سنڌي شاعريءَ جو مست قلندر
سائل پيرزادي جي شعري مجموعي
”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو
غوث پيرزادو
پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ پرين ۽ شهزادن جي ڪهاڻين ۾ موجود شهزادن جهڙو پراسرار شخص ۽ شاعر جو نالو آهي سائل پيرزادو، جنهن جي اکين ۾هڪ سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي. بظاهر هن خاموش شاعر جي شاعري هڪ آتش فشان آهي، جيڪو آتش فشان دنيا کي ساڙي ۽ ٻاري رکڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو:
حقيقت هن حال جي ظاهر
ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن
وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. (شاهه)
هن شاعر جا ٽهڪ اوڙڪون ڪري سانوڻيءَ
جي مينهن جيان وسي پوندا آهن ته شاعري بڻجي پوندا آهن ۽ جهڙالي جهڙي سندس شاعري
پڙهي روح اداس ٿي وڃي ٿو. سندس گفتگوءَ ۾ بارشن کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ مٽيءَ
جي سڳنڌ ماڻهوءَ تي خمار طاري ڪري ڇڏي ٿي. ڳالهين جي ڳهير سائل پيرزادي جي ڪچهرين
۾دريائي ڪچي جي ماڻهن وارو مزو رکيل آهي جنهن جي ڪچهرين مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي
آهي. سندس شاعري به سندس شخصيت جو ڀرپور عڪس آهي. هي وڏين اکين وارو اداس شاعر
پنهنجي شخصيت مان مون کي انهن بي باڪ جوڌن مان بچي نڪتل سپاهي لڳندو آهي جن ڌرتيءَ
جي دشمن جلادن سان ويڙهه وڙهندي پنهنجي جوانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن کي مان ايترو
نه سڃاڻان، پوءِ به سندس تخليق منهنجي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو اها فطرت
جيان حسين، خوبصورت ۽ معصوم آهي. هن جيڪي به ڪجهه لکيو آهي سو سندس دل کان ٻاهر
ناهي. هن جي سٽ سٽ سندس ٽٽل جذبن جو آواز آهي. هن جي شاعري آرٽيفيشل ناهي تنهن ڪري
هر پڙهندڙ سندس شاعري سان گڏ سفر ڪري ٿو.



