شاعري ”لفظن جي سوجهري ۾“
محمد سليمان وساڻ
منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر مٺياڻيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ
جوڪتاب موجود آهي. ڪتاب ورايان ٿو اندر پڙهان ٿو ۽ وري اڳئين صفحي تي شاعر جو
تعارف پڙهان ٿو. هي ڪتاب دوست گُل بهار باغائيءَ موڪليو
آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ هر طرف گُلن جي سُرهاڻ محسوس ڪيان ٿو ته شاعرن جي هيءَ
مالا به الائي ڪيترا گُل ۽ سرهاڻ پئي آڇي. ڪجهه وقت کان گڏيل شاعرن جا مجموعا پڙهڻ
لاءِ ملن پيا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اهي دوست جيڪي ڪتاب ڇپائڻ جو ست ڪونه ساري پئي
سگهيا هاڻ انهن جي شاعري نه صرف عام تائين پهچي ٿي پر تاريخ ۽ ڪتاب گهرن جي زينت
بڻجي وڃي ٿي.
ڪتاب لفظن جي سوجهري ۾ ڪل چوڏهن شاعرن
جي شاعري موجود آهي، جن مان مسرور پنائي ۽ حسن صوفاڻي مٺياڻيءَ جا ناهن پر هنن جو
هتان جي ادبي حوالي سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي شاعري به شامل ڪئي
وئي آهي. باقي سڀ شاعر مٺياڻي يا آسپاس جا آهن جن ۾ آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاهه،
عبد الجبار جوش، گل بهار باغائي، جاويد امر، غاذي امداد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، امين
چانڊيو، راهب پنهور، ڊاڪٽر منظور ملڪ، شهريار علي ۽ مظهر عباس ٿهيم شامل آهن.





