ڪتاب ”نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو“
امتياز منگي
جيڪڏهن دنيا جي نقشي کي گول ڦيرائبو
ته ائين لڳندو ته ڪو جسماني تنتي سرشتو، گولائي ۾ گهمي رهيو هجي. گهڻو غور سان ڏسبو
ته دنگن ۾ قيد رياستون، نيرو آسمان ۽ سمونڊ، صحرائون ۽ تڪراري يا مقبوضه علائقا، آڱرين
هيٺان ڍڪجي ويندا. ڪنهن مهل ته نه نقشو سمجهه ۾ ايندو نه پري ڪيل هٿ جون ليڪون. ان
نقشي ۾ اهڙي ڪا علامت يا ليجنڊ ڏيکاريل ناهي جيڪا شهر جي ڪيفيت يا قرباني ظاهر ڪندي
هجي. هر شهر بس ائين ڏسڻ ۾ ايندو ڄڻ ته ڪنهن پائلٽ جي سهولت لاءِ ليڪيو ويو هجي.
نقشي ۾ ڪجهه عالمي اهميت جا شهر
واضح نموني نظر ايندا. جيئن روم، ڪراچي، استنبول، پئرس، لنڊن ۽ واشنگٽن وغيره. وري
دماغ ويڙهائبو ته ڪتابن کان وڌيڪ فلمن جا منظر ذهن ۾ ڦرندا.



