي طرح سلسليوار ٻيا چؤسٽا به آيل آهن.
ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ رباعيون آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتابي سلسلي جي بانيڪارن طرفان ”مقصود گل“ جو شاعر ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ان کان پوءِ مشهور شاعر ” سرڪش سنڌيءَ“ جو مزرا جي عنوان هيٺ مهاڳ ڏنل آهي.